الشيخ قادر بخش حیدری
فعال رڪن
بسم اللہ الرحمن الرحيم
انھدام جنت البقيع جا سبب ۽ اسان مسلمانن جي ذمہ داري
تحرير : مولانا الشيخ قادر بخش حيدري
جنت البقيع جي ياد ۾ اسان هر سال 8 شوال غم جوڏھاڙو ڪري ملهائيندا آهيون. سن 1925 ۾ مديني منور ۾ جنت البقيع ۽ مڪي ۾ جنت المعلي جي مقبرن ۽ قبرن کي مسمار ڪيو ويو.اهي قبرون جن ۾ حضرت فاطمہ الزهرا(س)، امام حسن(ع)، امام زين العابدين(ع)، امام محمد باقر(ع)، امام جعفر صادق(ع) ۽ ٻين اولاد نبي ، ازواج نبي ( ص ) ، اصحابن، سڳورن ۽ رسول اڪرم(ص) جي رشتيدارن ۽ حق جي راه ۾ شهيدن جون قبرون آھن . هر ڪو حيران آهي تہ اهڙي ملڪ جنھن جو حاڪم حرمين جو نگهبان هجڻ تي فخر ٿو ڪري پر هي هڪ حقيقت آهي اسان جو تعلق 20هين صديءَ سان آهي ۽ هي واقعو بہ انھي صديءَ سان تعلق رکي ٿو، تنهنڪري جنت البقيع جي تباهيءَ جي محرڪن کي صحيح تناظر ۾ سمجهڻ لاءِ اسان کي ڪجه تفصيلن ۾ وڃڻو پوندو، جن کي اسين 5 حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. (1) جنت البقيع جي باري ۾ مورخين جا نظريا (2) وهابيت جي شروعات ۽ فروغ (3) تحريڪ خلافت ۽ جنت البقيع (4) جنت البقيع جي انھدام ۽ اسلامي رد عمل (5) اسان جي ذمہ داري
1:جنت البقيع بابت مورخن جو خيال
بقيع جي لغوي معنيٰ آهي وڻن جو باغ ۽ تقدس جنهن جي ڪري ان کي جنت البقيع چيو وڃي ٿو. اهو مديني ۾ هڪ قبرستان آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو عثمان بن مظعون دفن ڪيوويو ، پوءِ هتي نبي اڪرم حضرت محمد مصطفي ص جو فرزند حضرت ابراهيم دفن ڪيو ويو. اھڙيءَ طرح رسول اللہ صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جا ٻيا رشتيدار، صفيہ ، عاتڪا ۽ امير المومنين (ع) جي والدہ فاطمہ بنت اسد (س) بہ هتي دفن آهن.
ٽئين خليفہ حضرت عثمان کي جنت البقيع جي ٻاهران دفن ڪيو ويو پر بعد ۾ ان جي توسيع جي ڪري سندس قبر بہ بقيع جو حصو بڻجي وئي. بقيع ۾ دفن ٿيلن کي نبي ڪريم صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم دعا ۾ ياد ڪندا هئا، تنهنڪري بقيع جي قبرستان جي جوڙجڪ مسلمانن لاءِ اعزاز ۽ تقدس جو هڪ تاريخي نقطو بڻجي ويو. 7 صدي هجريءَ ۾ عمر بن جبير پنهنجي سفرنامي مديني ۾ جنت البقيع ۾ مختلف مقبرن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جي مڪمل مرمت ٿيل قبرن ۽ گنبد آهن، جن ۾ حضرت ابراهيم (ع) فرزند نبي اڪرم ص ، عقيل ابن ابي طالب (ع)، عبداللہ بن جعفر (رضي اللہ عنہ ) امھات المومنين ، عباس ابن عبد المطلب ، جون قبرون آهن.
قبرستان جي ٻئي حصي ۾ امام حسن (ع) ۽ عباس ابن عبدالمطلب جي قبر جي پويان هڪ حجرو آهي، جنهن کي بيت الحزن سڏيو وڃي ٿو. جتي سيدہ فاطمہ زھرا س پنھنجي بابا جي غم ۾ روئنديون ھيون . لڳ ڀڳ سؤ سالن کان پوءِ ابن بطوطہ بہ پنهنجي سفرنامي جي هڪ ڪتاب ۾ جنت البقيع جو جيڪو خاڪو بيان ڪيو آھي اھو بہ ساڳيو آھي .
عثماني سلطنت مڪي ۽ مديني جي خوشحالي ۾ اضافو ڪيو ۽ مقدس جڳهن جي سار سنڀال ۽ خوبصورتي ۾ بہ اضافو ڪيو ۽ 1878ع ۾ ٻن انگريز سياحن انهن ماڳن جو دورو ڪيو ۽ مديني کي استنبول جهڙو خوبصورت شهر قرار ڏنو . گذريل 12 سؤ سالن کان جنت البقيع جو قبرستان هڪ قابل احترام مقام رهيو آهي، جيڪو ماضي ۾ مرمت ۽ بحاليءَ جي مرحلن مان گذريو آهي.
2 : وهابيت، جي ابتدا ۽ فروغ
13هين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ حجاز جي سياسي صورتحال بدلجي وئي ۽ جنت البقيع ان جي زد کان محفوظ نہ رهي سگهي ، ان جو بنيادي سبب وھابيت آهي. وهابيت جو پس منظر ڇا آهي؟ ان جي ابتدا نجد ۾ ٿي ان وقت جزيرہ نما عرب ۾ ٻہ وڏيون طاقتون هيون، هڪ نجد ۾ ۽ ٻي حجاز ۾، ترڪي جي اتر ۾، جتي عثماني سلطنت قائم ٿي، جنهن ۾ شام، عراق، اردن ۽ فلسطين شامل هئا.
1115ه ۾ نجد ۾ محمد بن عبدالوهاب نالي هڪ شخص پيدا ٿيو هن . ابتدائي تعليم مديني ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بصرہ ، بغداد، حمدان ۽ قم ڏانهن ويو ۽ علم حاصل ڪرڻ سان گڏ درس و تدريس ۾ مشغول رهيو. پهرين هن حنبلي مسلڪ کي قبول ڪيو، پوءِ پاڻ کي حنبلي بيعت کان آزاد ڪري ۽ حديثن ۾ هن خود استنباط (يعني تفسير بالرائ ) جي دعويٰ ڪيائين. نتيجي طور، هن کي مخالف خيالن جي ڪري شهر مان ڪڍيو ويو. ان وقت نجد ۾ محمد بن سعود نالي هڪ شخص جي اثر هيٺ ڪجھ قبيلا آبادين کي لٽي رهيا هئا ۽ پنهنجي علائقي جون حدون وڌائي رهيا هئا. محمد بن سعود ، محمد بن عبد الوهاب کي پنهنجي قبيلي ۾ پناه ڏني ۽ ٻنهي جي وچ ۾ وهابيت جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ هڪ معاهدو ٿيو. محمد بن عبدالوهاب جي نظريي موجب جاهل عربن کي پنهنجي طرف متوجہ ڪرڻ لاءِ وهابيت جي نالي ھڪ عقيدو ڏنو تہ اسلام ۾ قبرن جو احترام ڪرڻ شرڪ آهي. قبرن جي مٿان ڇت، گنبد ياقبو ٺاهڻ نہ رڳو ناجائز آهي پر قبرن جي زيارت ڪرڻ بہ ڪفر آهي. معاهدي موجب محمد بن عبدالوهاب ماڻهن کي وهابيت ڏانهن راغب ڪندو هو. ۽ اهي ابن سعود جي حمايت ڪندا ۽ اهي ماڻهو ابن سعود جي اڳواڻي ۾ پاڙيسري علائقن تي حملا ڪندا ھئا اهڙي طرح ابن سعود حجاز جي وسيع علائقي تي قبضو ڪري محمد بن عبدالوهاب کي پنهنجو قاضي مقرر ڪيو. محمد بن سعود پاڻ بہ وهابي خيالن کي قبول ڪيو ۽ اهڙي طرح وهابيت کي حجاز ۾ سرڪاري مذهب جو درجو ملي ويو. محمد بن سعود جي وفات تي سندس ڀاءُ عبدالعزيز بن سعود بہ ان معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ اهڙي طرح جنگ جاري رهي. هتي قابل ذڪر آهي تہ قبرن جي زيارت جي جواز بابت رسول اللہ صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم ۽ توسل اصحابن جون 26 حديثون آهن. سڄي عالم اسلام ۾ مختلف هنڌن تي نبين، صحابين، عالمن ۽ اوليائن جون قبرون موجود آهن ۽ حوالا آهن.قرآن مجيد جي سورہ حج جي 32 هين آيت ۾ شعائر اللہ جي تعظيم جي متعلق واضح حڪم آهي . انهن مڙني دليلن جي باوجود جيڪڏهن وهابيت کي قبول ڪيو وڃي تہ ان جو مطلب اهو ٿيندو تہ گذريل 14 صدين ۾ سڄي اسلامي دنيا ۾ جتي بہ قبرن جي زيارت، تعظيم، مرمت ۽ نگهباني ڪئي وئي، اهي سڀ عمل شرڪ، ڪفر ۽ بدعت تصور ڪيا ويندا. يعني اهو ڪريڊٽ محمد بن عبدالوهاب کي ويندو تہ هن 14 سو سالن ۾ پهريون ڀيرو ھن بدعت جي طرف اشارو ڪيو. ٻيو قابل ذڪر نقطو اهو آهي تہ محمد بن عبدالوهاب انهن نظرين کي وهابيت جو نالو پنهنجي پيءُ جي نالي پٺيان رکيو، جيتوڻيڪ ان جو ان سان ڪو بہ تعلق نہ هو. تنهن هوندي بہ ، پنهنجي نالي محمد جي ڪري هن عقيدي کي محمديہ سڏيو ويندو آهي. هڪ ٻيو اهم نقطو قابل غور آهي تہ 19هين ۽ 20هين صديءَ ۾ اسلامي دنيا ۾ هلچل مچي وئي. اهو بلڪل اتفاق آهي ساڳئي وقت جڏهن حجاز ۾ وهابيت جڙي رهي هئي، دنيا جي ٻين حصن ۾ بہ اسلامي احياء جي نالي تي ٻيون تحريڪون ڪم ڪري رهيون هيون، مثال طور سوڊان ۾ مهدويت ، لبيا ۾ سنوسي، نائيجيريا ۾ فلافي، انڊونيشيا ۾ پادري ۽ هندستان ۾ احمديہ يا قاديانيت قابل ذڪر آهن. بظاهر اهي تحريڪون اسلام جي احياء جي نالي ۾ اسلام کان پري رکڻ ۾ وڌيڪ مصروف هيون. ۽ اسان لاءِ بہ ضروري آهي تہ ان معاملي جي تحقيق ڪئي وڃي ۽ انهن تحريڪن جي سرچشمن ۽ مقصدن تائين پهچي عوام کي اصل حقيقت کان آگاہ ڪيون .
3 : عرب عجم تڪرار ۽ تحريڪ خلافت :
حجاز ۾ وهابي تحريڪ سبب پيدا ٿيل افراتفري ۾ مغربي طاقتن هڪ نئون فتنہ پيدا ڪيو. عربن ۽ ڌارين جي اختلافن جو فائدو وٺندي 1916ع کان 1918ع جي وچ ۾ ڪرنل لارنس جي اڳواڻيءَ ۾ شام ۽ عراق جي عربن کي ترڪي جي سلطڪنت عثمانيہ جي خلاف صف آراءِ ڪيو پر جنگ جي پڄاڻيءَ تي (جنهن کي عرب انقلاب چيو ويو) برطانيہ ۽ فرانس عربن کي ٺڳيو ۽ شام، عراق، فلسطين ۽ اردن کي پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيو. عراق ، فلسطين ، ۽ اردن ، برطانيہ جي نگراني ۾ ڏنو ويو ۽ شام تي فرانس جو غلبو رھيو ، يمن ۽ نجد نيم آزاد حڪومتون بڻجي ويون. شريف حسين حجاز جي هڪ ننڍڙي بادشاهت جو حاڪم هو، جنهن جو نجد سان گهڻي وقت کان دشمني هئي. جڏهن عبدالعزيز ابن سعود مطمئن ٿي ويو تہ برطانيہ کان مزاحمت نہ ٿيندي تہ نجدين حجاز تي حملو ڪيو ۽ قبضو ڪيو ۽ پنهنجي خانداني حوالي سان پوري جزيرہ عرب جو نالو سعودي عرب رکيو. نجدين جي اها ڪاميابي وهابيت جي ترويج ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿي، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ اسلامي دنيا جي مرڪزن مديني ۽ مڪي تائين پهچڻ آسان ٿي ويو.
4 : جنت البقيع جي تباهي:
عالم اسلام ۾ افراتفري جي مٿين ذڪر ڪيل تاريخي سببن جي ڪري عبدالعزيز ابن سعود کي حجاز تي پيش قدمي جو موقعو فراهم ڪيو ۽ سڀني شرطن کي نظرانداز ڪندي سلطان ابن سعود جنوري 1936ع ۾ حجاز تي پنهنجي حاڪميت جو اعلان ڪيو ۽ وهابيت، جيڪو هاڻي رياستي مذهب بڻجي چڪو هو، حجاز جي ماڻهن تي زور زبردستي مسلط ڪيو پيو ويو . سعودي حملہ آور جڏھن مدينہ ۾ داخل ٿيا تہ انھن جنت البقيع جون مزارن جا قبا ۽ ھر اھا مسجد جيڪا رستي ۾ آئي ان کي ڊاھي پٽ ڪيو ويو صرف نبي سڳوري جي روضي پاڪ کي نہ ڊاھيو ويو . جنت البقيع جي منھدم جي خبر جي ڪري اسلامي دنيا ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي. سڄي دنيا ۾ مسلمانن احتجاجي اجلاس منعقد ڪيا ۽ سعودي ڏوھن جي تفصيل سان ٺهراءُ پاس ڪيا ويا . ايندڙ سالن ۾ عراق، شام ۽ مصر کان حج ۽ ٻين ڪمن لاءِ اچڻ وارن کي ان شرط تي روڪيو ويو تہ هو وهابيت کي قبول ڪن، نہ تہ کين ملڪ مان ڪڍيو ويندو. وهابين جي ظلمن جي ڪري هزارين مسلمان مڪي ۽ مديني ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. مسلمانن جي مسلسل احتجاج سبب سعودي حڪمرانن مزارن جي تعميرات جو واعدو ڪيو هو پر اهو واعدو اڄ تائين وفا نہ ٿي سگهيو آهي. اسان گذريل ڪيترن ئي سالن کان هر سال 8 شوال تي جنت البقيع جي منھدم جي ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون .
5 : اسان جون ذميواريون:
اسان کي جنت البقيع ۽ عالم اسلام جي حوالي سان منظم مهم هلائڻي آهي. عرب دنيا ۾ مراکش کان عراق ۽ عجم ۾ ترڪي کان انڊونيشيا تائين دنيا جو ڪهڙو ملڪ آهي، جتي مذهبي اڳواڻن، سياستدانن ۽ عام مسلمانن جي مزارن جو ڪو بہ ذڪر ناهي. جنت البقيع ڪو معمولي قبرستان ناهي هتي هر مسلمان لاءِ عزت ۽ احترام جون شخصيتون دفن ٿيل آهن.
جنت البقيع جي تباهي جي واقعن جي باوجود حضرت سرور ڪائنات (ع) جي مزار جو وجود باقي ھجڻ بذات خود هڪ معجزو آهي. ۽ ان ڳاله جو ثبوت موجود آهي تہ جنت البقيع کي مسمار ڪرڻ ڪو فقهي مسئلو نہ هو پر هڪ سياسي حڪمت عمليءَ جي بنياد تي اهل البيت سان ڊگهي دشمني هئي.
دنيا جون تمام مهذب قومون پنهنجي وڏن جي آثارن جي حفاظت لاءِ انتظام ڪن ٿيون. جڏهن مصر ۾ اسوان ڊيم ٺاهيو ويو، يونيسڪو ان کان متاثر آثار قديمہ جي برباد ٿيل نشانين کي منتقل ڪرڻ لاء تمام گهڻا پئسا خرچ ڪيا . افغانستان جي شهر باميان ۾ مهاتما ٻڌ جي مجسمن جي ٽوڙڻ جي ڪري توحيد پرستن سميت پوري دنيا جي ماڻھن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. پر اسان جي آزاد ميڊيا لاءِ جنت البقيع جي تباهي ڪو قابل ذڪر مسئلو ناهي. نوادرات جو تحفظ انساني حقن جي زمري ۾ اچي ٿو. ليڪن اسلام جي عظيم ھستين جون مزارن جي فڪر ڪنھن کي بہ ناھي اسان کي جذبات کان بالاتر ٿي جنت البقيع جي بحاليءَ لاءِ عملي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. ان لاءِ ڪجھ بنيادي اصولن جي طرف اسان کي توجہ ڪرڻي پوندي
1. بين الاقوامي تنظيمون جهڙوڪ يونيسڪو، عرب ليگ، موتمر عالم اسلامي ، تنظيم اسلامي ڪانفرنس (OIC) ۽ عالمي انساني حقوق ڪميشن کي متوجہ ڪرڻو پوندو.
2 : ھميشہ اسلام جي حوالہ سان ڪشادہ دلي صبر ۽ تحمل جي پاليسي اپنائڻ جي تلقين ڪئي ٿي وڃي ليڪن ان تي عمل بہ ڪيو وڃي .
3 : ماضي جي سياسي سماجي ۽ جنگي جرائم تي مواخذہ اعتراف ۽ معافي ھاڻي عالمي طريقو بڻجي ويو آھي ان اصول جو اطلاق انھدام جنت البقيع جي مرتڪبين تي بہ ڪيو وڃي .
4 : سعودي عرب جي موجودہ حڪمرانن کي اتحاد عالم اسلام جي لاءِ تعميرات جنت البقيع لاءِ پرزور اپيل ڪيون ٿا تہ اهي مزارون پاڻ ٺاهين يا اسلامي دنيا کي اجازت ڏين تاڪہ عالم اسلام جي عظيم ھستين جون مزارون جڙي راس ٿين .
اللہ پاڪ اسان سڀني مسلمانن ۾ اتحاد اتفاق ۽ محبت سان رھڻ جي توفيق عنايت فرمائي. آمين.