ليکڪ (خير محمد ڪولاچي)[/COLOR سن 1976ع جي ڳالهه آهي جو مان حڪومت سنڌ جي هڪ کاتي ۾ نوڪري ڪندو هوس. ان کاتي جي مشينري زرعي زمين جي سڌاري لاءِ زميندارن کي ڪرائي تي ڏني ويندي هئي. اسين اڪثر مختلف زمينن تي هلندڙ مشينري جي معائني لاءِ ويندا رهندا هئاسين. هڪ ڏينهن مان ان ڪم سانگي عملي جي ڪجهه ساٿين سان گڏ فيلڊ ۾ نڪتل هوس. هڪ مقام تي هلندڙ مشينري جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي زمينن مان پنڌ روڊ جي پاسي ۾ بيهاريل گاڏي طرف اچي رهيا هئاسين ته اسان جي نظر هڪ ڌنار تي پيئي، جنهن ٻنين ۾ مال بيٺي چاريو. جڏهن اسين هن جي ويجهو پهتاسين ته هو اسان کي ڏسي اڳتي وڌي آيو. اسان کي اچي کيڪاريائين ۽ مليو. دعا سلام ڪرڻ کان پوءِ اسان کي هٿ ٻڌي چوڻ لڳو ته سائين مهرباني ڪري منهنجي ماني کائي پوءِ وڃو. اسان کيس ٻڌايو ته هڪ ته اسين نيرن ڪري نڪتا آهيون ٻيو ته اسين ڪي ڪم رٿي نڪتا آهيون، جيڪڏهن ماني لاءِ ويٺاسين ته اسان جا ڪم رهجي ويندا. ان ڪري اسين معذرت ٿا ڪريون. همراهه اسان جي ڳالهه تي غور ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڳالهه تي ضد ڪرڻ لڳو. وڌيڪ سمجهائڻ تي هو منٿون ڪرڻ لڳو. سندس انهي خلوص کان متاثر ٿي اسان جي هڪ ساٿي چيو ته سائين هي ڀائو دل سان صلاح ڪري رهيو آهي، ان ڪري اسان کي هن جي دل رکڻ لاءِ هن جي دعوت قبول ڪرڻ گهرجي. ٻين به سندس راءِ جي حمايت ڪئي. ائين اڪثريت جي راءِ جو احترام ڪندي اسان ٿوري دير ترسي همراهه جي ماني کائڻ جو فيصلو ڪيو. ڌنار جنهن جو ننڍو ڳوٺ ويجهو ئي هو سو ڊوڙي وڃي ٻه کٽون کڻي آيو ۽ اچي وڻ جي ڇانوَ هيٺان رکيائين. کٽن تي رليون وڇائي اسان کي ويهڻ لاءِ چيائين. اسان اتي ويهي پنهنجي ڪچهري ۾ لڳي وياسين ۽ هو اسان لاءِ ماني جو بندوبست ڪرڻ ۾ لڳي ويو. اٽڪل ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ ماني کڻي آيو، جنهن ۾ ماني، مکڻ ۽ لسي وغيره هئي. سنڌ جي ٻهراڙي جي روايتي ماني اسان مزي سان ويهي کاڌي ۽ آخر ۾ سندس پرخلوص مهمان نوازي جو ٿورو مڃي کائنس موڪلائي اڳتي روانا ٿياسين. ٿوري دير کان پوءِ اسان کي رٿيل ڪمن لاءِ وقت جي ڪمي محسوس ٿيڻ لڳي، جنهن جو احساس سڀني کي ٿيڻ لڳو. اتي اسان جو هڪ ساٿي چوڻ لڳو ته سائين اسان هن چرئي جي ماني جي چڪر ۾ ويهي اجايو وقت ضايع ڪيو. اسان کي ته ماني جي ضرورت به ڪونه هئي پوءِ به ماني کارائڻ لاءِ ضد پئي ڪيائين. نه ڄاڻ نه سڃاڻ پوءِ به ماني کائڻ لاءِ منٿون پئي ڪيائين، اصل صفا ڪو چريو هو. ٻين به سندس ها ۾ ها ملائي ۽ سڀ کيس