چين هر سال آمريڪا کي لڳ ڀڳ پنج سؤ ارب ڊالر جي شيون وڪڻي ٿو، جڏهن ته آمريڪا کان رڳو ڏيڍ سؤ ارب ڊالر جون شيون خريد ڪري ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته چين کي واپار مان ٽي سؤ پنجاهه ارب ڊالر جو فائدو ٿي رهيو آهي. پر ڳالهه ايتري سادي ناهي. اهي سڀ شيون چين جي پنهنجين ڪمپنين جون نآهن. ڪيترين ئي آمريڪي ۽ يورپي ڪمپنين چين ۾ پنهنجون فيڪٽرين لڳايون آهن. شيون چين ۾ تيار ٿين ٿيون، پر حقيقت ۾ اهي آمريڪي ڪمپنين جون هونديون آهن. مثال طور، ايپل جو فون چين ۾ ٺهي ٿو، پر اها آمريڪا جي ڪمپني آهي، ۽ اهو فون آخرڪار آمريڪا يا ٻين ملڪن ۾ وڪامي ٿو. اهڙي طرح، ڪيتريون ئي گاڏيون جيڪي چين ۾ ٺهن ٿيون، تن جي پويان به آمريڪي يا يورپي ڪمپنيون هونديون آهن.
اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته چين جي برآمدات ۾ اهڙيون شيون به شامل آهن جيڪي اصل ۾ آمريڪي ڪمپنين جون آهن. تنهن ڪري اهو سوچڻ صحيح ناهي ته ٽيرف (ٽيڪس) لڳائڻ سان صرف چين کي نقصان ٿيندو. حقيقت ۾، چين اندر آمريڪي سيڙپڪاري تمام گهڻي آهي. آمريڪي ڪمپنيون سستي ليبر (مزدوري) جي ڪري چين ۾ شيون ٺاهين ٿيون ۽ پوءِ اهي شيون واپس آمريڪا ۾ وڪڻجن ٿيون. تنهنڪري جيڪڏهن اسان رڳو انگ اکر ڏسون ته چين کي واپاري جنگ ۾ ايترو نقصان نه ٿيندو جيترو لڳي ٿو. اصل تصوير ڪجهه ٻي آهي.
آمريڪا جيڪا واپاري جنگ شروع ڪئي آهي، اها پنهنجي خراب ٿيندڙ اقتصادي حالتن کي سنڀالڻ جي ڪوشش آهي، پر سچ اهو بہ آهي ته آمريڪا معاشي جنگ اڳ ئي هارائي چڪو آهي. 2008 ۾ جڏهن مالي بحران آيو، تڏهن کان آمريڪا رڳو ڊالر ڇاپي رهيو آهي. هو ڪا اهڙي شيءِ نٿو ٺاهي جيڪا دنيا ۾ وڏي پيماني تي وڪاڻي سگهي. ٽيسلا جهڙا ادارا به سرڪاري امداد تي هلن ٿا. اسپيس ايڪس کي به آمريڪا جي حڪومت فنڊ مهيا ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ ان جو وڏو خريدار پاڻ آمريڪا آهي.
هاڻ، جيڪڏهن ڳالهه ڪجي گوگل، فيس بوڪ يا ٽوئٽر جي، ته اهي به انهيءَ ڪري ڪامياب آهن جو آمريڪا جو مالي نظام انهن جي پويان هو. پر هاڻ دنيا بدلجي رهي آهي.
ٻئي پاسي، چين وٽ پنهنجي وڏي مارڪيٽ آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ شيون چين ۾ ئي استعمال ٿين ٿيون. ايپل هجي يا جاپاني يا جرمن گاڏيون، سڀ کان وڌيڪ خريداري چين ۾ ٿئي ٿي. ۽ چين اها خريداري پنهنجي ڪرنسي ڇاپي ڪري نٿو ڪري، پر حقيقي معيشت تي ڀاڙي ڪري ڪندو آهي. ان جي خريداري حقيقت تي ٻڌل آهي، آمريڪا جي ابتڙ جيڪو ڊالر ڇاپي شيون خريد ڪري ٿو.
جيڪڏهن آمريڪا چين سان واپاري جنگ جاري رکندو، ته ان کي هڪ وڏي مارڪيٽ وڃائڻي پوندي. چين هاڻ لڳ ڀڳ هر اها شيءِ پاڻ ٺاهي سگهي ٿو جيڪا آمريڪا يا يورپ ٺاهين ٿا. جيڪڏهن چين ۽ ٻيا ايشيائي ملڪ گڏجي ڪم ڪن، ته چين کي آمريڪا يا يورپ جي ڪا به ضرورت نه رهندي. چين پاڻ هڪ وڏي دنيا آهي. سو سال اڳ پوري دنيا جي آبادي ڏيڍ ارب هئي، جڏهن ته اڄ اڪيلو چين ايتري آبادي تي مشتمل آهي.
ان سڀ مان نتيجو اهو نڪري ٿو ته جيڪڏهن آمريڪا واپاري جنگ جاري رکندو، ته ان کي تمام وڏو نقصان ٿيندو. آمريڪا کي پنهنجي معيشت بچائڻ لاءِ وڌيڪ ڊالر ڇاپڻا پوندا. جڏهن مارڪيٽ ۾ ڊالر تمام گهڻا ٿي ويندا، ته انهن جي قيمت گهٽجي ويندي. ۽ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو دنيا ڊالر کي ڇڏي ڏيندي. پوءِ ڊالر جي ايتري گهٽ قيمت رهندي جو ان سان ڪجهه خريدڻ به ممڪن نه رهندو. جيڪي ماڻهو اقتصادي معاملن جي ٿوري به سمجهه رکن ٿا، اهي ڄاڻن ٿا ته جڏهن نوٽ حد کان وڌيڪ ڇاپيا وڃن، ته آخرڪار بيڪار ٿي وڃن ٿا.
ان ڪري هاڻ سڄي دنيا جون نظرون ان تي آهن ته آمريڪا ڇا ڪندو. جيڪڏهن هو گرم جنگ، يعني حقيقي ويڙهه، شروع ڪندو، ته شايد ڪجهه وقت لاءِ پنهنجو نقصان روڪي سگهي. پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو، ته پوءِ دنيا جي قيادت آهستي آهستي چين جي هٿ ۾ منتقل ٿيندي رهندي.
آخري ترميم: