ڪوھستان ۽ ڪتي جي قبر(ديو مالائي ڪھاڻي)
آصف رضا موريو (سنڌي رسالي افيئر ۾ ڇپيل مضمون)
کيرٿر جي ڪوھستاني علائقي ۾ وھندڙ جهرنن ۽ ندين جي موھت ڪندڙ آوازن ۾ صدين جا سنگيت سمايل آھن. جتي بيشمار تاريخي و تهذيبي روايتون صحرائي ۽ پھاڙي ثقافتون، قبائلي جنگين ۽ جڳهہڙن جون ڊگهيون تاريخي ۽ رزميہ داستانون پھاڙي درن ۽ تنگ منھن واري غارن جي ڀتين سان چنبڙيل چمڙن وانگر وکريل آھن. انهي مان ھڪ قصو کيرٿر متعلق ھن ريت آھي تہ گذريل وقتن ۾ ڪڏهن ان ڪوھستاني سلسلي ۾ رهندڙ ماڻهن تي ھڪ خاندان حڪومت ڪندو ھوجنھن جي حڪمران کي ڪانڀو خان ۽ کيرٿر نالي ٻہ پٽ ھوندا ھئا. کيرٿر وڏو ۽ ڪانڀو خان ننڍو ھيو، جڏهن تہ بيرڻ (بارڻ) انهن جي اڪيلي ڀيڻ ھئي.
خوشي باش زندگي گذارڻ واري ان خاندان ۾ کيرٿر جي پيءُ جي مرڻ کانپوءِ قبيلي جي سرداري ۽ جائيداد جي ورھاڱي جي لالچ تي فساد شروع ٿيو جيڪو وڌندي وڌندي جنگ جي صورت اختيار ڪري ويو. وڙهندي وڙهندي ننڍي ڀاءُ ڪانڀوخان تلوار جي ھڪ وار سان وڏي ڀاءُ کيرٿر جي ھڪ ٻانھن ڪٽي ڇڏي ھئي. جتي اھا ٻانھن ڪپجي ڪري ھئي ان جڳهہه وٽ پھاڙي جو نالو اڃان تائين “ڪٽيل” آھي. کيرٿر بہ جواب ۾ بندوق جي فائر سان ڪانڀو کي زخمي ڪري ڇڏيو ھو. ھتي ھڪ پھاڙي ۾ سوراخ آھي جنھن جو نالو ٽنگي واري (يعني سوراخ واري) آھي جيڪو (ڪانڀو) کي بندوق جو فائر لڳڻ ٿيو ھو. جڏهن ويڙهه گهمسان جي صورت اختيار ڪري وئي ۽ ڪنھن طرح ضابطي ۾ ايندي نظر نہ پئي اچي تہ ڀائرن وچ ۾ مصالحاڻو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سندن ڀيