ڪوي آصف جسڪاڻي
سينيئر رڪن
انساني سماج جي تاريخ ۾ ڏٺو وڃين ته تهذيب جنم وٺڻ کانپوء هن وقت تائين انيڪ فردن کي جنم ڏنو آهي جن سماج کي اڃان وڌيڪ مهذب ۽ معتبر بڻائڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ تاريخ جي ديوار تي پنهنجو آدرشي خاڪو سجائي ويا آهن۔
انهي اڻ کٽندڙ آدرشي ديوار تي جيڪڏهن نظر ڦيرائي وڃين ته انهن منجهان گهڻن فردن جو تعلق گهڻي ڀاڱي هيٺين ڪلاس يا نيم مڊل ڪلاس ماڻهن سان هوندو آهي،جيڪي پنهنجو شروعاتي سفر انيڪ ڪٺن ۽ تڪليف شده توڙي ڪٺور حالتن سان جهيڙيندي شروع ڪئندا آهن،جيڪڏهن سندن شروعاتي سفر نيڪ نيتي ۽ مستقبل مزاجي سان گڏوگڏ محنت،ولولو،جذبو ۽ دينتداري تي ٻڌل هوندو آهي ته يقينا اهي سڀ عمل گڏجي ڪري پيرن جو ڪردار ادا ڪئندا آهن،نيٺ قدرت کين اها منزل ضرور رسائيندي آهي جنهن جا هو حقدار هئا، ۽ اها منزل اڳي هلي ڪري کين شخصيت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي آهي پر انهن منجهان تمام ٿورڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد هوندا آهن جيڪي نه صرف پنهنجو پاڻ يا آل اولاد کي تبديل ڪئندا آهن پر گڏوگڏ سماج کي به تبديل ڪرڻ جا جتن ۽ ڪشالا ڪئندا رهندا آهن ۽ اهو سماج جيڪو سندن ان سموري شروعاتي ڪٺن سفر ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح وابستگي رکندڙ هو۔ يقينا اهڙا فرد ان سماج ۾ وهائو تارو بڻجي پوندا آهن ۽ تاريخ جي آڪاش تي الائي ڪيتريون صديون چمڪئندا رهندا آهن ڇاڪاڻ ته خدا ساڻس انصاف ڪئندو آهي نيٺ اهي ننڍڙا ڳوٺ ۽ وستيون واهڻ سندن نالي سان سڏجڻ شروع ٿي وينديون آهن ۽ انهن فردن جو نالو به حقيقي طور تي انهن ڳوٺن ۽ وستين جو حوالو يا ايڊريس بڻجي پوندو آهي۔
اهڙن جفاڪش محنتي ۽ آدرشي ڪردارن منجهان استاد قاصد حسين خاصخيلي جو ڪردار به قابل ذڪر آهي جنهن جو جنم وچين سنڌ جي تاريخي ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي ٺري ميرواه جي ريگستاني علائقي تي مشتمل هڪ ننڍڙي ڳوٺ دٻي ۾ هڪ محنت ڪش هاري ميرڻ خاصخيلي جي گهر ۾ ٿيو، سندس ٻاروتڻ ڳوٺ جي ڪچن رستن ۽ اولھ طرف کان سر سبز زرخيز زمين جي ٻني جي ٻارن تي ڦليار مٿان اڏامندڙ پوپٽن کي اڏاريندو گذريو، پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي علائقي جي هڪ ڪچي اسڪول ۾ ورتائين ۽ ڳوٺ ۾ بجلي نه هجڻ سبب رات جو لالٽين يا ڏيئا ٻاري ڪري ڪتابن جا پنا اٿلائيندو رهيو،ڪتابن سان گڏوگڏ سندس سوچ،عمر ۽ قد به وڌندي رهي ۽ هر روز پره ڦوٽي جو سج سندس ڳوٺ جي اوڀر طرف کان واري جي دڙن جي اڻ کٽندڙ سلسلي منجهان نروار ٿي ڪري کيس روشني جو احساس ڏياريندو رهيو ۽ اولھ طرف کان وهندڙ ميرواه مٿان شفق شام جو لامون لاڙيندي سج کيس هڪ لاٽ يا چراغ ٻارڻ لاء اتسائيندو رهيو۔
قاصد صاحب ميٽرڪ جي تعليم به پنهنجي ڳوٺ جي پراڻي ۽ ڪچي بلڊنگ تي مشتمل اسڪول مان حاصل ڪئي، سندس اهو تعليمي سفر به سرسبز ۽ ذرخيز ٻنين جي وچ مان گذرندڙ سنهن ٻنن ۽ ڪچن رستن تان لنگهندي گذريو اهڙي قسم جون انيڪ بنيادي سهولتون جهڙوڪ اسپتال،اسڪول،روڊ،بجلي ۽ پل نه هجڻ سبب کين اندر ۾ پيڙاء ۽ آنڌ مانڌ پيدا ٿي پئي جنهن کيس ڪجھ ڪرڻ لاء اتسايو ۽ هن اهڙي پٺتي پيل اونڌاه ڀري سماج ۾ ڪجھ ڪرڻ جي جوت جلائي ۽ پاڻ لازوال محنت ڪري نيٺ پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي ١٩٨٧ع ۾ پيغمبري شعبي ۾ سنڌي پرائمري استاد بڻيو گڏوگڏ وڌيڪ تعليم جو سفر به روان دوان رکئندي ١٩٩٢ ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي مان ايم اي جو امتحان پاس ڪيائين۔
قاصد صاحب ماستري پيشي سان نڀائيندي هن موجوده وقت تائين نه صرف انيڪ شاگردن جي ذهن سازي ڪري هڪ باصلاحيت کيپ تيار ڪئي آهي پر گڏوگڏ انيڪ سماج وادي ۽ روشن خيال انسان به تيار ڪيا اٿس جيڪي هن وقت تائين مختلف شعبن ۾ سٺن عهدن تي ايمانداري سان نوڪريون سر انجام ڏيئي رهيا آهن!
استاد قاصد حسين خاصخيلي صاحب جيڪي هن وقت ڳوٺ دٻي ۾ پنهنجي ويجهي اسڪول ۾ هڪ پرائمري ماستر طور تي ايمانداري سان فرض نڀائي رهيا آهن ۽ گڏوگڏ پنهنجي سماجي خدمتن کي سرانجام ڏيئي رهيا آهن يقينا هو اتان جي خطي جي ماڻهن لاء هڪ شفقت ڀري اداري جو ڪردار ادا ڪن ٿا جنهن ڪري اتي استاد گهٽ پر هڪ سماج وادي يا سوشلسٽ طور وڌيڪ سڃاتا وڃن ٿا۔ ڇاڪاڻ ته ڳوٺ دٻي جي انيڪ سماجي ۽ فلاهي ڪمن ۾ سندن نه صرف تعاون ۽ ڪاوشون رهيون آهن پر عملي توڙي ڊاڪومينٽري طور تي سندس مرڪزي ڪردار به رهيو آهي جنهن سبب ڳوٺ ۾ هر عام توڙي خاص فرد سندس ڪردار مان چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته هو جيڪڏهن ڪنهن به سماجي آفيس يا فلاهي اداري ۾ نذر ايندا آهن ته سندس هٿ ۾ پنهنجا ذاتي ڊاڪومينٽس جا فائل تمام بنھ گهٽ پر ڳوٺ جي لاچار،يتيم،محتاج،مسڪين ۽ بي سهارا ماڻهن جا وڌيڪ هوندا آهن جنهن ڪري آئون ڀائيان ٿو کيس ڳوٺ جو ننڍڙو ايڌهي چيو وڃين ته وڌاء نه ٿيندو!
