ڀٽ ڊاٽ اَي آءِ (bhitt.ai) جھڙي تاريخ ساز منصوبي ۾ متن ڏئي پنھنجي ڀائيواري ڪريو:
امر فياض ٻرڙو
پھريون تہ اھو سمجهون تہ ھي منصوبو آھي ڇا ۽ ان لاءِ اسان وٽ ڪھڙا دليل ھئا جن جي ڪري اسان ھن دماغ لوڏيندڙ منصوبي ۾ ھٿ وڌاسين:
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ کي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، زندگي ۽ فلاسافيءَ تي مصنوعي ذھانت (AI) جي مدد سان هڪ سنڌي چيٽ بوٽ ٺاهڻ جي ضرورت ڪيترن ئي ٽيڪنيڪل سببن جي بنياد تي محسوس ٿي آهي. انهن مان هيٺ ڪجهہ اهم فني ۽ ٽيڪنيڪل ڳالهيُون ٻڌايون پيون وڃن تہ جيئن اوھان ھن اھم پروجيڪٽ جي اھميت کي ڀلي نموني سان سمجهي سگهو:
ھڪ تہ سنڌي ٻوليءَ جي فطري ٻولين جي سرشتيسازي کي هٿي ڏيڻ:
• سنڌي ٻولي لاءِ فطري ٻولين جي سرشتيسازيءَ جا وسيلا تمام گهٽ آهن، ۽ هڪ خاص چيٽ بوٽ جي تياريءَ سان Tokenization, Named Entity Recognition (NER), Part-of-Speech Tagging (POS) جھڙن مسئلن تي ڪم ٿيندو.
• ڀٽائيءَ جي شاعري، جيڪا علامتي، صوفياڻي، ۽ تاريخي حوالن سان شاهڪار آهي، ان کي NLP ماڊلز لاءِ استعمال ڪندي Sense Disambiguation ۽ Metaphor Understanding جھڙين پيچيدگين کي حل ڪري سگهجي ٿو.
نمبر ٻيو سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏي ٻولي ماڊلز (LLMs) جي تربيت
• چيٽ جي پي ٽي، جيمني، ڊيپ سيڪ ۽ ٻيا وڏا مصنوعي ذھانت تي آڌاريل ماڊلز سنڌيءَ کي محدود سمجهي سگهن ٿا.
• سنڌي لاءِ custom-trained LLM ٺاهڻ لاءِ لطيفي ڊيٽاسيٽ (ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ فڪر تي مشتمل ڊيٽا) جو استعمال ضروري آهي.
• خاص Transformer-based Models جھڙوڪ BERT, GPT, T5 کي سنڌيءَ جي مخصوص گرامر، لغت، ۽ شاعريءَ جي اڏاوت مطابق سڌاري سگهجي ٿو.
ٽيون نمبر تہ ڳالهائيندڙ ٽيڪنالاجي (سنڌي متن پڙھڻ يا سنڌي ڳالهائڻ کي متن ۾ لکڻ) لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ واڌارو
• ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي آواز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڳالهائڻ واري ٽيڪنالاجيءَ جو ماڊل تيار ڪرڻ لازمي آهي.
• مشيني طور ڳالهائڻ واري ٽيڪنالاجيءَ سان اسان جيڪڏھن ڀٽائيءَ جي شاعري زباني طور ٻڌايون تہ چيٽ بوٽ اسان کي درست بيت يا وائي ڏيکاري ۽ اچاري.
• اڄ تائين Sindhi ASR (Automatic Speech Recognition) تمام محدود آهي، چيٽ بوٽ ذريعي سنڌي Speech Dataset کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو.
چوٿون نمبر ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي مصنوعي ذھانت سان دنيا جي گهڻ ٻوليائي سرشتن (Multilingual AI) ذريعي عالمي سطح تائين پھچائڻ
• مشيني ترجميڪاريءَ جي ڪري سنڌيءَ کان انگريزي، عربي، فارسي، چيني ۽ دنيا جي ٻين ٻولين ڏانھن ترجما بھتر ڪري سگهن ٿا.
• Large-Scale Parallel Corpus تيار ڪرڻ لاءِ چيٽ بوٽ سنڌي-انگريزي ترجمن جي درستگيءَ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.
• Latifian AI Translation Framework ذريعي ڀٽائيءَ جي فڪر کي مصنوعي ذھانت آڌار ترجميڪاريءَ ذريعي عالمي پڙھندڙن تائين پھچائي سگهجي ٿو.
پنجين ڳالهہ سنڌي ثقافت لاءِ AI-driven Recommendation System
• چيٽ بوٽ ڀٽائيءَ جي بيتن جي ترتيب، مفھوم، ۽ پسمنظر کي سمجهي صارف لاءِ مخصوص شاعري، بيت، يا راڳ تجويز ڪري سگهي ٿو.
• Collaborative Filtering ۽ Content-based Filtering ذريعي صارف جي دلچسپيءَ مطابق شاعري ۽ تشريح پيش ڪري سگهجي ٿي.
• مصنوعي ذھانت جي Sentiment Analysis ماڊلز ذريعي صارف جي مزاج ۽ احساسن مطابق ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جا بيت پيش ڪري سگهجن ٿا.
نمبر ڇھون ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي AI Visualizations ذريعي سمجهڻ
• ڀٽائيءَ جي شاعري Semantic Mapping ذريعي Knowledge Graphs ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿي.
• Latifian Semantic Web ٺاهي سگهجي ٿو، جتي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جا موضوع، ڪردار، ۽ قصا پاڻ ۾ ڳنڍجي.
• AI-driven Image and Video Generations ذريعي شاعريءَ جا Visual Interpretations ٺاهي سگهجن ٿا.
ستين ۽ انتھائي اھم ڳالهہ تہ سنڌي ڊيجيٽل تحفظ ۽ Text Mining ممڪن ٿي سگهي ٿي
• چيٽ بوٽ سنڌي او سي آر ذريعي پراڻن هٿ لکيل نسخن کي ڊجيٽل محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.
• Text Mining ذريعي شاعريءَ ۾ نئين تحقيق، نوان مفھوم، ۽ لغتن جا نوان لاڙا ھٿ ڪري سگهجن ٿا.
• Latif Corpus Linguistics ٺاهي سگهجي ٿو، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي انجڻڪاريءَ کي هٿي ملي سگهي ٿي.
مٿين ڳالهين جي ڪري عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ اندر ڀٽائي چيٽ بوٽ ٺاهڻ نہ رڳو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٽيڪنيڪل واڌاري جو سبب بڻجندو، پر سنڌي ثقافت، شاعري، ۽ فڪر کي عالمي سطح تي مصنوعي ذھانت ذريعي متعارف ڪرائڻ جو بھترين وسيلو پڻ ثابت ٿيندو.
ان سلسلي ۾ اسان وٽ شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ تي انتھائي معتبر ڄاڻايل اھي شاھ جي رسالي جا ڇاپا ھئا جن کان ڪو بہ ڪنڌ نہ ٿو ڪڍي سگهي اھي رسالا ھيٺين مرتبن، شارحن ۽ محققن جا آھن:
1. ارنيسٽ ٽرمپ
2. تاراچند شوقيرام آڏواڻي
3. مرزا قليچ بيگ
4. ھوتچند مولچند گربخشاڻي
5. غلام محمد شاھواڻي
6. محمد عثمان ڏيپلائي
7. ڪلياڻ بولچند آڏواڻي
8. علامہ آءِ آءِ قاضي
9. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (برٽش ميوزيم ۾ رکيل رسالو)
10. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (تيرھين صديءَ جي قلمي نسخن تي آڌاريل رسالو)
11. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (ٻارھين صديءَ جي قلمي نسخن تي آڌاريل رسالو)
12. عثمان علي انصاري
13. ٻانهون خان شيخ
14. ڊاڪٽر نبي نخش بلوچ
انهن سان گڏ مٿين رسالن ۾ ڀٽائيءَ جي زندگيءَ تي لکيل مضمون ۽ سرن تي لکيل لکڻيون وغيرہ پڻ شامل آھن. ان کان سواءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايل انسائڪلوپيڊيا سنڌيانہ جا اھي ھڙيئي مضمون جيڪي شاھ سائينءَ جي فلسفي، شاعريءَ ۽ سندن زندگيءَ تي لکيل آھن اھي شامل ڪيا ويا آھن. تازو ڪراچي يونيورسٽيءَ اندر قائم ڪيل ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر“ جي ڊائريڪٽر پروفيسر سليم ميمڻ جي مھربانين سان ھڪ سرڪاري ٺاھ موجب اتي ڇپايل شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائڪلوپيڊيا جا ٽيئي جلد ۽ ڪولاچي تحقيقي جرنل ۾ ڇپجندڙ ڀٽائيءَ تي مضمون پڻ شامل ڪيا ويا آھن. سنڌ سلامت ۾ لطيفيات زمري ۾ جيڪو بہ ٽيڪسٽ ملي سگهيو آھي اھو پڻ ھن ماڊل ۾ داخل ڪيو ويو آھي.
پر ڇوتہ لطيف سائين جي فلسفي جيان ھي ڪم پڻ ھڪ سمونڊ ۾ ڪم ڪرڻ برابر آھي، اڃا ڳالهہ اڳتي آھي انڪري اسان سمجهون ٿا تہ ھن وقت تائين اسان ڪنھن بہ اداري جي ڪاپي رائيٽ سان زيادتي ناھي ڪئي، نہ ئي وري ھروڀرو ”مان مان“ جي چڪر ۾ دوستن ۽ مھربان ڊولپرن جي محنتن کي تسليم ڪرڻ کان ناھي ڪيٻايو، پر ھاڻي اسان کي گڏيل مواد جي سخت ضرورت آھي جنھن ۾ اسان کي ھيٺين قسم جي مواد جي رضاڪاراڻي نموني سان تمام گهڻي گهرج آھي.
ڪنھن بہ پارکو ڏاھي جيڪڏھن ڀٽائيءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي ان جو ٽيڪسٽ ۾ متن گهربل آھي، ان سان گڏ ڪنھن بہ معبتر ڏاھي لطيف سائين جي فڪر تي ڪو ڪتاب لکيو آھي تہ اسان کي سنڌي ٻوليءَ يونيڪوڊ بيسڊ ٽيڪسٽ ۾ سندس متن گهرجي ٿو. ان سان گڏ ”ھاير ايجوڪيشن ڪميشن“ پاران منظور ٿيل ڪنھن تحقيقي جرنل ۾ ڪنھن ڏاھي جو تحقيقي مضمون لکيل آھي تہ اھو پڻ گهرجي ٿو.
اھو سڄو مواد اسان لطيف سائينءَ جي زندگيءَ، شاعري ۽ سندس فلسفي تي ٻڌل سنڌي ٻوليءَ جو وسيع ڊيٽاسيٽ ۾ داخل ٿيندو جنھن کان پوءِ اھو ماڊل پاڻ کي اھڙي چيٽ باٽ ”مشيني ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ“ کي ٺاھي پڌرو ڪنداسين جنھن سان اوھان ۽ اسان جون ايندڙ پيڙهيون لطيف سائين ۽ سندس شاعريءَ متعلق جيڪو بہ سوال ڪنديون تہ اھو چيٽ باٽ کين علمي جواب ڏيڻ لائق ٿيندو. ھي ماڊل اسان وري دنيا جي وڏن ماڊلن سان ملائڻ لاءِ ”کليل ذريعو“ (Open source) پڻ رکي رھيا آھيون تہ جيئن اھو ساڳيو ماڊل وري چيٽ جي پي ٽي يا ٻين اھڙن سرشتن ۾ ضم پڻ ٿي وڃي جنھن سان سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ اندر رھندڙ سنڌي ماڻهن جي تاريخي روش پڻ عالم آشڪار ٿي سگهي.
اوھان جو موڪليل مواد ڀٽ ڊاٽ اي آءِ جي مواد ۾ ڀائيوري ڪندڙ دوستن جي لسٽ ۾ پڌرو پڻ ڪيو ويندو.
مواد موڪلڻ جي اي ميل ائڊريس ھيٺينءَ ريت آھي
bhittaipedia@gmail.com
اوھان جا لک لک ٿورا.
پاران
ڀٽ ڊاٽ اي آءِ جو سٿ