
امريڪي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هو اهڙي لباس جي تياري جي ويجهو پهتا آهن جنهن کي پائي ٻين جي نظرن کان اوجهل رهي سگهبو۔۔۔۔
هڪ امريڪي ويب سائيٽ مطابق ڪيليفورنيا جا تحقيق ڪار اهڙي شيء ايجاد ڪري رهيا آهن جيڪا روشني کي شين جي چوڌاري 30 ڊگري جي زاويي تي موڙي ڇڏيندي آهي۔ اهڙي طرح جيڪڏهن ڪنهن شيء تي پوندڙ روشني ان ۾ جذب نه ٿئي يا ان شيء جو پاڇو نه ٺهي ته اها شيء نظر نه ايندي آهي۔ سائنسدانن جي ان ٽيم جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن سائنس جي اهڙي بنياد تي اهڙو ميٽر تيار ڪري سگهجي ٿو جيڪو ماڻهن کي ٻين جي نظرن کان غائب ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔
انهي ايجاد سان هن دنيا ۾ ڪهڙيون تبديليون اينديون اهو ته وقت ٻڌائيندو پر امريڪي حڪومت طرفان ٿيندڙ انهي ريسرچ جو استعمال فوجي ڪارواين ۾ به ٿي سگهي ٿوجتي ٽينڪن کي دشمن جي نظرن کان غائب ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