پاڻي معاملي ۾ سنڌ سان ٿيل ويساهه گهاتين جي تاريخ رسول بخش پليجو وفاقي حڪومت، ارسا، پنجاب، واپڊا سڀني گڏجي چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کولائي ڇڏيو آهي. گريٽر ٿل ڪئنال خلاف جدوجهد ۾ شامل پ پ جي حڪومتي دور ۾ ئي گريٽر ٿل ڪئنال لاءِ پاڻي کنيو پيو وڃي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو پنجاب تي ڏيڍ سئو سالن کان جيڪو وهنوار آهي، ان جو حساب ڪتاب ڪري سنڌ کي هنگامي بنيادن تي وڌيڪ پاڻي ڏيئي کيس رڻ پٽ بنجڻ کان بچايو وڃي. هن وقت پنجاب جي ليڊرن ڪالاباغ ڊيم ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪينال پاور پروجيڪٽ لاءِ پاڻي ڏيڻ، ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ لاءِ واويلا ٻاري ڏني آهي ۽ چون ٿا ته جيڪو سندن چوڻ نه ڪندو، سو يا ڀارتي ايجنٽ آهي ۽ جيڪي اسيمبليون مخالفت ڪن، انهن کي ٽوڙي ڇڏيو. يو پي، سي پيءَ لاءِ، پنجاب جي مسلمان ليڊر شپ لاءِ انگريز سامراج ڪو به ايڏو وڏو مسئلو ڪو نه هو. اهو اٽلو انهن لاءِ هندو اڪثريتي بالادستيءَ خلاف هڪڙو وڏو سهارو ۽ ٻانهن جو ٻل هو. 1807ع وارو امرتسر جو عهدنامو، افغانستان تي گڏيل چڙهائي، جنگين ۾ گڏيل ساٿ، پاڪستان جي جدوجهد ۾ به يو پي، سي پي ۽ پنجاب ليڊر شپ انگريزن جي ڪن تي وات رکيو ويٺا هوندا هئا. ”مئي 1959ع ۾ عالمي بئنڪ سان جيڪي ڳالهيون ٻولهيون ٿيون، تن ۾ ibab پاڪستان جون شديد ضرورتون اهي ڄاڻايون ته سنڌو نديءَ مان پاڻي جو ڌاڙو هڻي پنجاب جون نيون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو نديءَ تي زبردستي ٺاهيل تربيلا تي مڙهيل ڌاڙيل واهه وڌ ۾ وڌ طاقتور بنائي استعمال ڪيا وڃن، اڀرندي پنجاب جي ندين ۾ ٻه ڪروڙ ٽيهه لک ايڪڙ فوٽ پاڻي لوڻياٺ گهٽائڻ لاءِ ڏنو وڃي. جن مان 35 لک ايڪڙ فوٽ هڪدم ڏنو وڃي. (ٻئي ڪنهن به پاڪستاني صوبي جي واهن جي نه پر فقط) پنجاب جي واهن جي مرمت وغيره ڪرڻ لاءِ 55 لک ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جو لازمي طرح بندوبست ڪيو وڃي. عالمي بئنڪ پنجاب جي ڪوڙي گهوڙا گهوڙا تي هٿرادي پيدا ڪيل کوٽ جي پورت لاءِ ٻه ڊيم منگلا ۽ روهتاس پنجاب کي ٺاهي ڏيڻ جي آڇ ڪئي. هنن چيو ته هر حال ۾ سنڌوءَ تي ڊيم ۽ واهه ٺاهي ڏيو ته اتان واڌو پاڻي کڻي پنجاب کي ڏيون. سنڌين کي چيو ويو ته پاڻ کي عالمي بئنڪ، انڊيا ۽ ٻين دنيا جي شاهوڪار ملڪن کان وڌ ۾ وڌ پئسا وٺڻا آهن، ان لاءِ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿيندا، ان ڪري جيڪي پروجيڪٽ اهڙا نظر اچن، جن لاءِ پئسا خاطريءَ سان ملندا ته اهي منظور ڪرائي پئسا وٺبا، پر حقيقت ۾ اهي پئسا سڀني صوبن جي ڪم آندا ويندا، سنڌ کي چيو ويو ته تربيلا ڊيم تي اعتراض نه ڪريو، اهو آهي ئي سنڌ لاءِ، ٻيو ڪنهن لاءِ به ناهي. ان مان ڌاڙيل واهن ذريعي پاڻي ڪڍڻ جون جيڪي رٿائون آهن، سي سڀ نالي ماتر ٻاهران پئسا ڪڍڻ لاءِ آهن. تربيلا مان ڪو به پاڻي ڪونه ڪڍبو. اهو سنڌ جو رهندو، اهو ئي سبب آهي ته اپريل 1980ع ۾ انڊس واٽر ڪميشن جي چيئرمين جسٽس انوار الحق چيو ته، ”هندستان سان ڳالهيون ٻوليون ڪندي کڻي ڪهڙيون به رٿائون پيش ڪيون ويون هجن، پر انهن جو ٻين صوبن جي حقن تي ڪو به برو اثر نه پوندو، آئون ائين ٿو سمجهان، هندستان سان ڪارو هنوار ڪندي ماڻهو هندستان کي ڇا به ٻڌائي سگهي ٿو“. (ابرار قاضي ”ڪالاباغ ڊيم“ ص: 73-72) حقيقت اها آهي ته اسان کي خاطري ڏني وئي ته رٿائن ۾ کڻي ڇا به لکيل هجي پر اهي سڀ دنيا جي ملڪن کي ٻڌائڻ واريون ڳالهيون آهن، توهان پرواهه نه ڪريو، توهان کي ڪو به نقصان نه ٿيندو. اها مغربي پاڪستان سرڪار جي ڪئبنيٽ جي جيڪا 13.11.1955 تي ميٽنگ ٿي هئي، تنهن ۾ به ورجائي وئي. ان يقين دهانيءَ جي فيصلي جي ڪاپي اسان بار بار گهري آهي، پر ملي نٿي، بهرحال حقيقت اها آهي ته اسان کي سدائين اهو چيو ويو ته تربيلا ڊيم سنڌ لاءِ آهي، ٻيو ڪنهن لاءِ به نه“. (وهاب شيخ ”سنڌ ڪيس“ ص: 17). هندستاني پنجاب جي حڪمرانن سان سازش ڪري جيڪا هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي، تنهن ٺڳي ۽ فراڊ لاءِ ذميوار پنجاب هو ۽ آهي. ان کوٽ جو اثر سنڌ تي به پيو. ان لاءِ به پنجاب جا حڪمران طبقا ذميوار هئا ته انهن جو فرض هو ته ان نقصان جي تلافي ڪن. پر خالص پنجاب ibab ڪميٽيءَ نه رڳو سنڌ کي ان کوٽ جو ڪو به وهنوار ڪو نه ڏنو، پر اٽلو اها پنجاب جي کوٽ به سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيائون، هٿرادو کوٽ جي پورت لاءِ سڄي دنيا کي چيو ويو ته ان کوٽ جي پورت لاءِ جيڪا به مدد ملندي، اها سڄي مغربي پاڪستان جي سمورن صوبن لاءِ هوندي. ان ڪري انڊيا 17 ڪروڙ 50 لک ڊالر، ڪنسور شيم وارن ملڪن 17 ڪروڙ 50 لک ڊالر ڏنا ۽ پڻ 15 ڪروڙ ڊالر قرض به ڏنائون. اپريل 1964ع واري اضافي ايگريمينٽ مطابق پاڪستان کي ساڍا 31 ڪروڙ ڊالر غير ملڪي ايڪسچينج جا به مليا، ان سموري زبردست رقم، جيڪا سموري مغربي پاڪستان جي لاءِ ملي هئي، تنهن جي هڪڙي پائي به نه سنڌ ۾ خرچ ڪئي وئي ۽ نه ڪنهن ٻئي صوبي ۾. پنجاب جيڪا پنهنجي پاڻيءَ جي کوٽ ڏيکاري هئي، سا حقيقت ۾ ربيع ۾ 31 لک، 20 هزار ايڪڙ فوٽ هئي ۽ خريف ۾ هڪ ڪروڙ 67 لک ايڪڙ فوٽ هئي، پر پنجاب جي حڪمران ٽولن اها کوٽ 2 ڪروڙ ايڪڙ فوٽ ڪري ڏيکاري ۽ اوترو پاڻي وٺي کائي ويا. جيڪا امداد ملي، سا پاڻ کائي ويا ۽ ان جو هڪڙو رپيو به ڪنهن ٻئي صوبي تي، خاص ڪري پوڇڙ واري ڀائيوار صوبي سنڌ تي خرچ ڪو نه ڪيائون. پاڻيءَ جي پنجاب سان سان لاڳاپيل حڪمرانن طرفان هندستان سان سازش ڪري ان جي هٿان پاڪستان جو پاڻي هٿرادو نموني بند ڪرائڻ جو نقصان رڳو اولهه پنجاب کي ڪو نه ٿيو، پر سنڌ کي جيڪو پنجند وٽ سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين مان ربيع ۾ 19 لک، 20 هزار ايڪڙ فوٽ ۽ خريف ۾ 2 ڪروڙ 93 لک 60 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي هر سال ملندو هو، اهو به بند ٿي ويو. (37-1936 کان 46-1945 جي عرصي دوران سراسري طرح پنجند وٽان سنڌ کي پنجاب جي، سنڌو نديءَ کي ڀرتي ڪندڙ ندين مان ايترو پاڻي ملندو هو.) اهو حساب سنڌ کي 1948ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ملڻ کپندو هو ۽ ملڻ کپي، خاص طرح هينئر سنڌ اندر پاڻيءَ جي وڌل هٿرادو ماڻهو مار، خوفناڪ ڏڪار جي حالت ۾. جيڪي به ٻاهران امداد، قرض وغيره جا پئسا مليا هئا، سي فقط پنجاب لاءِ نه هئا، پر سموري مغربي پاڪستان لاءِ هئا. هتي هيٺيون ڳالهيون نوٽ ڪرڻ گهرجن: . 1971ع ۾ پنجاب جي ٽيوب ويلن ۾ ڪم ايندڙ پاڻي منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي پاڻيءَ جي گڏيل مقدار کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هو. (عبدالوهاب ”سنڌ ڪيس“ ص: 47).انصاف جي تقاضا آهن ته پاڪستان جي پاڻيءَ جو جڏهن ذڪر ٿئي، تڏهن ان ۾ رڳو وهندڙ پاڻيءَ جو ذڪر نه ٿئي، پر ڊيمن جي پاڻيءَ، زير زمين پاڻيءَ ۽ بارش جي پاڻيءَ جي مقدارن جو ذڪر به شامل ڪجي. دراصل پنجاب جي اختياريءَ وارن جي سازشي ڪاررواين سبب جيڪا پنجاب جي پاڻي ۾ ان وقت هٿرادو کوٽ ٿي، سا ربيع ۾ 31 لکن 20 هزار ايڪڙ فوٽ ۽ خريف ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک، 70 هزار ايڪڙ فوٽ هئي. پر پنجاب جي اختياري وارن اهو ڏيکاريو ته کيس 2 ڪروڙ 11 لک ايڪڙ فوٽ جي کوٽ ٿي آهي ۽ ان جو هنن سنڌ، بلوچستان ۽ اوڀر پاڪستان جي کنڌي تي عيوضو ورتو.“ (وهاب شيخ ”سنڌ ڪيس“ ص: 88) واهن جي سڌارن جي لاءِ سنڌ کي ڪو به پاڻي نه ڏنو ويو. پر پنجاب اختياريءَ وارن 55 لک ايڪڙ فوٽ فقط پنهنجي واهن لاءِ وٺي ڇڏيو. پنجاب ۾ ٻوڏ جي موسم ۾ چناب ۽ جهلم ندين جو جيڪو ٻوڏ جو پاڻي هيٺ سمنڊ ڏانهن ويو، تنهن کي پنجاب جي اختياريءَ وارن پنهنجي کوٽ جو ڪارڻ ڄاڻائي منگلا ڊيم جن واهن جي کوٽ لاءِ خاص طور ٺاهيو ويو هو، انهن واهن يعني تريمو، پنجند ۽ اسلام واهه جي ڀرتي ڪرڻ جو ذمو، سنڌو نديءَ ۽ ان تي مڙهيل تربيلا ڊيم تي هڻي ڇڏيو. پنجن مان ٽي نديون پنهنجي منهن وڪڻي ڇڏڻ کانپوءِ به پنجاب جي اختياريءَ وارن وٽ چناب ۽ جهلم ندين جو پاڻي هو ۽ منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي پاڻيءَ جي گڏيل مقدار کان به تمام گهڻي مقدار ۾ برسات جو زير زمين پاڻي هو. پر تنهن هوندي به انهن ٻن ٻين ڊيمن جي گهر ڪئي ۽ عالمي بئنڪ کين ٻه ڊيم، (منگلا 47 لک 50 هزار ايڪڙ فوٽ ۽ روهتاس 21 لک ايڪڙ فوٽ جي گنجائش وارا ڊيم) آڇيا. عالمي بئنڪ جو چوڻ هو ته پنجاب جي اختياريءَ وارن طرفان ڄاڻايل کوٽ جي پورت ڪرڻ کانپوءِ به پنجاب کي انهن ڊيمن مان 20 لک ايڪڙ فوٽ واهن جي سڌاري ۽ نئين زمينن جي آباديءَ لاءِ بچي پوندا. (عالمي بئنڪ سان ٿيل ڳالهين جي رپورٽ ص: 17 پئراگراف 13) پر پنجاب جي اختياريءَ وارن کي جلنڌر سازش مطابق فقط پنهنجي هٿرادو پيدا ڪيل، کوٽ جي پورت ڪرڻي ڪا نه هئي. پر ان سازشي موقعي جو فائدو وٺي زبردست مال ڪمائڻو هو، يعني پاڪستان کي عالمي بئنڪ ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن مان اربين ڊالر امداد جا انبار لڳائي پاڪستان جي سمورن صوبن جي گڏيل پاڻين مٿان ايترا ڌاڙا هڻي پنجاب ۾ ايترا واهه، ڊيم ۽ ٻيا پاڻي ڦٻائڻ جا بندوبست ڪرڻا هئا، جو ايندڙ وقت ۾ ٻيا صوبا ڀڙڀانگ رڻ پٽ ٿي وڃن ته ڀلي ٿي وڃن، پر پنجاب گڏيل پاڻين منجهان کين پاڻيءَ جو ڦڙو به نه ڏي ۽ سڀ درياهه پاڻ ڄڻ پي ڇڏي. حڪومت پاڪستان جي ليٽر نمبر سيڪريٽري (انڊيا) 54/8735 تاريخ 6-11-1954 باوجود، جنهن ۾ چيل هو ته جيڪي به واهه ۽ ڊيم ڪاغذي رٿن ۾ ڏيکاريل آهن، سي فقط ڌارين حڪومتن کي ڏيکاري کين پئسا ڏيڻ لاءِ آماده ڪرڻو هو. باقي انهن ڪاغذن ۾ ڏيکاريل اڏاوتن جي ٺهڻ جو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿي ٿيو، پر جيئن ئي ڌارين ملڪن سان ڳالهيون ٻولهيون ختم ٿيون ۽ اهي ڳوٺ روانا ٿيا، تيئن هڪدم پنجاب سان لاڳاپيل اختياريءَ وارن ۽ سندن چئيڪار وفاقي حڪومت ۽ ادارن 180 ڊگرين جو پلٽو کائي اعلان ڪيو ته پنجاب سان لاڳاپيل جيڪي به اڏاوتون ڪاغذن ۾ لکي ڏيکاري ڌارين ملڪن کان پئسا ورتل آهن، اهي هر حالت ۾ اڏڻ لازم آهن ۽ هڪڙي اکر جي به ڦير ڦار ٿيڻي ناهي. هتي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته پنجاب سان لاڳاپيل اختياريءَ وارن جو هر دور ۽ هر زماني ۾ پاڻيءَ جي ڦرلٽ لاءِ واردات جو طريقو اهو پئي رهيو آهي ته سدائين اهو چوندا وتن ته پنجاب