• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل رڳو توکي پڪاري رهيو

گل ڀنگر

جونيئر رڪن
دل رڳو توکي پڪاري رهيو
✍🏻: گل

تو اچڻ جو نالو نه ورتو
بہارون آيون ويون
باغ به اجڙي ويا
برساتون وسنديون رهيون
دل سڙي خاڪ ٿيو
اکيون روندون رهيون
دل رڳو توکي پڪاري رهيو
دل رڳو توکي پڪاري رهيو

نه سج جون ڪرڻيون ڏٺيون
نه چنڊ جو اجالو ڏٺو
زندگي اوندهه ۾ گزرندي رهي
ساهه دردن جو ساگر ٿيو
اُجهامي ويا اميدن جا ڏيئا
نه ڪو آسرو بچيو
دل رڳو توکي پڪاري رهيو
دل رڳو توکي پڪاري رهيو

اهي ڪاري راتن جا بيت
اسان تنهنجي خاطر لکيا
سيج سڀئي وساري ڇڏيا
سپنا منهنجا وکري ويا
نه ڪا آشا ملي
نه ڪو ساٿي مليو
دل رڳو توکي پڪاري رهيو
دل رڳو توکي پڪاري رهيو

نه ڪو سنگ ڏٺو
نه ڪو رنگ ڏٺو
زندگي خشڪ وڻ بڻجي
ٽٽي ڀورا ڀورا ٿيو
ڪونجون ٻولينديون رهيون
اسان نهارڻ ڇڏي ڏنو
دل رڳو توکي پڪاري رهيو
دل رڳو توکي پڪاري رهيو

تون وعدا سڀ وساري ڇڏيا
اسان رت جا ڳوڙها ڳاڙي ڇڏيا
مرڪ به رسجي وئي
کل به کسجي وئي
شڪايتون ڇڏي ڏنيون
گل به ماٺ ڪري ويو
دل رڳو توکي پڪاري رهيو
دل رڳو توکي پڪاري رهيو
 
جيڪڏهن ڪا به ڀُل يا جملي جي درستگيءَ بابت پڙهندڙ ڪا رهنمائي ڪري ته مان ان جو دل سان شڪرگذار ٿيندس۔
 
Back
Top