• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ليپ ٽاپ ڪهڙو وٺجي؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Laptop-with-black-screen-and-three-dollar-bills-laid-out-on-keyboard-1.jpg

اهو سوال اڪثر منهنجا دوست مون کان ڪندا آهن..

مارڪيٽ ۾ سستا ۽ مهانگا ٻنهي قسم جا ليپٽاپ موجود آهن.. پر توهان کي ليپٽاپ جي خاصيتن تي ڌيان رکڻ گهرجي جيئن معياري مشين خري ڪري سگهو..

بجيٽ ڪيتري آهي؟
هتي اسان 70 کان 80 هزار جي لڳ ڀڳ قيمت کي بجيٽ رکون ٿا.. . ان رقم ۾ روزانو ڪم لاءِ مناسب ليپ ٽاپ ملي سگهي ٿو.

هاڻي اچو ته بجيٽ مطابق ليپ ٽاپ جي اهم خاصيتن تي نظر وجهون:

1. آپريٽنگ سسٽم (Operating System)

best-buy-chromebook-sale.jpg

Windows يا ChromeOS
Windows هر هنڌ هلندڙ، مشهور سسٽم آهي، پر هي ٿورو ڳرو هوندو آهي ۽ گھٽ طاقتور ليپ ٽاپ تي سست هلي سگهي ٿو.
ChromeOS هلڪو آهي، پر صرف ويب تي مبني ايپس هلائي ٿو. اسڪول لاءِ وٺي رهيا آهيو ته پهرين اسڪول کان پڇو ته ڪهڙو سسٽم گهربل آهي.

MacBooks سستا نه ملندا ۽ 150 هزار کان مٿي ۽ گهڻو مهانگا آهن، ان لاءِ موجوده بجيٽ آپشن مناسب ناهي..

2. ريم (RAM)

Laptop-taken-apart-with-pieces-ordered-neatly.jpg

گهٽ ۾ گهٽ: 8GB

بهتر آهي: 16GB (جيڪڏهن مستقبل لاءِ تيار رهڻ چاهيو ٿا)
4GB سان ڪم هلندو پر ليپ ٽاپ سست ٿيندو.

3. پروسيسر (CPU)

shutterstock_2025685298.jpg

Windows لاءِ: Intel i3 يا AMD Ryzen 3 (گهٽ ۾ گهٽ)، i5 يا Ryzen 5 (بهتر)

Chromebooks لاءِ: Intel i3/i5 يا MediaTek
پاورفل پروسيسر جي اميد نه رکو، بس روزمره جي ڪم لاءِ مناسب هجن.

4. بيٽري لائف (Battery Life)

panos-sakalakis-35NiG1dYjtM-unsplash.jpg


10 کان 12 ڪلاڪ جو واعدو ڪيل بيڪ اپ، پر اصل ۾ 8 ڪلاڪ تائين ضرور هلي.. جو ملڪ ۾ بجلي جرائسز کان ته توهان اڳ ئي واقف آهيو..

Chromebooks جي بيٽري عام طور تي ڊگهي هلندي آهي
جيڪڏهن اوهان گهڻو سفر ڪندا آهيو يا پلگ کانسواءِ ڪم ڪندا آهيو ته ڊگهي بيٽري اهم آهي.


5. اسٽوريج جي گنجائش (Storage Capacity)

internal-storage-hero-a.jpg

Windows لاءِ: گهٽ ۾ گهٽ 256 GB

Chromebooks لاءِ: گهٽ ۾ گهٽ 64GB
Windows وڌيڪ جڳھ وٺندو، انڪري 256 GB کان گهٽ نه وٺو.
گنجائش گهٽ آهي ته external drive استعمال ڪري سگهو ٿا.

6. اسٽوريج جو قسم (Storage Type)

shutterstock_1901608936.jpg

صرف SSD وٺو

Chromebooks لاءِ: UFS به مناسب آهي
eMMC کان بچو، ڇو ته اهو تمام سست هوندو آهي.


7. اسڪرين ريزوليوشن (Display Resolution)

windows_11_neue_funktionen.jpg

گهٽ ۾ گهٽ: 1080p (Full HD)
720p سان ٽيڪسٽ پڙهڻ ۽ وڊيو ڏسڻ جو تجربو خراب ٿيندو.

8. ليپ ٽاپ جو سائيز (Laptop Size)

Razer-gaming-laptop-closed-with-logo-on-lid-hero.jpg


13 انچ: هلڪو، پورٽيبل، روزانو ڪم لاءِ بهتر
15 انچ: وڏي اسڪرين، پر وزن وڌيڪ
13 انچ + 1080p = بهتر بيلنس


9. پورٽس ۽ ڪنيڪٽوٽي (Ports & Connectivity)

External-hard-drive-plugged-into-side-of-Windows-laptop.jpg


گهٽ ۾ گهٽ: 1x USB-C، 1x USB-A، HDMI (جيڪڏهن اسڪرين لڳائڻو آهي)
گهٽ پورٽس آهن ته USB-C hub خريد ڪري سگهو ٿا.

سمري طور گهٽ ۾ گهٽ خاصيتون:

RAM: 8GB
CPU: Intel i3 يا AMD Ryzen 3 (i5 يا Ryzen 5 بهتر)
Battery Life: 8–12 ڪلاڪ

Storage:
256GB (Windows)، 64GB (Chromebook)
Storage Type: SSD (Chromebooks لاءِ UFS به ٺيڪ)

Resolution: 1080p

Size: 13 انچ بهتر (پورٽيبل،
15 انچ جيڪڏهن اسڪرين چاهيو

Ports: USB-C، USB-A، HDMI


هنن خاصيتن تي مشتمل ليپٽاپ مارڪيٽ ۾ 70 کان 80 هخار ۾ ملي ويندو جيڪو ريفربش سڏائيندو آهي.. باقي وارنٽي ۾ نئون ڊٻو ويڪ 150 هزار تائين ملندو
 
آخري ترميم:
Back
Top