ڀيڻ صبا! سنڌين جي هن وشال اڱڻ تي هي مولائي فقير توهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو ڪري۔ ۔۔۔۔۔ اجهو اسان وارو شڪارپوري فقير (ڦلپوٽو فقير) به اچي ڪڙڪيو، جيڪو توهان جي لا گُلن ۽ گلدستن جا تحفا کڻي ايندو۔۔ (اگر جي جُمعي جي ڏينهن روزي ملي هوندس ته يا ڪنهن مسيت مان جُتي چورائي هوندائين ته)۔۔۔ سچ پڇو ته اسان جي خوشي جي ڪا انتها نه هوندي آهي جڏهن توهان جهڙيون پڙهيل ڳڙهيل ڀينرون سنڌ جي سورن جي پچار ڪرڻ لا اسان جا ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي لا سنڌين جي هن وڏي اوطاق تي اينديون آهن۔۔۔۔۔ ادو وڏو (سائين نثار ابڙو) به ڄاڻ آيو جيڪو توهان جي آجياني ۾ لفظن جي اهڙي ته مالا پوئيندو جو اصلي واهه واهه ٿي ويندي۔۔۔۔۔۔۔نه ته ادو ممتاز ته آهي ئي آهي۔۔۔۔۔۔۔ جيڪو ته اصلي اوڌر سوڌر تي به گُل ۽ گُلدان کڻي ايندو۔۔۔۔۔
اميد ته توهان جو ساٿ اسان جا قائم رهندو،۔۔۔۔
سدائين گڏ مهرباني
(ڀيڻ مان مولائي ماڻهو آهيان مون وٽ توهان کي گُل ڏيڻ جي لا پئسا ڪونهن۔۔۔ اڃا ٽرينگ هلي پئي جيئن ئي پنڻ شروع ڪيو ته حاضر)