چريو چوڻ لڳا. ان کان علاوه سندس ڳالهين، هليي ۽ انداز تي طنز ڪري کلڻ لڳا. اتي مون کين ٽوڪيندي چيو ته هن ويچاري جي خلوص کي توهان وساري ڇڏيو. ماني به کارايائين، خدمت چاڪري به ڪيائين، هاڻ چريو به ان کي ٿا چئو. حقيقت به اها آهي ته اجائي، بنا ضرورت ۽ ضرورت کان وڌيڪ مهمان نوازي ڪرڻ واري کي پوءِ اها انفرادي حيثيت ۾ هجي يا اجتماعي ان جي موٽ ۾ ميزبان کي سادو ۽ بيوقوف چيو ويندو آهي. جيئن اڄڪلهه ڪي غير سنڌي اسان کي سائين ۽ مهمان نواز ان انداز ۾ چوندا آهن جو سادي ماڻهو کي ته شايد اها تعريف لڳي پر هر سمجهو ماڻهو کي ان ۾ اسان جي سادي هئڻ بابت طنز واضح محسوس ٿيندي آهي. مهمان نوازي تهذيب جي اها صفت آهي جنهن موجب آيل مهمان جي کاڌي پيتي، آرام ۽ سهولتن جو خيال رکيو ويندو آهي. ائين ان عمل ۾ ٻئي جي عزت ڪرڻ سان گڏ پاڻ ۾ موجود انساني جذبن جو عملي اظهار ٿئي ٿو. ان جي موٽ ۾ پڻ ساڳيو ورتاءُ ٿئي ٿو جنهن سان معاشري ۾ ميٺ، محبت ۽ همدردي وارو ماحول پيدا ٿئي ٿو. اها صحتمند معاشري جي ضرورت ۽ سونهن آهي. مهمان نوازي جي تاريخ به ڊگهي آهي، اها ماضي ۽ موجوده دور ۾ هر سڌريل معاشري ۾ هلندي رهي ٿي. ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌ. ڪٿي اها مختلف طور طريقن سان رائج آهي. پنهنجي ملڪ جي مختلف علائقن تي نظر وجهو ته هر صوبي ۽ علائقي جنهن ۾ جابلو علائقا هجن، ٿر جهڙا ريگستاني علائقا يا ميداني علائقا، هر هنڌ مهمان نوازي جو رواج آهي. علائقه غير ۾ بندوقن جي پهرن ۾ مهمان نوازيون ٿينديون رهن ٿيون. بقول منهنجي هڪ پنجابي دوست جي ته مهمان نوازي اسين به ڪندا آهيون پر تواضح فقط واقفڪار جي ڪندا آهيون. پر توهان سنڌي اڻ واقف ماڻهو کي به ماني کارائي سندس خدمت ڪندا آهيو. ائين توهان واقعي مهمان نواز آهي. حقيقت به اها آهي ته اسين مهمان نوازي ۾ ڪجهه اڳڀرا آهيون. ڏينهن جو وڏو حصو يا ته پاڻ مهمان هوندا آهيون يا ٻيو ڪو اسان وٽ مهمان هوندو آهي. بس اسان کي مهمان ٿيڻ ۽ بنائڻ جو بهانو گهرجي. هڪ محلي کان ٻي محلي ۾ آيل به مهمان، هڪ هاسٽل کان ٻي هاسٽل ۾ آيل به مهمان، ڪجهه فرلانگن جي فاصلي تي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ پنهنجي ڪم سانگي آيل به مهمان. ائين ٿو لڳي ته ميزباني ۽ مهمان نوازي اسان جي فطرت تي حاوي ٿي اسان جي ڪمزوري بنجي ويئي آهي. اها اهڙي ترجيح بنجي ويئي آهي، جنهن کي اسين پنهنجي دائمي ۽ اجتماعي مفادن تي به ترجيح ڏيون ٿا. چوندا آهن ته هر شيءِ جي ڪثرت نقصانده ٿيندي آهي. اهڙي طرح مهمان نوازي جي ڪثرت پڻ اسان کي ڪافي نقصان رسايو آهي. اسان جي ان ڪمزوري جو فائدو وٺي ڌاريا وڏي انگ ۾ آباد ٿي ويا آهن. جيڪي اسان جي روزگار جي وسيلن تي قابض ٿيڻ سان گڏ اسان جي زبان، روايتن ۽ قومي شناخت لاءِ خطرو بڻجندا پيا وڃن. اسين اڳي ئي تيار ويٺا آهيون مٿان جيڪڏهن ڪنهن ڌارئي وقتي طور تي سٺو رويو رکيو ته اسين انفرادي ۽ قبائلي سطح تي وڌي ڳوٺ يا علائقي ۾ ان کي رهڻ ۽ ڌنڌا ڌاڙي ڪرڻ ۾ مدد لاءِ تيار ٿي ويندا آهيون. ماضي کان اهڙي روش سبب ڌارين جو اچي آباد ٿيڻ جو سلسلو هلندو رهيو. انهي دور ۾ آبادي به گهٽ هئي ته زندگي جي رفتار پڻ سست، ان ڪري اها لڏپلاڻ اسان جي شناخت تي ته گهٽ اثرانداز ٿي باقي ڌارين جي ڪن رسمن کي قبول ڪري اسان پنهنجي پُرامن سماج ۾ ڪي اڻ وڻندڙ رسمون رائج ڪري ڇڏيون جيڪي هاڻ سماج کي کوکلو ڪري رهيون آهن. ورهاڱي وقت وڏي لڏپلاڻ کي آباد ڪرڻ لاءِ سرڪار جا سڀ وسيلا ڪتب آندا ويا ته ٻئي طرف اسان به ڪين گهٽايو. اسان جي ماڻهن نتيجن تي سوچڻ بنا پنهنجي ڪمزوري موجب نيڪ نيتي سان سندن آڌر ڀاءُ به ڪيو ته مدد به ڪئي. اهڙي اجتماعي مهمان نوازي جو مثال دنيا جي ٻي ڪا قوم شايد ئي پيش ڪري سگهي. ائين مهمان نوازي جي جذبي تحت اسان پنهنجو گهڻو ڪجهه لٽايو. هاڻي جڏهن اسين طاقتور غير سنڌين کي اها ميار ڏيندا آهيون ته توهان کي اسان جيءَ ۾ جايون ڏنيون، ته ان ۾ اسان جي ڪمزوري جو به عنصر هوندو آهي ۽ ٻي ڌُر تي ان ميار جو ڪو اثر ٿيندو نظر نه ايندو آهي. ان کان سواءِ موجوده ڏينهن ۾ ملڪ جي ٻين حصن مان روزگار، واپار ڌنڌن ۽ زمين جي حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳيتو ايندڙ ماڻهن کي اسان جي حسن سلوڪ سبب پير کوڙڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. اسان مان جيڪو کلي ڳالهائي اهو اسان جو يار جيڪو عزت ڏئي ان تي اسين قربان ٿيو وڃون. ائين وسيلن ۽ روزگار تي ڏينهون ڏينهن غير سنڌي حاوي ٿي خوشحال ٿيندا ٿا وڃن. ٻئي طرف اصلي رهاڪو معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رهيا آهن. هاڻ ته اهو وقت اچي ويو آهي جو هر سمجهدار ماڻهو قومي شناخت لاءِ فڪرمند نظر اچي ٿو. اسان کي پنهنجي تهذيب جي هر سٺي روايت تي فخر هئڻ گهرجي ۽ ان کي زنده رکڻ اسان جو فرض آهي، پر ساڳئي وقت دنيا ۾ بدلجندڙ صورتحال تي به نظر رکڻ گهرجي. اسان کي ٻين جيڀلائي لاءِ سوچڻ سان گڏ پنهنجن انفرادي ۽ اجتماعي مفادن جي تحفظ لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ ان کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.