• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قيامت جي جهلڪ ڏيکاريندڙ ڪتاب.. جب زندگي شروع هوگي... ابو يحيٰ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪتاب:- جب زندگي شروع هوگي( جڏهن زندگي شروع ٿيندي)
مصنف:- ابو يحيٰ
سنڌيڪار: عبدالمومن ميمڻ
صفحن جو تعداد:- 267

ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي روايت صدين کان رائج رهي آهي ۽ هميشه کان انسانن لاءِ هڪ پسنديده.. منفرد ۽ دلچسپ مشغلو رهيو آهي.. موجوده دور ۾ هن تفريح، ناول.. افساني.. فلم ۽ ڊرامي جي شڪل اختيار ڪئي آهي.. اسان مان شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جنهن ڪڏهن به ڪهاڻي نه ٻڌي هجي ۽ نه ئي پڙهي هجي.. پر اڄ مان پنهنجي دوستن سان جنهن ناول جو تعارف ڪرائي رهيو آهيان.. اهو پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ منفرد ناول آهي.. هن ناول جو نالو آهي "جڏهن زندگي شروع ٿيندي" ۽ ان جو ليکڪ ابو يحيٰ صاحب آهي..


jab_zindagi-removebg-preview.png

جيئن ته نالي مان ظاهر آهي.. هي ناول هن دنيا مان پردو ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿيندڙ آخرت جي زندگي جي خيال تي ٻڌل آهي.. موت کانپوءِ زندگي اسان جي ايمان جو بنيادي جزو آهي.. انسان جي مرڻ کانپوءِ ٻيهر جيئڻ جو تصور غير مسلمن ۾ ته خاص نه آهي.. پر افسوس ته مسلمانن ۾ به هن حوالي سان غفلت ملي ٿي....
هي ناول ان غفلت کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ قابلِ تحسين ڪوشش آهي.. هن ناول ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته هر مسئلي کان وڌيڪ اهم آخرت جو مسئلو آهي.. هن دنيا جي بک ته برداشت ٿي سگهي ٿي.. پر آخرت جي اڃ ناقابلِ برداشت هوندي..

اڄ سفارش ڪم اچي سگهي ٿي.. پر سڀاڻي الله رب العزت جي فيصلي کي بدلائڻ جي طاقت ڪنهن به وٽ نه هوندي.. هي ناول هڪ طرف ته قوم جي سڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ مصلحين.. مبلغين.. اديبن.. شاعرن ۽ ڊراما نويسن کي آخرت جو موضوع بحث بڻائڻ جي دعوت ڏئي ٿو.. ته ٻي پاسي قوم جي پٽن کي عبدالله ۽ ڌيئرن کي نائمه جهڙا عظيم رهنما پيش ڪري ٿو..

"جڏهن زندگي شروع ٿيندي" جي ڪهاڻي عبدالله نالي هڪ نيڪ ۽ صالح شخص جي چوڌاري ڦري ٿي.. جنهن پنهنجي زندگي دين جي تبليغ.. واڌاري ۽ ڦهلاءُ ۾ گذاري.. ڪهاڻي جي شروعات ان ڳالهه سان ٿئي ٿي ته عبدالله جو انتقال ٿي چڪو آهي ۽ هو عالمِ برزخ ۾ قيامت جو انتظار ڪري ٿو.. هڪ ڏينهن سندس ساٿي فرشتو.. جنهن جو نالو صالح آهي.. کيس ٻڌائي ٿو ته اسرافيل کي الله پاڪ صور ڦوڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ڪائنات کي ختم ڪيو پيو وڃي....
ان کانپوءِ عبدالله کي ميدانِ حشر ۾ انسانن جي پريشاني.. گھبراھٽ ۽ بدحالي ڏيکاري وڃي ٿي.. هر دور جي ڪامياب ۽ ناڪام ماڻهن سان ملرايو وڃي ٿو.. سندس ذهن ۾ اٿندڙ سوالن جا جواب ڏنا وڃن ٿا.. ۽ الله جي قدرت.. رحمت.. قهر ۽ انعامن جو نظارو ڏيکاريو وڃي ٿو..

هن ناول جي خاصيتن مان سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته قيامت.. حشر.. حساب ڪتاب.. جنت.. دوزخ ۽ ٻين مشاهدي کي قرآن ۽ صحيح حديثن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو ويو آهي.. ڪجهه پيراگراف ايترا ته قرآن ۽ حديث جي بيان جي قريب آهن جو انهن جي پڇاڙيءَ ۾ حوالو لکڻ لاءِ به جڳهه آهي..

ليکڪ جي ڪوشش رهي آهي ته هو ڪنهن به فرقيواريت کان هٽي.. بنيادي عقيدا.. ايمانيات ۽ اخلاق جا صحيح اصول بيان ڪري.. ڪيترن ئي نازڪ معاملن جي وضاحت ليکڪ هڪ استاد جيان سادو ۽ آسان انداز ۾ ڪئي آهي ته جيئن پڙهندڙن کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي..

