
هر سال 8 مارچ تي عالمي عورتن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جيڪو دنيا ۾ عورتن جي جدوجهد، ڪاميابين ۽ حقن جي اعتراف جو ڏينهن آهي. هيءُ ڏينهن اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته تاريخ ۾ اهڙيون بيشمار عورتون ٿي گذريون آهن، جن زندگي جي هر شعبي ۾ غيرمعمولي خدمتون انجام ڏنيون، پر گهڻو ڪري انهن جي محنت ۽ ڪاميابيون پسمنظر ۾ رهيون. خاص طور تي سائنس، فلڪيات ۽ خلائي تحقيق جهڙن شعبن ۾ اهڙيون شاندار عورتون ٿي گذريون، جن جا ڪارناما اڄ جي جديد سائنس جي بنياد سڏيا وڃن ٿا.
جڏهن به اسان فلڪيات ۽ خلائي سائنس بابت سوچيون ٿا، ته اسان جي ذهن ۾ عام طور آئزڪ نيوٽن، آئنسٽائن، نيل آرمسٽرانگ، ايڊون هبل يا اسٽيفن هاڪنگ جا نالا ايندا آهن. پر جيڪڏهن اسان چئون ته تاريخ ۾ ڪجهه اهڙيون عظيم عورتون پڻ موجود رهيون، جن جي خدمتن کان سواءِ ڪائنات جي اڄ جي ڄاڻ ممڪن نه هجي ها، ته شايد ڪو يقين ئي نه ڪري. حقيقت هيءَ آهي ته ڪجهه عورتن پسمنظر ۾ رهي ڪري غيرمعمولي سائنسي دريافتون ڪيون، پر گهڻا ماڻهو انهن بابت نٿا ڄاڻن.
اڄ اسان اهڙين ئي چئن عورتن جي ڪهاڻي بيان ڪنداسين، جن کانسواءِ جديد فلڪيات ۽ خلائي تحقيق اڄ جي هن مقام تائين پهچي نه سگهي ها.
1. هينريئٽا سوان لي ويٽ:
هينريئٽا هڪ "انساني ڪمپيوٽر" طور ڪم ڪندي ڪائنات جي فاصلا ماپڻ جو طريقو دريافت ڪيو.
2. سيسيليا پين-گاپوشڪن:
سيسيليا اها عورت هئي، جنهن ستارن جي جوڙجڪ معلوم ڪري جديد فلڪيات جو بنياد رکيو.
3. مارگريٽ هيملٽن:
مارگريٽ اها عورت هئي، جنهن ناسا لاءِ سافٽ ويئر لکي اپولو 11 مشن کي چنڊ تي لهڻ ۾ ڪامياب بڻايو.
4. ڊاڪٽر ڪيٽي بائومن:
ڪيٽي بائومن بليڪ هول جي پهرين تصوير ٺاهڻ جي پيچيده ڪم کي ممڪن بڻايو.
هيء چار عورتون انهن بيشمار ناليوارين سائنسدان عورتن مان مثال طور آهن.. جن پنهنجي تحقيق سان ڪائنات جا راز کولڻ ۾ انسانيت جي مدد ڪئي. انهن جو نالو فلڪيات جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ سنهري اکرن ۾ لکيو ويندو.