• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گلقند 4

شبير احمد قريشي

سينيئر رڪن
سائين منهنجي کي چوان ڳالهه پئي ڪيم ته انساني لالچ، حوس جي ڪا انتها ڪونهي.
(الهاکمُ التکاثر) مال و دولت جي ڪثرت انسان کي هلاڪت ۾ وڌو آهي.
رت چوسڻ واريون ڄورون به هڪ دفعو ڍو تي رت چوسي ڀرجي ڪري پونديون آهن.
باقي چچڙ ئي آهن جيڪي هميشه بدن تي چنبڙيل رهندا رت چوسيندا رهندا آهن.
سنڌ جي ملوڪ بدن تي هن وقت
چچڙ گهڻا چنبڙيل آهن. بدقسمتي ڏسو ته ڳئون جي ٿڻن مان تازي مٺي کير جون نهرون وهن ٿيون ساڳي ٿڻ تي چنبڙيل چچڙ ان مان رت چوسي پاڻ کي گندو ۽ گئو ماتا کي ڪمزور ڪري ٿو. سنڌ امڙ جي ٿڻن سان چنبڙيل رت چوسڻا تيستائين نه هٽندا جيسيتائين هو قدرت جي چمٽي سان ڇڪجي ٻاهر نه ٿا اچن.
اڄ ڪله اهڙين
ڄورن يا چچڙن ....
ڀوت پريت
روح بدروح
آتما پرماتما
وغيره جو چڪر گهڻو هلي پيو.😱
جيڪڏهن سڀ ڄاتل يا اڻ ڄاتل آتمائن ☠️ کان بچڻ چاهيو ٿا.
ته هن وظيفي جو ورد ست راتيون سانده 12 بجه رات جو چاليھ دفعا ڪيو .🤓
اميد ته ڪا به آتما، ڀوت پريٽ، ڀتار ڪمدار ويجهو نه ايندو........ نه ئي ڪو چچڙ، چمڙو رت چوسڻو چنبڙندو.
بشرطيڪ وظيفو ڪندڙ تاڪيد سان پنجاھ روپئي جو ايزي لوڊ مون ڏي موڪلي ۽ ثواب دارين حاصل ڪري . ❤️🌹❤️🌹😊😊😊😊🙏
وظيفو.
اچن ڪر وچن ڪر.
مڇون ڪوڙي صفن ڪر.
مايا موڙي دفن ڪر.
ڀوتارن کي ڀسم ڪر.
پرايو مال هضم ڪر.
ابت سبت انگڙ ونگڙ شُو.
شُو شُو شُو شُووووووو.
😊😊😊😊😊
 
واه زبردست لکيو اٿوَ! طنز ۽ مزاح سان گڏ سچائي به شامل آهي. سنڌ جي حالت تي بهترين تمثيلي بيان آهي. خاص ڪري چچڙن جي تشبيہ ته لاجواب آهي. وظيفو به اهڙو ڏنو اٿو جو پڙهي کل به اچي ٿي ۽ سوچڻ تي به مجبور ڪري ٿو.!
 
سائين شبير صاحب..
بھترين انداز ✔️✔️ ۽ بھترين تحرير ✔️✔️

بيشڪ انسان خساري ۾ آھي (القرآن)
انڪري انسان کي سمجھ ۾ ايندي بہ خساري وڻندو آھي، خبر بہ ھوندي اٿس تہ مان جنھن قوم جا ووٽ وٺي آيو آھيان انھن جا حق کاوان ٿو، خبر بہ ھوندي اٿس تہ ڪرسي تي ويھي پنج دمڙيون وٺڻ ڏوھ آھي، خبر بہ ھوندي اٿس تہ ھي غريب بي ڏوھي تہ بہ ان کي ڪُٽرائڻ غلط آھي ان باوجود اھي ڪم ڪندي انسان عار محسوس ڪو نہ ٿو ڪري سو واقعي رب درست ٿو فرمائي تہ انسان خساري ۾ آھي.
 
Back
Top