جون نديون ۽ واهه سدائين تنگيءَ ۾ آهن ۽ سنڌوءَ ۾ سدائين اٿاهه پاڻيءَ جي ٻوڏ آهي ۽ اهو ٻوڏ وارو اجايو پاڻي خوامخواهه وڃيو سمنڊ ۾ زيان پيو ٿئي، ان اجائي زيان ٿيندڙ پاڻيءَ کي پنجاب ۾ سخت کوٽ جي پورت لاءِ ڪتب آڻڻ ضروري آهي. پاڻيءَ جي کوٽ واڌ بابت فرضي داستان ٻڌائڻ سان گڏ پنجاب جي اختياريءَ وارن جو ٻيو دلپسند حربو آهي، منٿون ڪري ڪنهن بظاهر معمولي ڳالهه لاءِ عارضي رعايت وٺي پوءِ جڏهن تڏهن وٺي اعلان ڪندا ته اها عارضي رعايت نه هئي. پر اهو اسان جو بنيادي حق آهي ۽ اهو اسان کي هميشه لاءِ استعمال ڪرڻو آهي ۽ پوءِ آخري هٿيار اهو هلائيندا ته ان شيءِ تي پهريون حق آهي ئي اسان جو ۽ جنهن جي اها اصلي ملڪيت آهي، ان کي ان مان ڪجهه نه ڪجهه فقط ايترو سرندو جيترو اسين کائي پي اوبر ڪري بچائينداسين، سنڌو درياهه تي تربيلا ڊيم مڙهڻ لاءِ چيائون ته اهو ڊيم فقط سنڌ جو آهي ۽ سنڌ جي واهن لاءِ آهي، پوءِ وري چيائون ته ان مان ٻه واهه ٿا ڪڍون ته سنڌو نديءَ ۾ جڏهن ڪو پاڻي اجايو بچي پوي ۽ خوامخواهه وڃي سمنڊ ڀيڙو ٿيڻ جهڙو ٿي وڃي ته پوءِ سنڌ جي اجازت سان اهو اجايو پاڻي خوامخواهه زيان ٿيڻ کان بچائي پنجاب اندر دائمي کوٽ جي پورت لاءِ ڪم آڻي ڇڏجي. تان جو پوزيشن اتي وڃي بيٺي آهي، جو عملي طرح سڄي سنڌو درياهه تي قبضو ڪريو ويٺا آهن. جيئن ئي 1973ع ۾ ڌاڙيل واهه چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال ٺهي پورو ٿيو، تيئن ئي تاريخ 18-6-1973 تي واپڊا عرض ڪيو ته ٿورڙو واهه کولي ڏيو ته ان کي آزمائي ڏسون ته ان جي حالت ڪهڙي آهي. ان ڏينهن کان وٺي هو تيسين باهه ٻاري بيٺا هئا. جيسين 3 جولاءِ 1973ع تي پيپلز پارٽيءَ جي گورنمينٽ کان ”ٿورڙي دير جي موڪل وٺي“ هيٺين عارضي ٺاهه تحت ان کي کولايائون ۽ پوءِ انهيءَ ئي دور ۾ ان عارضي ٺاهه تان ڦري هميشه لاءِ ان تي قابض ٿي ويا! عارضي ٺاهه: ”سال 1972ع ۾ چشمه-جهلم لنڪ کولڻ بابت: ”جيستائين پاڪستان جو صدر سنڌو ندي ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين جي پاڻي جي ورڇ بابت آخري فيصلو ڪري جنهن موجب اهوبه فيصلو ٿيندو ته سنڌو ندي مان جيڪي لنڪ ڪئنال ڪڍيا ويا آهن. انهن جي استعمال جا شرط ڪهڙا هوندا، تيستائين سنڌ ۽ پنجاب جي اريگيشن کاتن جي وزيرن جي گڏجاڻي صوبائي ڪو آرڊينيشن جي ڪنٽرول واري وزير عبدالحفيظ پيرزادي صاحب گهرائي جنهن اڄ لاهور شهر ۾ هيٺيون عارضي ٺاهه ڪيو: ”پنجاب جو گورنر، مرڪزي خزاني جو وزير، مرڪزي اطلاعات جو وزير ۽ سنڌ جو وزير اعليٰ گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ هئا“. ”جولاءِ جي مهيني ۾ سنڌو سٿ جي ندين ۾ سندن واهن جي ضرورت کان وڌيڪ پاڻي هوندو آهي، دراصل سنڌوندي توڙي ان جي ڀرتي ڪندڙ نديءَ مان پاڻي نڪري سمنڊ ڏانهن ويندو آهي ۽ تنهن جي ڪري ڪا به اهڙي ضرورت ڪانهي ته سنڌو ندي جي ضرورت کان بچيل پاڻي کي چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي ٻئي پاسي موڪليو وڃي. تنهن هوندي به اهو فيصلو پنجاب سرڪار جي گذارش تي ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد آهي ته ان لنڪ ڪئنال جي پوڇڙ واري پاسي کي سڪڻ نه ڏجي، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اهو (اڪيلو) هڪڙو وهڪرو سورهن آنا عارضي بنياد تي هوندو ۽ ان جي ڪري ڪو به اهڙو حق پيدا نه ٿيندو ته ڇاڪاڻ جو هڪڙي وهڪري جو موقعو مليو آهي، تنهن ڪري اسان جو اهو حق پيدا ٿيو آهي ته ٻين به اهڙن وهڪرن جي اجازت ملي. ”جيڪڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ چوي ته سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ جووهڪرو گهٽ وڌ ٿي ويو آهي، ته پوءِ واپڊا هڪدم چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال بند ڪري ڇڏي“. هن ٺاهه ۾ ڪنهن به هٻڪ ۽ مونجهاري کانسواءِ صاف صاف ۽ چٽن ۾ چٽن لفظن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته: 1. لنڪ ڪئنالن کي جي استعمال ڪرڻو آهي ته فقط مقرر شرطن ماتحت ڪرڻو آهي.(2) ونديءَ مان پاڻي فقط تڏهن کڻي سگهبو، جڏهن اهو سنڌ جي ضرورتن پورين ڪرڻ کانپوءِ بچيل رهجي ويو هجي.(3) هي ٺاهه فقط ۽ فقط هڪڙو دفعو پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ان جي هڪڙي دفعي اجازت جي ڪري ٻئي دفعي به اجازت گهرڻ جي سخت منع آهي. (4) اها هڪڙي دفعي جي اجازت به ان شرط سان آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ سمجهي ته ان هڪڙي دفعي جي پاڻي کڻڻ جي ڪري سنڌو نديءَ جو وهڪرو ضرورت کان گهٽ وڌ ٿي ويو آهي ته ان حالت ۾ واپڊا کي حڪم ڏنل آهي ته اها هڪڙي دفعي واري پاڻيءَ جي کڻت به هڪدم بند ڪري ڇڏي. پر اڃا ان ٺاهه کي ٽي مهينا ئي ڪو نه گذريا ته پنجاب ان ٺاهه تان ڦري ويو ۽ پنجاب جي گورنر غلام مصطفيٰ کر 16 آڪٽوبر 1973ع تي نمبر gas/b/173 جي خط ۾ لکيو”چيو پيو وڃي ته اهو لنڪ ڪئنال (چشمه-جهلم) ان لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته بچي پيل پاڻي ڪن خاص حالتن ۾ (سنڌوءَ مان ڪڍي پنجاب طرف) کنيو وڃي، مون کي افسوس سان ٻڌائڻو ٿو پوي ته اها ڳالهه ائين نه آهي، اهو واهه ان لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته (پنجاب جي) حويلي واهن ۽ لوئر ستلج واديءَ جي واهن کي گهربل پاڻي پهچائي ۽ هميشه پهچائيندو رهي، تربيلا ڊيم ٺهي راس ٿيڻ کانپوءِ اهو ائين ئي استعمال ڪيو ويندو. ائين برابر آهي ته مون کي خبر آهي ته سنڌ حڪومت جا ان ڳالهه بابت ويچار ٿورا مختلف آهن، مون کي يقين آهي ته اهي اختلاف جلد دور ڪيا ويندا“. اهڙيءَ ريت پنجاب جي اختياريءَ وارا پنهنجي ان پراڻي ڌنڌي کي لڳا رهيا ته جڏهن به ضرورت پوي، تڏهن جيڪي وڻي سي ٺاهه ڪجن ۽ جڏهن مرضي پوي تڏهن انهن کي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏجي، ان هوندي به 1985ع تائين هر سال سنڌ حڪومت کان اجازت گهري ويندي هئي ته اهو ڪئنال کولڻ ڏيو. 1985ع ۾ جڏهن سنڌو نديءَ ۾ پاڻي حد کان وڌيڪ گهٽ ٿي ويو، تڏهن پنجاب جو گورنر جنرل غلام جيلاني ۽ صفدر بٽ واپڊا جو چيئرمين پاڻ وڃي چشمه-جهلم ڪئنال کولايائون، ان ڏينهن کان وٺي سنڌ کي پاڻي پهچي نه پهچي پر تونسا-پنجند ۽ چشما-جهلم ڪئنال ڪنارن تار وهندا ۽ سنڌو نديءَ جو پاڻي ڍوئيندا ۽ سنڌ سڪائيندا رهن ٿا. 1991ع ۾ ڄام صادق علي، جنهن تي ڪئين سياسي قتل جا ڪيس هئا، تنهن کي ون يونٽ جي دور جهڙي سياسي دهشتگرديءَ ذريعي سنڌ جي چيف منسٽر طور مڙهي کانئس صحيح وٺي پنجاب کي 1945ع واري ٺاهه موجب جيترو پاڻي ملڻو هو،ان کان 70 لک ايڪڙ فوٽ وڌيڪ پاڻي ڏياريو ويو ۽ سنڌ کي هڪ ايڪڙ فوٽ به وڌيڪ پاڻي ڪو نه ڏياريو ويو. ان صحيح واري ڪاغذ جو نالو رکيو ويو. ”1991ع وارو سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه!“ٽن سالن کانپوءِ وزارتي ڪاغذن ۾ جعلسازي ڪري سنڌ جو حصو اڳي کان به گهٽائي ڇڏيائون ۽ ان کي ڪوٺيائون ”1994ع جو وزارتي اجلاس وارو ٺاهه!“ پاڪستان جي پاڻين مان سنڌ جي پتيءَ جي پاڻيءَ جو وڏو حصو پنجاب وارا ڳڙڪائي ويا آهن. منگلا ڊيم جيڪو هٿرادو کوٽ جي پورت لاءِ ٺهرايو ويو هو، تنهن تي پنجاب جون نيون زمينون پيون آباد ٿين ۽ کوٽ جو پورائو ڌاڙيل واهن ذريعي سنڌو نديءَ مان پيو ٿئي ۽ سنڌ ڪجهه سڪي وئي آهي، ڪجهه سڪڻ تي آهي، دنيا جي تاريخ ۾ هن کان وڌيڪ ڀيانڪ انسان دشمن ڏوهه چنگيز، هلاڪو ۽ هٽلر جي دور ۾ به نه ٿيا. هي ڏوهه فوجداري توڙي ديواني توڙي آئيني آهن. انهن جي تدارڪ ۽ تلافي لاءِ ضروري آهي ته اقوام متحده اسلامي ملڪن جي ڪانفرنس ۽ سارڪ جي سطح تي عدالتي فيصلو ڪرائي سنڌ ۽ سنڌي قوم کي مڪمل تباهيءَ کان بچايو وڃي ۽ ڏوهارين کي عبرتناڪ سزائون ڏٺيون وڃن، جيئن آئنده ڪنهن به فرد يا اداري کي پنهنجي ملڪ جي عوام سان ههڙيون ناانصافيون ڪرڻ جي جرئت نه ٿي سگهي.