حوریہ جو تعلق الجزائر سان هو
ڪاليج ۾ پڙهائي دوران، هڪ هم ڪلاس ڇوڪري سان کيس محبت ٿي، ٻنهي نڪاح ڪري ڇڏيو.
شادي کي پنجاهه سال گذري ويا، ان دوران انهن جا اٺ ٻار ڄاوا، پر اهي هڪ عجيب آزمائش مان گذريا. ڪو ٻار شادي جي ڇهن مهينن بعد وفات ڪري ويو، ڪو سال ٻن سالن بعد، ۽ اهڙيءَ طرح انهن جا سڀ اٺ ٻار لاڏاڻو ڪري ويا.
شادي کان پوءِ گذريل هر مهينو ۽ هر سال حوريہ لاءِ اذيت ناڪ رهيو. اولاد جي وڇوڙي جي ڏک سان زندگي تمام ڏکي ٿي پئي، ته ان دوران حوريہ جو مڙس به هن دنيا مان هليو ويو.
مڙس جي وڇوڙي کان ڪجهه وقت پوءِ، حوريہ کي ڪينسر جي تشخيص ٿي. اڳواٽ ئي سندس زندگي ڏکن سان ڀريل هئي، هاڻي ته مستقبل به بي معنيٰ لڳڻ لڳو.
اسپتال جي بستري تي پيل، ڪينسر سان وڙهندي حوريہ سوچڻ لڳي: جيڪڏهن مان هن بيماري کي شڪست ڏئي ڪجهه سال جي به وٺان، ته ڪنهن لاءِ؟
ماءُ پيءُ ننڍپڻ ۾ گذاري ويا،
اولاد به ننڍپڻ ۾ هڪ کان پوءِ ٻيو وڇڙي ويو،
مڙس به ساٿ ڇڏائي ويو.
هاڻي جياپي جو ڪو مقصد ئي ناهي.
حوريہ انهن سوچن ۾ پاڻ سان وڙهي رهي هئي ته اوچتو سندس ذهن ۾ هڪ خيال آيو. هوءَ اسپتال مان نڪتي ۽ سڌو پنهنجي گهر پهتي.
سندس جسم ۾ هڪ نئين توانائي ڀرجي آئي.
هن گهر جي سيٽنگ ۽ صفائي ڪئي، ڪجهه نوان بسترا، چادرون ۽ ڪمبل آڻايا.
هاڻي کيس زندگي جو مقصد ملي چڪو هو، هاڻي کيس جيئڻو هو.. ٻين لاءِ جيئڻو هو!
حوريہ پنهنجي گهر کي "داراليتام" قرار ڏنو.
هوءَ يتيم ٻارن جي سارسنڀال، پرورش ۽ تربيت ڪرڻ لڳي.
هوءَ انهن ٻارن لاءِ ماءُ بڻجي وئي، ڪجهه وقت ۾ يتيم ٻار ٻن مان چار، ۽ پوءِ چار مان اٺ ٿيندا ويا.
اهڙيءَ طرح ڪيترائي يتيم ٻار هن سان گڏ رهڻ لڳا.
هوءَ پنهنجي سمورو وقت انهن ٻارن سان گذارڻ لڳي، انهن جي ننڍڙين خوشين لاءِ پاڻ پتوڙن لڳي، انهن لاءِ رانديڪا آڻيندي، ۽ انهن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ کيڏندي.
ڪجهه سال گذري ويا، الله جي مدد سان حوريہ ڪينسر کي به شڪست ڏئي ڇڏي.سندس ڪم جي شهرت پوري ملڪ ۾ پکڙجي وئي.
هوءَ "ام اليتام" (يتيم ٻارن جي ماءُ) جي نالي سان مشهور ٿي.
حڪومت به سندس ساراهه ڪئي ۽ سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو.
اڄ پوري الجزائر ۾ حوريہ جي نگرانيءَ ۾ درجنين يتيم خانا هلي رهيا آهن.
هاڻي هوءَ پنهنجي زندگيءَ مان خوش آهي.
هن يتيم ٻارن جي سارسنڀال کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي فلاحي ڪمن جي شروعات ڪئي آهي.
سبحان الله! زندگي به حيرت انگيز راز آهي،
جتي لڳي ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو، اتي ئي نئون شاندار آغاز ممڪن آهي.
زندگي تمام خوبصورت آهي.. بس جيئڻ جو طريقو اچڻ گهرجي. سو، ڏکن ۽ تڪليفن جي باوجود به جيئڻ سکو!
زندگيءَ جو مقصد طئي ڪريو!
جيڪي ٻين جي خوشين کي پنهنجو مقصد بڻائين ٿا، سي ڪڏهن به دائمي غمن ۾ نٿا رهن.
قدرت جو قانون آهي ته جيڪي گل پوکين ٿا، سي خوشبو ۾ رهن ٿا!