اڄوڪي ڪاوش جي خصوصي ايڊيشن ۾ منھنجو لکيل ھڪ نرالي موضوع تي ڪالم.
پڙهي راءِ ضرور ڏجو.
سوشل ميڊيا جا رِيل ۽ ننڍڙيون وڊيوز، اسان جي ذهني صحت لاءِ هڪ اڀرندڙ خطرو
(امر فياض ٻرڙو)
انتھائي تيزيءَ سان بدلجندڙ ھن جديد دؤر ۾، سوشل ميڊيا اسان جي زندگيءَ جو هڪ لازمي حصو بڻجي چڪو آهي. گهڻو ڪري ھتي اسان جا ماڻهو پنھنجي ڏينھن جي شروعات سوشل ميڊيا جي اڪائونٽن جي چڪاس سان ڪندا آهن ۽ رات جي پوين پھرن تائين ان جي مختلف پليٽ فارمن تي مصروف رهندا آهن. خاص طور تي ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام، فيس بڪ، ۽ يوٽيوب جھڙا پليٽ فارم جيڪي اسان جھڙن متاثرين سوشل ميڊيا کي مختصر وڊيوز ۽ ريلز ذريعي ٻين ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. اهي مختصر وڊيوز جيڪي جتي هڪ طرف تفريح فراهم ڪن ٿيون، اتي ئي وري اهي اسان جي ذهني ۽ نفسياتي صحت تي ناڪاري اثر پڻ وجهي رهيون آهن.
سوشل ميڊيا تي اهي مختصر وڊيوز جھڙوڪ ٽڪ ٽاڪ جي 15 کان 60 سيڪنڊن تائين جي وڊيوز، يا انسٽاگرام ۽ فيس بڪ جي ريلز، اسان جي ذهنن تي هڪ اڻ ڏٺل پر گھرا اثر وجهي رهيون آهن. اسان جا دماغ هڪ طرح جي لذت (جنھن کي انگريزيءَ ۾ ڊوپامين رش سڏيندا آھن) حاصل ڪندا آهن، جنھن سان اسان جي خوشيءَ جو احساس وڌي ويندو آهي، پر اها خوشي عارضي هوندي آهي. جڏهن اسان مسلسل اهڙيون وڊيوز ڏسندا رهون ٿا، تڏھن اسان جو دماغ انهن عارضي خوشين جي طلب ڪرڻ لڳندو آهي، ۽ نتيجي ۾ اسان ان اڄاتي قسم جي نشي ۾ مبتلا ٿي وڃون ٿا.
هن صورتحال جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيندو آهي تہ اسان جي ڌيان ڏيڻ جي روش گهٽجڻ لڳي ٿي. هڪ وقت هئو، جڏهن ماڻهو ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙھڻ ۾ لڳائيندا هئا، فلمون ڏسڻ لاءِ ٻہ کان ٽي ڪلاڪ ڏيندا هئا، پر هاڻي حالت اها آهي تہ 15 سيڪنڊن کان وڌيڪ ڪا شيءِ دلچسپ نٿي لڳي. اسان جو دماغ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ مواد ڏسڻ جو موالي ٿي چڪو آهي، جنھن سان ڪنھن بہ شيءِ تي ڊگهي وقت لاءِ ڌيان ڏيڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
اهو مسئلو خاص طور تي نوجوانن لاءِ وڌيڪ سنگين ٿي رهيو آهي. نوجوان نسل، جيڪي اڃا پنھنجي زندگيءَ جي مقصدن ۽ خواهشن کي حاصل ڪرڻ جي رستي ۾ آهن، اهي سوشل ميڊيا تي ڏيکاريل مخٿلف ماڊلن ۽ ھڪ اپسرائي ۽ مثالي زندگين سان پنھنجو مقابلو ڪرڻ لڳندا آهن. ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام جھڙن پليٽ فارمن تي مختلف ماڊلن جي خوشحال ۽ چڪاچوند واري زندگيءَ جا ڏيک، ڪاميابي جون دعوائُون، ۽ ٻين ماڻهن جون اجايون تعريفون، نوجوانن ۾ ناڪاميءَ ۽ عدم اطمينان جو احساس پيدا ڪرڻ لڳنديون آهن. انهن پليٽ فارمن تي ڏيکاريل تصويرون ۽ وڊيوز گهڻو ڪري هڪ تصوراتي زندگيءَ جو تصور پيش ڪن ٿيون، جيڪا چتائي ڏسجي تہ حقيقي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي ميسر هوندي آهي. پر اسان جا نوجوان، جيڪي اڃا پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوششن ۾ هوندا آهن، اهي سندو