سنڌ ڌرتي هميشه اهڙا سپوت پيدا ڪندي رهندي آهي، جن جي شخصيت جي ڪري سنڌ کي هميشه ناز رهندو آيو آهي انهن شخصيتن مان ڪيتريون ته اهڙيون شخصيتون هيون جيڪي پنهنجو وارو وڄائي ۽ راهه رباني وٺي ويا جن لاء حضرت مخدوم طالب الموله صاحب رح جن هي الفاظ چيا آهن (جهڙڦر لاتي جن، موٽيو سي ٿا وڃن ) ( مگر وري شيخ اياز صاحب سنڌ لاء هميشه اميد جي ڪرن ڏسندي ڪيڏو نه خوب چيو آهي ته جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ، هن ڀوڻء ڪئي ٻئي ڀرٿي آ۔ ) ۔ سنڌ ڌرتي جي انهن ماياناز شخصيتن مان وادي مهرڻ جي هڪ آواز محترمه سائڻ عابده پروين پڻ هڪ آهي، ( جنهن تي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن کي ناز آهي۔ )
عابده پروين 1957ع ڌاري سنڌ جي مشهور شهر (جن اهڙيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن ،جن پوري دنيا ۾ اهيو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ڪا قوم آهي، ۽ اها قيدري ذهين قوم آهي، ) لاڙڪاڻي جي محلي علي گوهر آباد ۾ استاد غلام حيدر خان جي گهر ۾ اک کولي ۔.سندس والد موسيقيءَ جو وڏو شوقين هو.عابده کي شروعاتي راڳ جون رمزون والد سمجهايون.والد کان بعد هن لاڙڪاڻي ۾ استاد ميهر علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتي.هن استاد سلامت علي خان ۽ استاد محمد جمن کي پنهنجو استاد ڪري مڃيو آهي.هن استاد محمد ابراهيم ۽ استاد وحيد علي خان ( استاد وحيد علي خان صاحب سان گڏ هڪ وڊيو پڻ هت ڏجي ٿي جنهن مان پڻ اهيو اندازو ٿئي ٿو ته عابده پروين محترم وحيد علي صاحب کان به راڳ جي سکيا ورتي ) ۽استاد منظور علي خان کان متاثر ٿي سندن انداز مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو.
1970ع ۾ سندس خاندان لاڙڪاڻي مان لڏي مٽياري ۾ رهائش اختيار ڪئي.کيس ريڊيو تي آڻڻ وارو دين محمد زمان مٽياري هو.سڀ کان پهرين 1972 ع ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ” شوقيه ڳائيندڙن “ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.کيس فن کي نکارڻ ۽ سنوارڻ ۾ شيخ غلام حسين وڏي محنت ڪئي ۽ هن هڪ سال اندر تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪري ورتي. عابده پروين نه صرف سنڌي ۾ ڳايو پر هن سنڌي کان علاوه اردو، پنجابي، ۽ سرائڪي ۾ پڻ ڳايو، عابده پروين سنڌ ڌرتي جي اها شخصيت آهي جنهن تي پورو پاڪستان ناز پيو ڪري، عابدو پروين پاڪستان کان علاوه دنيا جي ڪيترين ئي ملڪن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڏيکاري چڪي آهي، عابدو پروين کي سندس فن جو قدر ڪندي پرائيڊ آف پرفارمنس 1982ع ۾ ڏنو ويو ۽ ستاره امتياز 2005ع ۾ ڏنو ويو، ان کان علاوه عابده کي شاه لطيف ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هو۔ ڪمال جي ڳالهه ته اهيا آهي ته عابده پروين جي ٻولي کي نه سمجهندڙ ( انگريز ) به سندس گائڪي تي جهومندا آهن، اهيا اٿو دل ۽ من جي زبان جنهن کي لفظن جي شايد ضرورت ناهي پوندي۔ سنڌ سلامت جا دوستو هت مان توهان لاء سائڻ عابده پروين جو مختصر انٽرويو ۽ سندس ڳايل مشهور ڪلام ونڊ ڪيان ٿو ، اميد ته منهنجو هي ڪم پسند ايندو۔ ۔
ڪي اهڙيون شخصيتون ٿينديون آهن جن کي رب العالمين طرفان ديومالائي قسم جون خوبيون عطا ٿينديون آهن ۽ ڄمندي ئي ڄام هوندا آهن ۔۔۔ اسانجي سنڌ جي راڳ جي راڻي محترمه عابده پروين به اهڙن انسانن مان آهي ۔۔۔ سندس گيت ۽ سنگيت ايترو ته پراثر آهي جو ٻڌڻ سان ماڻهون پاڻ مراديو جهومي پوي ٿو ۽ سندس سچائيءَ سبب هن وقت برصغير هند ۾ ڳائڻيءَ جي نسبت سان اوچو مقام حاصل ڪري چڪي آهي ۔۔۔ صوفي راڳ جو هڪ اهم نشان ٿي پئي آهي ۔۔۔
سان کي پنهنجي تهذيب جي هر سٺي روايت تي فخر هئڻ گهرجي ۽ ان کي زنده رکڻ اسان جو فرض آهي، پر ساڳئي وقت دنيا ۾ بدلجندڙ صورتحال تي به نظر رکڻ گهرجي. اسان کي ٻين جيڀلائي لاءِ سوچڻ سان گڏ پنهنجن انفرادي ۽ اجتماعي مفادن جي تحفظ لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ ان کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.پروين کي انڊيا ۾ بطور جج جي گهرايو ويو هو۔ ساجد ۽ واجد جيڪي پڻ ميوزڪ ڊاريڪٽر به آهن۔ انهن جي پروگرام ۾ ته مونکي فخر محسوس ٿيو سنڌي اجرڪ سان عابده صاحبه ججمينٽ ڪئي۔ سائين منهنجا اسانجي سنڌي زبان جي نمائندگي ڪندڙ کي الله سائين پنهنجي امان ۾ رکي (امين)[/color]
ڀاء علي اڪبر اهيا توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هر تحرير تي نظر رکندا آهيو، پر ڀاء توهان کي اهيو عرض ڪندس ته برائي مهرباني منهنجي تحرير تي پنهنجا خيالات تحرير ڪندا ڪريو ته توهان جي مهرباني ٿيندي، پوء ڀلي اهي ڪمينٽس منهنجي حق ۾ نه به هجن۔ ڪا ڳالهه نه آهي، بلڪه مون کي ته ان ڳالهه جي به خوشي ٿيندي۔
سائين تاج محمود امروٽي صاحب ر ح
سنڌ ۾ آزادي واري تحريڪ جي تاريخ، مولانا تاج محمودامروٽيءَ جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري سمجھي ويندي. سنڌ جيعالمن ۽ مشائخ جي طبقي ۾ مولانا امروٽي جو نالو ڪارونجھر جيڪر جيان اونچو ۽ اڏولٿو نظر اچي. انھيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آھي ته سنڌ گذريل سوا کن صديءَ جي عرصي ۾، اسلام سان محبت،دين جي انقلابي تصور جي واڌاري، بدعت ۽ منڪرات جي پاڙ پٽڻ،غيرمسلمانن ۾ اسلام جي تبليغ ۽ قومي تحريڪن ۾ بھرو وٺڻ جيسلسلي ۾ مولانا امروٽيءَ جھڙو ٻيو ڪو شخص پيدا نه ڪيو آھي.مولانا جيزندگي جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته، جتي سندن ذاتيزندگي، خدا خوفي، تقويٰ، ذڪر، تسبيح ۽ عبادتن سان ڀرپور ھئي،اتي نيڪين جي تلقين ۽ دين کي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنھنجومثال پاڻ ھئا. اھڙي ھمه گير ۽ ڀرپور شخصيت جي زندگيءَ باب افسوس آھي ته ڪو ڪتاب نه لکيو ويو آھي. روزانه الوحيد جي رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته مولانا دين محمد وفائي ۽ مولاناعبدالڪريم چشتيءَ، مولانا جي حياتي جي باري ۾ جدا جدا ڪتابن لکڻ جو خيال ظاھر ڪيو ھو. پر اھو ارادو عملي شڪل اختيار نه
ڪري سگھيو. انھيءَ کان پوءِ، مولانا ابوبڪر شبليءَ، مولاناامروٽيءَ بابت ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر موت کيس مھلت نه ڏني.لاڙڪاٹي جي ھڪ استاد محمود شاه، مولانا امروٽيءَ تي پي.ايچ. ڊي جو مقالو لکيو آھي، جيڪو 6 ست سئو صفحن تي مشتمل آھي. پر بدقسمتي سان انھيءَ مقالي ۾ مولانا جي انقلابي ڪردار ۽قومي تحريڪن ۾ بھري وٺڻ ۽ سياسي ميدان ۽ آزاديءَ جي جنگ ۾ڪردار ادا ڪرڻ جي احوال بدران، مولانا موصوف جي معجزن،ڪرامتن ۽ ڪشف والھام جو ذڪر آھي. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌيالاجي شعبي جي سربراھه ڊاڪٽر غلام علي الانا جي اھا راءِ بلڪل درست آھي ته، انھيءَ مقالي ۾ مولانا جي قومي ڪردار کي نظر انداز ڪري، مولانا جي ھمه گير شخصيت کي ڌڪ رسايو ويو1 ع ڌاري خيرپور رياست 8 5 آھي. مولانا تاج محمود امروٽي، 7جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ديوات ۾ پيدا ٿيا. مولانا سيد گھراٹي مان ھو،جيڪو علائقي ۾ رشد وھدايت جو سرچشمو ليکيو ويندو ھو. مولاناجو والد سيد عبدالقادر علائقي جو وڏو عالم ۽ ھڪ باعمل مسلمان ھو، جنھن پنھنجي پٽ کي، قرآن مجيد جي تعليم گھر ۾ ڏني، ۽ پوءِ فارسي پڙھائڻ لاءِ مولانا محمد قاسم الرا واري جي مدرسي ۾ داخل
ڪرايو.ان زماني ۾ سنڌ ۾ مولانا عبدالقادر پنوھاري (تعلقو روھڙي)جي علميت جو چئوٻول ھو. مولانا امروٽي به درس نظامي کي اتي مڪمل ڪيو، ۽ پوءِ پنجاب ۾ ديني علم جي چشمن مان فيض حاصل
ڪيائين. ديني تعليم جي پڄاٹيءَ کان پوءِ، روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا محمودالحسن جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو فيصلوڪيائون، پر ڪن اڻ ٽر مجبورين سبب، ائين نه ٿي سگھيو. بعد ۾
سنڌ جي ممتاز روحاني پيشوا حافظ محمد صديق ڀرچونڊي رحه جي خدمت ۾ حاضري ڏنائون.حافظ صديق رحه سيد احمد شھيد جي تحريڪ کان متاثر ھو ۽ سوئي واري بزرگ جو خليفو ھو. ۽ سوئي وارو بزرگ حضرت پيرشاھه جي والد پير سائين محمد راشد روضي ڌٹي · سائين صبغت ارحه جو مريد ھو.
مولانا تاج محمود امروٽي صاحب جن چاليھن ڏينھن تائين ۽ ھڪ ٻي روايت مطابق اڍائي مھينن تائين، حافظ محمد صدي رحه جي خدمت ۾ رھي، فيض حاصل ڪيايون.سنڌي مسلمان ٿيڻ لاءِ · انھيءَ عرصي ۾، مولانا عبيدلله حافظ محمد صديق رحه وٽ آيل ھئا ۽ اتي ئي مولانا امروٽي ۽ مولانا
سنڌي جي وچ ۾ تعلقات جي شروعات ٿي.مولانا جي تربيت کان پوءِ، حافظ محمد صديق رحه حڪم ڏنو
تعاليٰ جي دين جي دعوت ڏي! ۽ · ته امروٽ وڃي ماٹھن کي ابدعت ۽ براين خلاف جھاد ڪر! (امروٽ لاڙڪاٹي ۽ سکر جي وچ۾ واقع آھي، ۽ اتي ئي مولانا امروٽي جي وڏن جون قبرون آھن)جيڪي انھيءَ وقت بدعت ۽ شرڪ جو مرڪز بٹيل ھيون. حافظ محمد صديق، مولانا تاج محمود کي امروٽ روانو ڪرڻ وقت مددلاءِ ٻه مريد به ھن سان روانه ڪيا. امروٽ اچي ڏٺائون ته، سندن وڏن جون قبرون شرڪ ۽ بدعتن جو اڏو ۽ چرس ۽ ڀنگ جي موالين جو مرڪز بٹيل ھيون. ڪجھه ڏينھن اصلاح جي طريقن تي ويچار ٿيندو رھيو ۽ آخرڪار مريدن جي مدد سان موالين کي ڀڄائي ڪڍيائون.موالين جي انھيءَ مرڪز ۾ مسجد جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو. مولانا امروٽيءَ پنھنجي ھٿن سان ڪچيون سرون ٺاھڻ
شروع ڪيون ۽ مريد کيس مٽي کوٽي ڏيندا ھئا. اھڙي طرح مسجد ٺھي راس ٿي ۽ پوءِ مسجد جي ڀرسان مدرسو به تعمير ڪيو ويو.ڪيتري عرصي تائين، مولانا امروٽي ۽ سندس مريد، ساٿي ۽ شاگرد نھايت تنگي ۽ فاقن تي ڏينھن گذاريندا رھيا. روزگار جو ڪو ذريعونه ھو. ڳوٺ جي ھڪ نيڪ مرد وڏيري مستي خان، اھڙي حالتڏسي، مولانا کي مالي مدد جي آڇ ڪئي، جيڪا انھيءَ ڪري مولاناقبول نه ڪئي جو پنھنجي ڪم ۾ مداخلت جو امڪان ھو. مولاناانھيءَ مرحلي تي نٿي چاھيو ته مالي مدد ذريعي ڪوئي، سندس رٿيلڪم تي اثر انداز ٿئي. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ جڏھن شاگرد ۽ سالڪوڏي تعداد ۾ اچڻ لڳا ۽ مولانا ماٹھن جي توجه جو مرڪز بٹجي ويوته، پنھنجي نگراني ۾ زمين آباد ڪرايائون ۽ فصل مان گذر سفر جو1 ھجري ۾ امروٽ آيا ھئا، ۽ 3 0 بندوبست ٿي ويو. مولانا سن 0ست اٺ سال ساندھه جنھن محنت ۽ خلوص سان جدوجھد ڪئي ۽ تعاليٰ جي دين جو ڪم ڪيو · دنوي فائدن کان پاسيرو رھندي ا
ھو، ان جا اثرات ۽ فائدا علائقي ۾ ظاھر ٿيڻ لڳا ۽ ستت ئي مولانا ماٹھن جي توجه جو مرڪز بٹجي ويو.
1 ع سن ھجري ڌاري، جڏھن 3 0 سنڌي 8 · مولانا عبيدلله ديوبند کان فارغ ٿي، سنڌ واپس وريو ته، سندن مرشد حافظ محمد صديق رحه جن جو انتقال ٿي چڪو ھو. تنھنڪري مولانا سنڌي امروٽ ھليو آيو ۽ مولانا تاج محمود وٽ درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ ست سال امروٽ ۾ رھيو. ھي اھو دور ھو، جڏھن اڃا تائين مولانا سنڌيءَ نئين تھذيب جي اثر کي قبول نه ڪيو ھو.سنڌيءَ، · حافظ محمد صديق جي رحلت کان پوءِ، مولانا عبيدلله مولانا تاج محمود امروٽيءَ کي پنھنجي روحاني پيشوا طور تسليم
ڪيو. انھيءَ سلسلي ۾ ھو پنھنجي ”ذاتي ڊائري“ ۾ لکي ٿو:1 ھه ڌاري آئون سيدالعارفين 3 0 8 شوال المڪرم 8 ”حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن جي ٻئي خليفي حضرت مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽيءَ ڏانھن امروٽ ضلع سکر ھليو ويس. مولانا جن منھنجي لاءِ پيءُ جي مثل ھئا، جي منھنجو نڪاحسکر ۽ اسلاميه اسڪول جي استاد مولوي محمد عظيم خان يوسف زئي جي نياٹي ساڻ ڪرايو، ۽ منھنجي ماءُ کي به گھرايو، جيڪا
پوءِ آخر گھڙي تائين مون وٽ رھي.
سائڻ عابده پروين جي متعلق جيڪو به ڪجهه چئجي يا لکجي اُهو تمام گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته سائڻ عابده پروين جي مُتعلق ائين کڻي چئجي ته ميڊم جي گائڪي ۾ اُهو سڀ ڪجهه شامل آهي جيڪو شايد هي ڪنهن گُلوڪار يا گُلوڪاره جي سُرن ۾ هُجي، پوءِ اهو چاهي سوز هُجي يا خوشي جي ڪا جهلڪ ، سُرن جي لاه چاڙه کي خوب وجد ۾ اچي ڪري ٻڌڻ وارن تي به سُڪوت تاري ڪري ڇڏڻ واري اسان جي پياري مٺڙي سنڌ جي سائڻ عابده پروين کي رب پاڪ وڏي ڄمار ڏي ۽ سدا سلامت تا قيامت پنهنجي ڪُٽنب سان گڏ شاد ۽ آباد هُجي۔۔۔۔ آمين ثم آمين۔۔۔۔۔