اڄڪلهه جي ڊجيٽل دور ۾ جتي هر فون نمبر، ايپ ۽ اڪائونٽ توهان جي ذاتي سڃاڻپ سان ڳنڍيل آهي.. اهڙا موقعا به اچن ٿا جتي انسان رازداري، سادگي يا عارضي رابطن کي ترجيح ڏئي ٿو. اهڙين حالتن لاءِ "برنر فون" هڪ سستو، سولو ۽ مؤثر حل آهي...
هي رهنمائي انهن لاءِ آهي جيڪي برنر فون بابت ڄاڻڻ چاهين ٿا ته
اهو ڇا آهي؟
ڪڏهن استعمال ڪجي؟
ڪٿان ملي ٿو؟
۽ ڪهڙن مقصدن لاءِ مفيد آهي؟
برنر فون ڇو استعمال ڪجي؟
برنر فون هڪ سولو طريقو آهي عارضي رابطن، اسپيم کان بچاءُ، يا ذاتي معلومات کي لڪائڻ لاءِ. برنر فون عام طور تي توهان جي شناخت نٿو گهري، تنهن ڪري جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ڪوبه توهان کي ٽريس نه ڪري.. ته هي بهترين آپشن آهي.
هي فقط هڪ ڀيرو استعمال ڪرڻ لاءِ ناهي، توهان ان ۾ وڌيڪ منٽ وجهي، ٻيهر به استعمال ڪري سگهو ٿا. برنر فون عام فون وانگر ڪم ڪري ٿو، رڳو بغير ڪنٽريڪٽ جي.
توھان ان کي ٻئي نمبر طور به استعمال ڪري سگھو ٿا، جيئن:
ٻه فيڪٽر آٿينٽيڪيشن لاءِ
ڪاروباري رابطن لاءِ
سفر دوران رومنگ چارجز کان بچڻ لاءِ
يا ڪنهن به رازداري واري سبب لاءِ
برنر فون، پري پيڊ فون، اسمارٽ فون ۽ برنر سم ۾ڪهڙو فرق آهي؟
برنر فون عام طور سستا، سادا، فيچر فون هوندا آهن (گهڻي قدر فلپ فون)
اهي خاص طور تي عارضي ۽ سستين رابطن لاءِ هوندا آهن، ۽ اڪثر ڪري نئون اڪائونٽ يا سڃاڻپ ڏيڻ جي ضرورت به ناهي هوندي..
هر برنر فون پري پيڊ هوندو آهي،
پر هر پري پيڊ فون لازمي ناهي ته برنر هجي
پري پيڊ اسمارٽ فونز گهٽ قيمتي اسمارٽ فونز هوندا آهن، جڏهن ته برنر فون سادو ۽ محدود هوندو آهي
توهان موجوده فون ۾ به برنر سم وجهي برنر فون طور استعمال ڪري سگهو ٿا
برنر فون ڪٿان خريد ڪري سگهجي ٿو؟
برنر فونز وڏن رٽيلرز جهڙوڪ Walmart، Target، Best Buy وغيره کان خريد ڪري سگھجن ٿا.
اڪثر ڪري 7-Eleven، Rite Aid، مقامي سپر اسٽورز، پيٽرول پمپ ۽ فون ريٽيلرز (جهڙوڪ Cricket، Metro وغيره) تي به موجود هوندا آهن.
هڪ سادو برنر فون عام طور تي $10 کان $50 جي وچ ۾ ملي ٿو پر وڌيڪ منٽ ۽ ڊيٽا سان قيمت وڌي سگهي ٿي
جيڪڏهن توهان چاهيو ته اوهان جو نالو ٽريس نه ٿئي، ته نقد رقم سان خريد ڪرڻ وڌيڪ محفوظ آهي
جيڪڏهن رازداري مقصد نه هجي، ته ڪريڊٽ ڪارڊ سان به خريد ڪري سگهو ٿا..
برنر نمبر لاءِ ايپس به موجود آهن؟
ها، Google Fi، Burner App ۽ ٻيون به ايپس آهن جيڪي ثانوي فون نمبر فراهم ڪن ٿيون. پر اهي مڪمل رازداري مهيا نٿيون ڪن، ڇو ته توهان جي ڪجهه ذاتي معلومات انهن وٽ هوندي آهي.
بهترين آپشن ڇا آهي؟
جيڪڏهن توهان مڪمل رازداري چاهيو ٿا ته:
نقد رقم سان خريد ڪيل، سادو برنر فون وٺو
بغير ڪنٽريڪٽ، بغير سڃاڻپ جي برنر سم حاصل ڪريو
صرف خاص ضرورتن لاءِ استعمال ڪريو، پوءِ بند يا ڦٽو ڪري ڇڏيو
پر جيڪڏهن رازداري ضروري ناهي، ته سستو پري پيڊ فون يا نمبر به وٺي سگهو ٿا، جيڪي روزمره لاءِ ڪافي آهن.
نوٽ:
برنر فونز کي غير قانوني مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ غلط آهي. هي رهنمائي صرف ڄاڻ ۽ ذاتي رازداري جي تحفظ لاءِ پيش ڪئي وئي آهي.