هن ناول ۾ ڪجهه خوبيون اهڙيون آهن جيڪي هن ناول کي انتهائي دلچسپ ۽ معلوماتي بڻائن ٿيون..
پهرين خوبي اها آهي ته ان جي زبان تمام سادي.. آسان ۽ اثرائتي آهي.. اهڙي دنيا جنهن کي اڃا تائين ڪنهن نه ڏٺو آهي.. ان جون حالتون انتهائي سادن لفظن ۾ بيان ڪيون ويون آهن.. روزِ قيامت جي منظرڪشي ايتري ته خوبصورت انداز ۾ ڪئي وئي آهي جو واقعا ذهن جي اسڪرين تي هلڻ لڳن ٿا..
ٻي خوبي اها آهي ته نصيحتن سان ڀرپور هن ناول ۾ ڪٿي به لفظن جو بار محسوس نه ٿو ٿئي..
ٽين ڳالهه اها ته روزِ آخرت سان لاڳاپيل هر اهم سوال جو جواب هن ناول ۾ آسان انداز سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.. پر ڪٿي به علمي وڏائي محسوس نه ٿيندي آهي..

انهن سڀني خوبين باوجود به هي ناول اول کان آخر تائين هڪ حقيقي ناول آهي.. جنهن جي ڪهاڻي ۾ ناول نگاري جا سڀ بنيادي عنصر موجود آهن.. ليکڪ هن سنجيده ۽ حساس موضوع ۾ مزاح.. رومانويت.. انساني جذبن.. رشتن ۽ تعلقن جي باريڪين کي بهترين انداز سان بيان ڪيو آهي.. ڪجھ تمام نازڪ موقعن تي به ادب ۽ شائستگي جو دامن هٿن مان ناهي ڇڏيو ويو.. مثال طور حورون جي حسن کي بيان ڪندي تهذيب ۽ احترام کي ملحوظ رکيو ويو آهي.. جنهن کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته انهن جو وجود پڙهندڙ جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي ٿو.. اهو ئي سبب آهي جو پڙهندڙ هڪ ڀيرو ناول شروع ڪري ته دنيا ۽ مافيها کان بي خبر ٿي مختلف ڪيفيتن مان لنگهي ٿو..
ڪڏهن روئي ٿو.. ته ڪڏهن کلندو آهي..
ڪڏهن الله جي خوف کان ڏڪي ٿو.. ڪڏهن الله جي محبت سان سرشار ٿيندو آهي..
ته ڪڏهن جنت جي وادين ۾ گم ٿي وڃي ٿو..
پڙهڻ جو شوق رکندڙ ڪنهن به پڙهندڙ لاءِ مشڪل آهي ته هو هي ناول هڪ يا ٻن ويهڪن کان وڌيڪ وقت وٺي پڙهي..

هي ناول رڳو هڪ ناول نه رهي ها.. جيڪڏهن ان جو موضوع آخرت نه هجي ها.. پر مسئلو اهو آهي ته هن ناول جو واسطو سڌو سنئون هر انسان جي زندگي سان آهي..
ان حقيقت کي ليکڪ ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي.. "ڳالھ صرف ايتري هجي ها ته به ناول پڙهڻ جو شوق ختم نه ٿئي ها.. پر حقيقت اها آهي ته دير سان سهي پر هن ناول جو هر پڙهندڙ ۽ هن دنيا جو هر فرد پاڻ هن ناول جو ڪردار بڻجڻ وارو آهي.. ۽ ان جي ڪنهن نه ڪنهن ڪردار کي نڀائڻ سندس نصيب بڻجڻ وارو آهي.... اهو ئي اهو الميو آهي جنهن مونکي قلم کڻڻ ۽ ميدان ۾ لهڻ تي مجبور ڪيو" (صفحو 9)

267 صفحن تي مشتمل هي خوبصورت ناول ليکڪ جي طرفان هڪ بي بها تحفو آهي.. ذاتي زندگي جي سڌاري.. گهر ڀاتين ۽ مٽن مائٽن جي تربيت.. ۽ دوستن لاءِ ڏيڻ لاءِ هي هڪ بهترين تحفو آهي.. هي ناول سُتل انسانيت کي جاڳائڻ.. ماڻهن کي رب ڏانهن سڏ ڏيڻ.. قيامت جي دهشتن جي جھلڪ ڏيکارڻ ۽ ان عظيم ڏينهن جي تياري لاءِ آهي.. جنهن ڏينهن هر ڪو اڪيلو الله جي اڳيان بيهي پنهنجي زندگي جو حساب ڏيندو....

هن ڪتاب جو سنڌي زبان ۾ ترجمو محترم عبدالمومن ميمڻ صاحب جن ڪيو آهي..

اردو ڪتاب ڊائلوڊ ڪريو

سنڌي ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو
 
Back
Top