
هڪ پوڙهو شخص ٽرين ۾ سفر ڪري رهيو هو. اتفاق سان ڊٻو خالي هو. ٿوري دير کانپوءِ 8-10 نوجوان اندر آيا ۽ کل مذاق ڪرڻ لڳا.
هڪ چيو، "اچو، زنجير ڇڪيون!"
ٻئي چيو، "ان تي 500 رپيا ڏنڊ ۽ 6 مهينن جي قيد آهي."
ٽئين وراڻيو، "اسين ته گهڻا آهيون، 500 رپيا چندو گڏ ڪري ڏنڊ ڀري ڇڏينداسين!"
چندو گڏ ڪيو ويو، 1200 رپيا ٿيا.. جن ۾ 500 جو نوٽ، 50 جا ٻه نوٽ، ۽ باقي سڀ 100 جا نوٽ هئا. پهرين ڇوڪري انهن کي پنهنجي کيسي ۾ وڌو.
هاڻي هڪ ٻين کي چيو، "جيڪڏهن ڪو پڇي ته چونداسين ته هن پوڙهي زنجير ڇڪيو آ! پوءِ اسان کي ڏنڊ به نه ڏيڻو پوندو، ۽ بچيل پئسن سان موج ڪنداسين!"
پوڙهي هٿ ٻڌي چيو، "پٽ، مون اوهان سان ڇا ڪيو آ. جو مون کي پيا ڦاسايو...؟"
پر انهن ڪن نه وڌو ۽ زنجير ڇڪي ڇڏي!
جيئن اميد هئي، ٽي ٽي (ٽرين ٽڪيٽ چيڪر) پوليس سان گڏ اچي پهتو. ڇوڪرن هڪ آواز ۾ چيو، "هن پوڙهي زنجير کي آ ڇڪيو!"
ٽي ٽي ڪاوڙجي پڇيو، "بابا، توهان کي هن عمر ۾ ائين ڪندي شرم نه آيو؟"
پوڙهي هٿ ٻڌي چيو، "ها، برابر مون ئي زنجير ڇڪيو آ، پر مان بي وس هئس!"
ٽي ٽي پڇيو، "ڪهڙي مجبوري هئي؟"
پوڙهي چيو، "مون وٽ 1200 رپيا هئا، جن کي انهن ڇوڪرن ڦري ورتو، ۽ انهن مان پهرين ڇوڪري پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. ان ۾ هڪ 500 جو نوٽ، 50 جا ٻه نوٽ، ۽ باقي سڀ 100 جا نوٽ آهن!"
ٽي ٽي پوليس کي حڪم ڏنو ته "ان جي تلاشي وٺو!"
جئين ته پوڙهي ٻڌايو هو، ساڳيءَ ترتيب سان 1200 رپيا ڇوڪري جي کيسي مان ملي ويا! پئسا پوڙهي کي واپس ڪيا ويا، ۽ انهن ڇوڪرن کي ايندڙ اسٽيشن تي پوليس حوالي ڪيو ويو.
جڏهن ڇوڪرن کي وٺي وڃڻ لڳا، ته انهن پوڙهي کي ڪاوڙ سان نهاريو.
پوڙهي پنهنجي اڇي ڏاڙهي تي هٿ ڦيريندي مُسڪرائي چيو:
"پٽ، منهنجا هي وار اُس ۾ اڇا ناهن ٿيا!"