• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسلمان سائنسدان ابن الهشم

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
FB_IMG_1741805716701.jpg

یارهين صدي ۾ درياءِ نيل ۾ هر سال سبب ٻوڏ ايندي هئي، ۽ ان بي قابو پاڻيءَ جي سامهون انسان جي حيثيت تمام گهٽ هوندي هئي، ڇو ته اهو سڀ ڪجهه پاڻ سان وهائي کڻي ويندو هو. هيءُ درياءُ واديءَ لاءِ واحد آبپاشي جو ذريعو هو، پر اهو هڪ قرباني گهرندو هو سابه انساني جان جي. آخرڪار، بادشاهه تنگ اچي منادي ڪرائي ته جيڪو به هن مصيبت جو حل ڳوليندو، ان کي وڏو درجو ۽ انعام ڏنو ويندو. پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو آيا، پر ڪو به ڪامياب نه ٿي سگهيو.

هزارين ڪوهه پري هڪ ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان رهندو هو، جيڪو رياضيءَ ۾ مهارت رکندو هو. جڏهن هيءَ خبر واءُ وانگر هن تائين پهتي، ته هن بادشاهه ڏانهن لکيو ته هن وٽ ان مسئلي جو حل آهي. جڏهن بادشاهه کي اها خبر ملي، ته هن فوري طور تي ان کي درٻار ۾ طلب ڪيو.

اهو نوجوان سفر لاءِ تيار ٿي مصر روانو ٿيو. ميلن جا ميل پنڌ ڪرڻ کانپوءِ جڏهن هو نيل جي ڪپ تي پهتو، ته سندس حواس خطا ٿي ويا. هن نيل کي هڪ ننڍڙو درياءُ سمجهيو هو، پر اڳيان ته هڪ اونچو، طوفاني، قهرناڪ پاڻيءَ جو ريلو هو. کيس سمجهه اچي وئي ته ان تي بند ٺاهڻ ناممڪن آهي، ۽ محفوظ رستو ڀڄڻ ئي آهي.

جڏهن بادشاهه کي اها خبر ملي، ته هن پنهنجا سپاهي موڪليا. جڏهن ان کي بادشاهه جي حضور پيش ڪيو ويو، ته بادشاهه ڏمرجي هر حال ۾ بند ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. "مرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه نه هئي" سو نوجوان ڪم ۾ جُٽي ويو، پر جلد ئي بادشاهه کي به ان ناممڪن ڪم جو احساس ٿيو، پر ساڳئي وقت هو نوجوان جي ذهانت کان متاثر ٿي چڪو هو. تنهن ڪري، هن ان کي مصر جي هڪ انتظامي عهدن تي مقرر ڪري ڇڏيو.

هڪ سائنسدان کي انتظامي معاملن سان ڪهڙو واسطو! جلد ئي اهو نوجوان ان ڪم مان بيزار ٿي پيو، پر بادشاهه جي قيد مان ڇڏجڻ ايترو آسان نه هو. آخرڪار، هن چريائپ جو ڊرامو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن سان بادشاهه کي يقين ٿي ويو ته هي شخص هاڻ ڪنهن ڪم جو ناهي رهيو. تنهن هوندي به، ان کي عهدو ڇڏائي، قيد ڪري ڇڏيو. اهو نوجوان ٻارهن سال قيد ۾ رهيو، ۽ آخرڪار بادشاهه جي وفات کان پوءِ آزاد ٿيو.

قيد جي انهن ٻارهن سالن دوران، هن هڪ اهڙو ڪتاب لکيو، جنهن بعد ۾ نظر جي علمن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. هو پهريون سائنسدان هو، جنهن تفصيل سان بيان ڪيو ته ڏسڻ جو عمل اصل ۾ ڪيئن ڪم ڪري ٿو، ۽ تصوير دماغ ۾ ڪيئن ٺهي ٿي. ان ڪتاب جو نالو "ڪتاب المناظر" آهي.

اڄ به دنيا هن سائنسدان کي پهريون تجربيڪار سائنسدان مڃي ٿي، ۽ ان جو ايجاد ڪيل "سائنٽيفڪ ميٿڊ"، جيڪو جديد سائنس جي بنياد آهي، اڄ تائين استعمال ٿئي ٿو.

ان کان اڳ، افلاطون جو خيال هو ته اکين مان هڪ روشني نڪري ٿي، جيڪا ڪنهن شئي تي پئجي ان کي نظر اچڻ جو سبب بڻجي ٿي. يوناني سائنسدان يوڪليڊ (Euclid) به تقريبن اهوئي سمجهندو هو. جڏهن ته ارسطو جو نظريو هو ته ڪنهن شيءِ مان روشني نڪري ٿي، جيڪا اک تي پوندي آهي، ۽ نتيجي ۾ اها شيءِ نظر ايندي آهي. ابن سَحَل پهريون سائنسدان هو، جنهن refraction (روشنيءَ جي موڙ) دريافت ڪيو.

پر حقيقت ۾ نظر ڪيئن ڪم ڪري ٿي، ان جو اصل سهرو انهي قيدي ۽ عظيم سائنسدان کي وڃي ٿو. اڄ به هن کي جديد بصريات جو باني سمجهيو وڃي ٿو.

اڄ نَوَ صدين کانپوءِ، نه ڪنهن کي اهو بادشاهه ياد آ ۽ نه وري درٻار جا سپاهي، نه ئي ان درٻار جي ڪنهن فرد کي. پر دنيا اڄ به اُهو قيدي ياد رکي ٿي، جنهن کي اولهه وارا "الهازن" (Alhazen) ۽ اوڀر وارا "ابن الهيشن" جي نالي سان سڃاڻن ٿا.
 
Back
Top