امن ابن سنڌ
فعال رڪن
سنڌوءَ مان نڪرن وارا نوان ڪينال – سنڌ لاءِ هڪ وڏو خطرو
امن لغاري
سنڌو درياهه، جنهن جي وهڪرن تي سنڌ جي ساهه، زراعت، ماحول، ۽ سڀيتا جو دارومدار آهي، اڄ خطري ۾ آهي. حڪومت پاران سنڌو درياهه مان ڇھ نوان ڪينا ڪڍڻ جو منصوبو، ظاهري طور ترقيءَ جو قدم لڳي ٿو، پر حقيقت ۾ هي سنڌ لاءِ تباهيءَ جو دروازو کولي سگهي ٿو.
سنڌ، جيڪو اڳ ئي پاڻي جي کوٽ، خشڪ ٿيندڙ زمينن، ۽ ڊيلٽا جي سڪڻ جهڙن مسئلن سان منهن ڏئي رهيو آهي، اُن لاءِ هي نوان ڪينال وڌيڪ اونداهي کڻي اچي سگهن ٿا. اتر وارا علائقا درياهه جو پاڻي اڳواٽ ئي روڪيو ويٺا آھن ، مٿان وري ھي ڪينال هيٺين علائقن( سنڌ ) تائين پاڻي پھچڻ ناممڪن ڪري ڇڏيندا، . ان جو سڌو اثر زرعي معيشت، کاڌ خوراڪ جي پيداوار، مقامي ماڻهن جي روزگار سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻيءَ تي پوندو.
ماحولياتي طور به هي رٿا انتهائي خطرناڪ آهي. سنڌوءَ جي ڊيلٽا، جيڪا سامونڊي پاڻيءَ جي چاڙهه کان بچاءَ لاءِ هڪ قدرتي بند آهي، هاڻ سڪڻ شروع ٿي وئي آهي. ان مان مٺو پاڻي نه وهڻ سبب زمينون ڪلراٺيون ٿين پيون، ۽ آبي حيات ختم ٿيڻ لڳي آهي. ھنن ڪينالن ٻيڻو خطرو ڪري ڇڏينديون.
اهو پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي ته هي منصوبا رڳو فطرت سان نه، پر وفاقي يڪجهتيءَ سان به ٽڪراءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. سنڌ واسين ۾ اڳ ئي احساس محرومي آهي، ۽ جيڪڏهن بنا صلاح مشوري اهڙا منصوبا لاڳو ڪيا ويا ته بين الصوبائي تڪرار وڌڻ جا امڪان به وڌي سگهن ٿا.
سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جو حق آهي. پر ان جي ورهاست منصفاڻي هئڻ گهرجي. حڪومت کي گهرجي ته ترقيءَ جي نالي تي سنڌ لاءِ خطرناڪ قدم کڻڻ کان پاسو ڪري، ۽ سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ قومي سطح تي نئين سوچ اختيار ڪري.
جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ۽ عوام جي ڪاوڙ ۾ اضافو ٿيندو رھندو ، حڪومت يا رياست جي ڪڏهن ھن ڪينال منصوبي کي ختم نه ڪيو ۽ ھن عوامي ردعمل کي غلط طريقي (تشدد ذريعي) سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوء ردعمل خطرناڪ ايندو ، ھن ردعمل جو نتيجو نوان نقشه ٺاھڻ جو بہ سبب ٿي سگھي ٿو