هن وقت تائين ڳوٺاڻن جا تعليمي توڙي سماجي ڪم جيڪي انفراديت ۾ شمار ٿين ٿا انهن سان به بنا ڪنهن ذات يا طبقاتي حساب جي قاصد صاحب سٺو نڀاء ڪيو آهي خاص طور تي پنهنجي ڳوٺ جي اڌ آبادي جي نوجوانن کي تعليمي رسندن ۾ آساني پيدا ڪري ڏيڻ ۽ کين فورسز ۾ روزي سانگي ڀرتي ڪرائڻ لاء راھ هموار ڪرڻ وڌيڪ قابل ذڪر آهن پر گڏوگڏ تاريخ جي دستاويز ۾ سندس اجتماعي نوعيت وارا ڪم به وڌيڪ معني ۽ اهميت رکن ٿا ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪيترن ئي سماجي تنظيمن ۾ مرڪزي عهدن تي فائز رهيا آهن جن منجهان ملڪي پئماني تي ڪم ڪئندڙ تنظيم المصطفي جا تعلقي ٺري ميرواه ليول تي جنرل سيڪٽري رهي چڪا آهن،آغا خان طرفان لائوئچ ٿيندڙ پروجيڪٽس ۾ کين پروجيڪٽ مينيجر طور تي فائز ڪيو ويو ۽ مختصر عرصي لاء کين تعلقي ۾ اليڪشن چئيرمين به چونڊيا ويا گڏوگڏ کين استاد جي تنظيم ۾ به کيس صدر طور تي منتخب ٿي چڪا آهن۔
انهي سموري سفر ۾ ڳوٺ توڙي ڀرپاسي جي ٻين علائقن ۾ سندن جيڪي سماجي خدمتون سرانجام ڏنل آهن تنهن جا ڊاڪومينٽري دستاويز سندس نجي لائبئيري ۾ محفوظ بڻيل آهن جن ۾ سندس مرڪزي ڪردار واضع بيان ٿيل آهي۔
جن منجهان ١٩٩٨ ۾ ڪچي اسڪول جي اپگريڊيشن سان گڏوگڏ پڪي سيڪنڊ فلور تي مشتمل بلڊنگ جي منظوري ڪرائڻ ۽ ساڳي ئي اسڪول کي ٢٠١٢ ۾ هاء اسڪول جو درجو ڏيارڻ بعد ۾ ٢٠١٨ ۾ کيس سيڪنڊري اسڪول بڻائڻ سندس تعليمي خدمتن ۾ وڏي مان وڏو مثال ڳڻيو وڃي ٿو ،تعليمي خدمتن سان گڏوگڏ سماجي ڪمن ۾ ٢٠٠٤ ۾ اولھ پاسي کان وهندڙ ميرواه ڪئنال مٿان پل منظور ڪرائي ڳوٺ کي ويجهو شهر بوزدار وڏا سان ڳنڊڻ انهي سان گڏوگڏ ميرواه کي لڳ ڀڳ ستن اٺن ڪلوميٽرز تائين ٻنهي پاسن کان اسٽون پيچنگ ڪرائي ڪري مستقبل ۾ خطي کي ڪنهن سيلابي حادثي کان بچائڻ به سندس شاهڪار خدمتن ۾ ياد ڪيو وڃين ٿو! ويجهڙ ۾ ٢٠١٩ ۾ پوري ڳوٺ جي گهر گهر ۾ مٺي پاڻي جي سپلائي به سندس ڪاوشن منجهان ڪابل ذڪر آهي اهڙي طرح سان ڳوٺ ۾ ڀرپاسي جا رهيل اهي علائقا جيڪي بجلي جهڙي سهولت کان واجهايل هئا اتي بجلي جي فراهمي ۾ سندس ادا ڪيل ڪردار به ڪنهن کان لڪيل ناهي،سندس انيڪ ڪاوشن مان پنهنجي خانداني پاڙي ۾ ڪچين گهٽين ۾ پڪي روڊن جي منظوري به کيس شخصيت کي نمايان بڻائي رکيو آهي،باريڪ بيني سان ڏٺو وڃين ته سماجي ڪمن جي حوالي سان نه صرف پنهنجي علائقي ۾ ڪانٽريبيوشن ڪئندا رهيا آهن پر گڏوگڏ ٺري ميرواه جي ٽن يوسيز جي اندر ايم سي ايڇ سي (ماڊر چائلڊ هيلٿ ڪئير) سينٽر جو قيام ڪرائڻ به قابل ذڪر آهي تازو ئي هن هلندڙ سال ٢٠٢٥ ۾ ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال جيڪا لڳ ڀڳ ڇهن ڳوٺن جي حساب سان بنيادي مرڪزي سينٽر جي حيثيت رکي ٿي انهي ۾ چوپائي مال جي بيماري