گوگل تازو ئي پاڪستان ۾ پنهنجي موبائل ادائيگيءَ جي سهولت، گوگل والٽ، متعارف ڪرائي آهي. هي سهولت نه رڳو آن لائن ادائگين لاءِ موجود آهي، پر موبائل ذريعي اين-ايپ ۽ بي رابطو (contactless) ادائيگين جي سهولت به مهيا ڪري ٿي.
پاڪستان ۾ گوگل پي ڪيئن استعمال ڪجي؟
پاڪستان ۾ گوگل والٽ استعمال ڪرڻ بلڪل آسان آهي. بس Google Play Store تان گوگل والٽ ڊائونلوڊ ڪريو.
جيڪڏهن توهان جي Google Account تي اڳ ئي ڪنهن صحيح ڊيبٽ يا ڪريڊٽ ڪارڊ جو اندراج ٿيل آهي، ته اهو خودڪار طريقي سان گوگل والٽ ۾ ظاهر ٿيندو. ان کي بي رابطو ادائگي (contactless payment) لاءِ سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ، اسڪرين تي ڏيکاريل هدايتن تي عمل ڪريو.
جيڪڏهن توهان وٽ اڳ ۾ ڪو ڪارڊ محفوظ نه آهي ۽ نئون ڪارڊ شامل ڪرڻ چاهيو ٿا، ته صفحي جي مٿين حصي ۾ "Add a card" تي ٽيپ ڪريو.
پوءِ ڪارڊ جاري ڪندڙ بينڪ جي شرطن ۽ ضابطن کي پڙهي منظور ڪريو.
توهان جي ڪارڊ جي تصديق ڪرڻ بعد، اهو گوگل والٽ ۾ ٽوڪنائيز ٿي ويندو ۽ فوري طور تي ادائيگي لاءِ تيار هوندو.
پاڪستان ۾ گوگل والٽ جا فائدا
گوگل والٽ صارفين کي محفوظ، آسان، ۽ وڌيڪ مددگار ادائگي جو تجربو مهيا ڪري ٿو. ان سان گڏ، هي وفاداري ڪارڊ (Loyalty Cards) ۽ بورڊنگ پاس جهڙيون ڊجيٽل شيون به سپورٽ ڪري ٿو.
اهي بينڪ ڪارڊ جيڪي گوگل والٽ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا
هيٺ ڏنل بينڪ جا ڪارڊ گوگل والٽ يا گوگل پي سان ڪم ڪن ٿا:
بينڪ الفلاح (Visa ۽ Mastercard ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ)
بينڪ آف پنجاب (Mastercard ڪريڊٽ ڪارڊ)
فصيل بينڪ نور (Mastercard ڊيبٽ ڪارڊ)
HBL (Visa ۽ Mastercard ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ)
جاز ڪيش (Mastercard ڊيبٽ ڪارڊ)
ميزان بينڪ (Visa ۽ Mastercard ڊيبٽ ڪارڊ)
UBL (Visa ۽ Mastercard ڊيبٽ ڪارڊ)
مٿي ڄاڻايل بينڪ ڪارڊ جا مالڪ پنهنجا ڪارڊ گوگل والٽ ۾ شامل ڪري سگهن ٿا ۽ اينڊرائيڊ فون يا Wear OS ڊوائيسز ذريعي بي رابطو ادائيگي ڪري سگهن ٿا.
گوگل والٽ جا ادائگي ڪارڊ آن لائن يا ائن-ايپ به استعمال ڪري سگھجن ٿا، جتي به Google Pay جو بٽڻ موجود هجي.
جلد گوگل پي تي موجود بينڪ ڪارڊ
هيٺ ڏنل بينڪ جا ڪارڊ جلد گوگل پي تي پڻ دستياب هوندا:
الائيد بينڪ (Visa ڊيبٽ ڪارڊ)
ايزي پيئسا ڊجيٽل بينڪ (Visa ڊيبٽ ڪارڊ)
JS بينڪ (Visa ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ Mastercard ڊيبٽ ڪارڊ)
Zindigi (Visa ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ، ۽ Mastercard ڊيبٽ ڪارڊ)
جلد ئي آن لائن اسٽور جهڙوڪ Onic, Gul Ahmed, Sana Safinaz, J. ۽ KE به PayFast ذريعي گوگل پي تي موجود هوندا. ان سان گڏ، Safepay پليٽ فارم سان لاڳاپيل ڪاروبار پڻ گوگل والٽ ذريعي ادائيگي حاصل ڪري سگھن ٿا.
سفر لاءِ گوگل والٽ
توهان Batik Air ۽ Thai Airways جا بورڊنگ پاس به گوگل والٽ ۾ شامل ڪري سگهو ٿا، جنهن سان اڏام جي وقت ۽ گيٽ تبديلين بابت اطلاع ملي سگهن ٿا.
ان کان علاوه، اوورسيز سفر دوران، گوگل والٽ ذريعي محفوظ طريقي سان ادائيگي ڪرڻ جي سهولت به دستياب هوندي.