
هن سان ملو.. هي آهي سنيتا وليمز جيڪي پنهنجي ساٿي خلاباز بچ ولمور سان گڏ صرف اٺ ڏينهن لاءِ هڪ تجربي واري راڪيٽ ذريعي خلا جي سفر تي ويا ۽ اتي پهچي ڦاسي پيا..
انهن کي خلا تائين وٺي وڃڻ واري بوئنگ ڪمپني جي راڪيٽ ۾ فني خرابي پيدا ٿي وئي راڪيٽ جي زمين تي پهچڻ کان اڳ ئي فيول ليڪيج جي ڪري ڦاٽڻ جو خطرو هو.. جنهن سبب اهي ٻئي زمين تي واپس نه اچي سگهيا.. طويل عرصي تائين اتي رهڻ دوران انهن خلا ۾ ليٽس پوکڻ سميت ڪيترائي تجربا ڪيا ان کان علاوه آءِ ايس ايس جي مرمت ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو..
دنيا هي مڃي چڪي هئي ته اهي ٻئي هاڻ ڪڏهن به زمين تي واپس نه اچي سگهندا ڇو ته انهن جي واپسي لاءِ بلين ڊالر خرچ ٿي رهيا هئا ۽ انهن کي واپس آڻڻ لاءِ جنهن مشن تي ڪم ٿي رهيو هو اهو ڪيترائي ڀيرا ناڪام ٿي چڪو هو.. پر انهن بهادر خلا بازن ايترو ڊگهو عرصو رهڻ جي تياري نه هجڻ باوجود بهادري سان پنهنجو وقت گذاريو.. ايتري تائين جو ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس جي هڪ راڪيٽ ذريعي 9 مهينا ۽ 14 ڏينهن پوءِ هي خلاباز واپس زمين تي اچي چڪا آهن..
انهن جو ڪريو ڪيپسول ڪلهه صبح ٽي وڳي سمنڊ ۾ لٿو جتي موجود عملي ان کي فوري طور تي بحري ٻيڙي ۾ منتقل ڪيو ۽ ڪيپسول کي هاءِ پريشر واٽر ذريعي ڌوئي ان جا دروازا کوليا ويا ۽ چارئي خلابازن کي اسٽرينچر ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو..
واضح رهي ته خلاباز زمين تي اچڻ کان پوءِ ڪافي وقت تائين زمين تي هلي نٿا سگهن.. ڪشش ثقل کانسواءِ رهڻ جي ڪري خلا کان واپسي تي انهن جي جسم ۾ مسلز هڏين ۽ نظر سميت ٻيا مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا ۽ انهن کي ڪافي عرصي تائين ناسا ۽ ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ رکيو ويندو آهي.. انهن جي خوراڪ ۽ ورزش تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ انهن کي ٻيهر هلڻ سکڻو پوندو آهي.. سنيتا وليمز ۽ بچ ولمور سميت چارئي خلابازن کي به 45 ڏينهن تائين سخت نگراني هيٺ رکيو ويندو..
ياد رهي ته هي ڪنهن به خلاباز جو اسپيس ۾ گذاريل سڀ کان وڌيڪ وقت هو ان دوران سنيتا وليمز سڀ کان وڌيڪ اسپيس واڪ ڪندڙ خاتون خلاباز به بڻجي وئي.. انهن جي واپسي جو هي شاندار حيران ڪندڙ ۽ ڪامياب منظر ناسا جي سرڪاري ويب سائيٽ ذريعي سڄي دنيا ۾ ڏيکاريو ويو..
جنهن عمر ۾ ماڻهو بستري تان نٿا اٿن ان عمر ۾ خلابازن جو جان جوکم ۾ وجهي خلا جو سفر ڪرڻ سائنس ۽ دنيا لاءِ شاندار مثال ۽ ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ انسانيت جي خدمت آهي..