جي الڳ برانچ قائم ڪرائڻ ۾ به زمان حال جو وڏي مان وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنل آهي! پوري ڳوٺ جي قبرستان چوڌيواري ڏيارڻ به خدمتن ۾ شمار ٿئي ٿو اهڙي قسم جي انيڪ بنيادي ميگا پروجيڪٽ جي منظورين کانپوء اڃان تائين ڳوٺ جي وڌيڪ بنيادي سهولتن لاء ميدان عمل ۾ لٿل آهي جهڙوڪ هن خطي ماڻهن لاء گئس جي بحالي ۽ سرڪاري ايمبولينس جي سهولت کي يقيني بنائڻ سان گڏوگڏ سرڪاري اسپتال کي ڳوٺاڻن لاء ٢٤ گهنٽا سروس ڏيارڻ لاء پتوڙي رهيا آهن۔
ايتري جفاڪش محنت ڪرڻ بعد به هو سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ صرف سوشل ڪمن کي ئي سڀڪجھ نٿو سمجهي بلڪه بقول شاھ صاحب جي ”اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي“ مدنظر رکي ڪري هو هڪ نئين سوچ نئين عزم ۽ نئين ولولي سان جاکوڙي رهيو آهي حقيقت ۾ هو هڪ حقيقي سوشلسٽ انسان آهي جيڪو اهڙي حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن لاء ڪامريڊ لينن چيو هو ته ڪنهن به سماج کي ايستائين تبديل نٿو ڪري سگهجي جيستائين اتان جي عورت جي اڌ آبادي رڌڻ خاني تائين محدود هجي! انهي ڪري هو سمجهي ٿو ته سنڌي سماج کي فقط انهي طريقي سان ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي نياڻين کي تعليم ڏيڻ ۾ وڌ کان وڌ زور ڏنو وڃي۔
جيڪڏهن سنڌي سماج کي چتائي ڪري ڏسجي ته سنڌي اخبارون حقيقتن سنڌي سماج جو عڪس ھونديون آهن جن ۾ روزمره جي بنياد تي ڏھن کان ويندي پندرهن انگن تائين ڪارو ڪاري جا هانوء ڏاريندڙ هاڃاء ٿين ٿا ۽ اخبارن جا ڪيترائي ڪالم منشيات ڦر لٽ,ڌاڙي چوري سان گڏوگڏ سماجي برائين جهڙن موضوعن سان ڀريا پيا آهن ۽ تعليم جي شرح گهٽ هجڻ سبب سموري اخبار سماجي براين جي خبرن سان ٽمٽار آهي جنهن ۾ عورت سان ناانصافي کان ويندي ٻارن سان جنسي زيادتي جا ڪيس ائين لڳندا آهن جئين اسانجي تاريخي وطن جي بيوسي تي ڪي ڦورو ۽ غاضب حملو ڪري مٿان ڏند ٽيڙي ڪري ٽهڪ ڏيئي رهيا هجن هاڻي اهڙي فرسوده سماج کي اسين ائين ئي تبديل ڪري سگهون ٿا ته پنهنجي سنڌ جي نياڻين کي گهر جي چوديواري ۽ ٻني ٻاري جي دنيا مان ڪڌي ڪري کين اسڪول,ڪاليج ۽ يونيورسٽي تائين پهچايو وڃي ته يقينا پهريون ئي مثبت نتيجو اهو ملندو ته هڪ تعليم يافته عورت جو ٻار رياست جي نااهل سياسي نظام سبب بيروزگار ته ٿي سگهي ٿو پر هو قاتل,چور,ڌاڙيل,منشيات فروش ۽ ريپيسٽ هرگز به نٿو ٿي سگهي گڏوگڏ سنڌ جون اسي فيصد عورتون جيڪي سماجي ناانصافي سبب احساس ڪمتري ۾ ورتل آهن جنهن سبب اهي نفسياتي لاڙا پنهنجي اولاد ۾ منتقل ڪن ٿيون جنهن ڪري سنڌ جي ٻارن کي بيوسي لاچاري ۽ احساس ڪمتري ورثي ۾ ملندي پئي اچي جنهن سبب سنڌ ۾ مستقبل ڪابه تبديلي نه پئي اچي سگهي!