مقصد ۽ اندر جي ڪلا کي ڇڏي وڊيوز ۾ ڏيکاريل ۽ اکين کي لڀائيندڙ انهن تصورن سان پنھنجو مقابلو ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ نتيجي طور، جڏھن اھو ڪجهہ کين ھٿ نہ ايندو آھي تڏھن اھي پاڻ کي ٻين کان گهٽ سمجهڻ لڳندا آهن، جنھن جي نتيجي ۾، نفسياتي بيمارين جو خطرو وڌڻ لڳي ٿو. سياسي ابترين جي ڪري اڳ ۾ ئي ھتي بي مقصديت ۽ ڇسو پڻو وڌيل آھي پر ھنن وڊيوز کي مسلسل ڏسڻ کان پوءِ اسان وٽ ڊپريشن، بيچيني، ۽ ذهني دٻاءَ جا مسئلا عام ٿيڻ لڳا آهن. اوھان جيڪڏھن انتھائي باريڪبيني سان چتائي ڏسندا تہ اوھان کي بلڪل اھو لڳندو تہ سوشل ميڊيا تي مسلسل ۽ غير معمولي استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ اهي علامتون ھاڻي عام ٿي رهيون آهن. اهي ماڻهو، جيڪي پنھنجو گهڻو وقت سوشل ميڊيا تي گذاريندا آهن، انهن ۾ ڊپريشن ۽ لڇ لڇان جا امڪان وڌي وڃن ٿا. اوھان ڏسندا تہ ھتي ذهني دٻاءَ جو هڪ وڏو سبب اهو ملندو آهي تہ ماڻهو پنھنجين حقيقي زندگين کي سوشل ميڊيا تي ڏيکاريل غير حقيقي شين سان ڀيٽيندا آهن. اهي محسوس ڪندا آهن تہ انهن جي زندگي سندن اميدن تي پوري نٿي لھي ۽ ٺيڪ اهو ئي ناڪاميءَ جو احساس سندن ذهني صحت تي وڏو ناڪاري اثر وجهي ٿو، جنھن جي ڪري ھاڻي ھتي ناڪاريت ڀرجي وئي آھي.
اهو بہ سچ آهي تہ سوشل ميڊيا تي ھلندڙ انهن ناڪاري روشن جي ھوندي ان جا ڪيترائي فائدا پڻ آهن، جھڙوڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ، مِٽن مائٽن سان گڏ دوستن سان لھ وچڙ ۾ رھڻ، ۽ نئين قسم جي صلاحيتن کي سکڻ. پر اسان کي انهن فائدن سان گڏ سوشل ميڊياجي منفي اثرن کي بہ نظرانداز نہ ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا تي مختصر وڊيوز جو غير معمولي استعمال هڪ وڏو سماجي ۽ نفسياتي مسئلو بڻجي رهيو آهي. ان لاءِ اسان کي پنھنجي استعمال تي محدود ڪرڻ ۽ هڪ ڪرو رويو اختيار ڪرڻ ضروري آهي.
اسان کي پنھنجي زندگيءَ ۾ اهڙي اٿڻي ويھڻيءَ سان گڏ ھڪ صحتمند قسم جو وھنوار ٺاهڻ گهرجي، جيڪو اسان جي نفسياتي صحت کي ڀلو ٺاھي. سوشل ميڊيا جو استعمال محدود ڪرڻ، وڌيڪ وقت ڪتاب پڙهڻ، جسماني سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ، ۽ دوستن ۽ خاندان سان سڌي سنئين ڳالهائڻ سان اسان ان مسئلي کي حل ڪري سگهون ٿا. سوشل ميڊيا هڪ اوزار آهي، ۽ جيئن هر اوزار کي صحيح طريقي سان استعمال ڪرڻ ضروري هوندو آهي، تيئن ئي سوشل ميڊيا کي بہ ذميواريءَ سان استعمال ڪرڻ ضروري آهي.
اسان جي ذهني ۽ جسماني صحت اسان جي سڀ کان وڏي دولت آهي. جيڪڏهن اسان پنھنجي زندگيءَ ۾ متوازن رويو اختيار ڪريون، تہ اسان بغير ڪنھن نفسياتي بيمارين جي خطري ۾ وجھڻ جي، سوشل ميڊيا جي فائدن مان لاڀ حاصل ڪري سگهون ٿا. اسان کي اها ڳالهہ سمجهڻ گهرجي تہ هر شيءِ ۾ توازن ۽ اعتدال رکڻ ئي هڪ تندرست ۽ آسُودِي زندگيءَ جو راز آهي.

Daily Kawish Newspaper
Daily Kawish Newspaper in Sindhi Publishing From Hyderabad- Kawish ePaper - Read digital ePaper of Pakistan - anywhere, anytime as it appears on Print.
www.thekawish.com