
ٻڌو اَٿوَ ته جهنگ جو به ڪو قانون ٿيندو آ.
چوندا آهن ته شينهن به جڏھن پيٽ ڀري کائيندو آهي ته ٻيهر حملو ناهي ڪندو، هو وڻن جي ڇانوَ ۾ وڃي آرام ڪندو آهي.
جڏھن هوا جا تيز جھونڪا وڻن کي لوڏي ڇڏين ته مينا به پنهنجا ٻار وساري ڪانون جي آنن کي پنهنجي پرن سان سنڀاليندي آهي.
چوندا آهن آکيرن مان ڪو ٻچو ڪري ته سارو ٻيلي جاڳي پوندو آهي ڇو ته جهنگ جو به ڪو دستور هوندو آهي.
جڏھن ڪا ندي وهندي آهي ته ڪناري موجود آکيرا لرزند آهن
ته ندي جون چانديءَ جھڙيون مڇيون، انهن کي پنهنجو پاڙيسري مڃينديون آهن.
جڏھن ڪو طوفان اچي ۽ ڪا پل ٽٽي پوي،
ته ڪنهن ڪاٺ جي تختي تي
نوريئڙو، نانگ، ٻڪري، ۽ چيتو گڏ نظر ايندا آهن.
ٻڌو اٿوَ جهنگ جو به ڪو قانون هوندو ڪو دستور هوندو آ..
اي الله، عظيم، داناءُ، بصير، انصاف ڪندڙ،
منهنجي هن شهر ۾،
منهنجي هن ملڪ ۾،
ھاڻي ڪو جهنگ جو ئي ڪو قانون لاڳو ڪر،
ڪو دستور نافذ ڪر...!!!