انهي ڪري اهڙي سماجکي مدنظر رکندي قاصد صاحب پنهنجي ڳوٺ ۾ نياڻين جي اسڪول کولرائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي زندگي ۾ عملي طرح سان پنهنجو هڙ سڙ لڳائي ڪري پنهنجي سڀني ڌيئرن کي به پڙهائي ڪري پنهنجو پاڻ کي هن پسمانده سماج لاء هڪ رول ماڊل شخصيت يا سبق آميز ڪردار بڻائي ڇڏيو آهي!
هاڻي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسانجو اهڙو سماج جتي اسي فيصد والدين کي ڏينهن ۽ رات فقط صرف نياڻين لاء ڏاج گڏ ڪرڻ لاء الڪو ۽ کٽڪو اندر ۾ گهر ڪري ويٺل هجي انهي ساڳي خطي ۾ قاصد صاحب پنهنجي چئن نياڻين جي بنيادي حق تعليم جهڙو زيور کي اولين ترجيع ۽ اهميت ڏيئي ڪري پنهنجي سموري مال مڏي ملڪيت کي سندن تعليم مٿان خرچ ڪري کين اهڙي عظيم زيور سان سنواري ڇڏيو آهي جيڪو حال توڙي مستقبل ۾ سندن انفرادي توڙي اجتماعي زندگي کي کين چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو ۽ مستقبل ۾ آس پاس جي ماحول لاء مفيد ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ ته قاصد صاحب جو چار ئي نياڻيون جيڪي هڪ ئي وقت مختلف ۽ ڪارائتا شعبن ۾ تعليم پرائي رهيون آهن جن مان ناهيد مير تازو ئي قائد اعظم يونيورسٽي مان زولاجي شعبي ۾ پوزيشن سان ايم فِل ڪري سٺي گريڊ سان پاس آئوٽ ڪيو آهي, سندس ٻي نياڻي نازش ناز ساڳي ئي قائداعظم يونيورسٽي ۾ انگلش شعبي ۾ ايم فِل ڪري پاس آئوٽ ڪيو اٿس , ٽئين نياڻي نوشاد ناز ايل ايل بي پاس ڪري ھاڻي ايل ايل ايم ۾ زير تعليم آهي ۽ چوٿين نياڻي مهرين جيڪا ڄامشورو جي مشهور ۽ معروف اداري لمس يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽري جي شعبي ۾ تعليم پرائي رهي آهي!
اميدن ته يقينا هي سنڌ جون چاريئي نياڻيون پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ بڙ بڻجي ڪري پنهنجي والدين جو ناء ته روشن ضرور ڪئنديون پر پنهنجي بابا جي عظيم مقصد خدمت انسانيت تي پورو لهنديون ۽ هن ڪوڙھ ۾ ورتل بيمار سماج لاء مشعل راه ثابت ٿينديون!

آخري ترميم: