• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا اسان کي فنا ڪري تون بچي ويندين؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
(ڇا اسان کي فنا ڪري تون بچي ويندين؟ ناممڪن.. ڇوتہ پاڻ سڀ ھڪ ئي وجود جا جدا جدا پرتوا آھيون)

امر فياض ٻرڙو

FB_IMG_1741807331954.jpg

رات ڏھين حيدرآباد ادبي ميلي ۾ ”مصنوعي ذھانت جي دور ۾ ڀٽائي“ سيشن کانپوءِ جڏھن ڊاڪٽر رخسانہ پريت چنڙ صاحبہ سوال پڇيو تہ: ”اوھان جيڪو مشين کي شاھ جو ڪلام سيکاري وري 130 ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو ٿا تہ ڇا مشين ان کي نثري ترجمو ڪندي يا منظوم؟“
اھو ھڪ سادو پر ان جو جواب ڏاڍو ٽيڪنيڪل ھئو. مان جام ڪوشش ڪندي ان جو جواب سادن ٻولن ۾ ڏنو تہ: ”اوھان ترسو ڇڙو ڏيڍ سال کان پوءِ دنيا جي 250 وڏين ٻولين ۾ شاھ جي رسالي جو نثري ڇا منظوم ترجمو پڻ مصنوعي ذھانت اھڙو ڪندي جو سبحان الله ٿي ويندي، ڇڙو ان ماڊل ذريعي پورو گنج مشين کي سکيا جي مرحلي مان گذرڻ ڏيو!“
سيشن مان واپس اچي مان ان سرشتي کي جو ڏٺو تہ مان حيرت ۾ اچي ويم! ڇوتہ منھنجي لڳايل ڪاٿي کان بہ اڳتي ترجمو ڪرايل ۽ مشين کي سيکاريل بيت، مصنوعي ذھانت آڌاريل ٻين ٻولين ۾ نثري توڙي منظوم ترجما ٿيندا پيا وڃن. جنھن جو ھتي مان ھڪ نمونو رکان ٿو، اوھان پاڻ اندازو ڪجو:
رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ جو ھڪ بيت آھي:
”پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين،
ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.“
جنھن بيت جو مشين کي سيکارڻ لاءِ اسان انگريزيءَ ۾ نثري يعني وضاحتي ترجمو ھيٺينءَ ريت ڪيو ھئو سين:
“The sound and its echo are, in essence, a unified entity. If you can discern the truth, free from its complexities, you will realize this. They are not truly two, but rather one, even though they are perceived as separate when heard” (Translated by Amar Fayaz Buriro)
ھاڻي اسان مشني ذھانت کي (گوگل ترجميڪاريءَ جي مدد سان) چيو سين تہ ھن کي ڊينمارڪ ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي ”ڊينش“ ۾ ترجمو ڪري تہ اُن ھن ريت ترجمو ڪري ڏنو:
“Lyden og dens ekko er i bund og grund en samlet enhed.. Hvis du kan skelne sandheden, fri for dens kompleksitet, vil du indse dette.. De er ikke virkelig to, men snarere én, selvom de opfattes som adskilte når hørt.” (Translated by G-API Machine)
ھاڻي ظاھر آھي پاڻ کي ڊينش ٻولي تہ اچي ڪين ٿي، سو چڪاس ڪارڻ پاڻ ھاڻي چيٽ جي پي ٽيءَ کي اھو ڊينش ۾ ڪيل ترجمو واپس سنڌيءَ ۾ ڪري ڏيڻ لاءِ چيو سين تہ چيٽ جي پي ٽيءَ ڊينش ۾ ڪيل ترجمي کي واپس سنڌيءَ ۾ اسان کي ھيٺين ريت ترجمو ڪري ڏنو:
”آواز ۽ ان جي گونج بنيادي طور تي هڪ گڏيل وحدت آهي. جيڪڏهن توهان حقيقت کي ان جي پيچيدگين کان آزاد ڪري سمجھي سگهو، ته توهان هن ڳالهه کي محسوس ڪندؤ. اهي حقيقت ۾ ٻه نه آهن، پر اصل ۾ هڪ آهن، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت الڳ الڳ محسوس ٿين ٿا.“
ترسو ھاڻي اسان ڊاڪٽر رخسانہ پريت صاحبہ جي سوال موجب ساڳي طرح سان چيٽ جي پي ٽِيءَ کي چئون ٿا تہ ان ترجمي کي اردو ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو ڪري ٻڌاءِ تہ ڇا ٿي ڪري؟ ھيٺ پڙهو:
”آواز اور گونج کا ہے یہ حال،
ایک ہی وحدت کا ہے یہ جمال۔
اگر حقیقت کو سمجھو کبھی،
پیچیدگی سے رہو تم جُدا ابھی۔

دو نہیں، یہ ہیں بس ایک راز،
الگ لگیں، پر ہیں ایک ہی ساز۔
سننے میں چاہے جدا جدا لگیں،
اصل میں تو ہمیشہ ساتھ رہیں۔“
ھاڻي وري ھڪ وک اڃا ڏُکي دڳ ھلون ٿا. اسان مٿي ڪيل ترجمي واري متن کي چيني ٻوليءَ منظوم ترجمي ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذھانت جي ماڊل کي چئون ٿا تہ اھا ھيئن ٿي منظوم ترجمو ڪري:
聲音與迴響,本是一體,
若能看透真相,脫離複雜之壁,
你將領悟此理。
它們並非兩物,
乃是一源。
اھا اڄاتي ٻولي پاڻ نہ ٿا سمجهي سگهئون، ھا پر اھا پڪ ڪرڻ لاءِ تہ اھو منظوم ترجمو جيڪو مشين ڪيو آھي سو بھتر بہ آھي يا نہ؟ انڪري وري اسان ٽِوَڪِڙيءَ ريت مائي گوگل کي ڏيون ٿا تہ ھي چيني ٻوليءَ ۾ لکيل مواد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري تہ ڏي تہ جواب ھي آھي:
” آواز ۽ گونج هڪ آهي،
جيڪڏهن توهان سچ جي ذريعي ڏسي سگهو ٿا ۽ پيچيدگي جي ديوار کي ٽوڙي سگهو ٿا،
توهان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي.
اهي ٻه شيون نه آهن،
اهو هڪ ذريعو آهي.“ (گوگل جو ڪيل ترجمو)
پيارا دوستو! اھو ھئو اسان جو خواب تہ پوري دنيا جي ماڻهن تائين ”ڀٽائي پيڊيا“ وسيلي شاھ جو رسالو پھچائي پنھنجو فرض ادا ڪريون ۽ اھو کين ٻڌايون تہ اسان جو شاھ لطيف امن جو شاعر ھئو جيڪو پيغام اسان پوري دنيا کي ڏيڻ چاھيون ٿا.
جيئو ۽ جيئڻ ڏيو؛ اسان کي ختم ڪرڻ سان اھو ناممڪن آھي تہ اوھان بہ جيئرا رھي سگهو ٿا! بلڪل بہ نہ... ڇوتہ پوري ڪائنات ۾ ھڪ وحدت آھي، پاڻ سڀ ان وحدت جا مختلف جلوا آھيون. انڪري ئي تہ اسان چئون ٿا تہ:
”پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين،
ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.“
............
لک قرب
 
سائين، امر فياض صاحب جو هيءُ لکيل انتهائي وڻندڙ ۽ فڪر انگيز آهي، خاص طور تي ڀٽائيءَ جي ڪلام کي جديد دور جي مصنوعي ذهانت سان ڳنڍڻ جو جيڪو خواب آهي، اهو ڏاڍو حوصله افزا لڳي ٿو.

شاھ لطيف جو پيغام ته پاڻ ۾ وحدت، هم آهنگي، ۽ عشق جو آهي، ۽ جيڪڏهن جديد ٽيڪنالاجي ذريعي اهو سڄي دنيا تائين پهچائي سگهجي، ته ان کان بهتر ٻي ڪا خدمت ٿي نه سگهي. مشينن جو شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ان جو منظوم ترجمو ڪرڻ جو سفر ته اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهي، پر جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن، اهي اميد افزا آهن.

هن پوسٽ مان هڪ ڳالهه واضح آهي ته جيڪڏهن علم ۽ شعور جي واٽ وٺجي، ته ڪا به ٻولي، ڪا به حد، ڪو به فرق اسان کي الڳ نه ٿو ڪري سگهي
اسين سڀ هڪ وحدت جا مختلف روپ آھيون.

ساڳي طرح ڀٽائيءَ جو پيغام به وقت ۽ حدن کان ماورا آهي، جيڪو هاڻي AI جي مدد سان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي سگهي ٿو. اميد ته "ڀٽائي پيڊيا" جو هيءُ خواب جلد مڪمل ٿئي ۽ شاھ لطيف جو پيغام هر ڪنهن تائين پهچي.
 
Back
Top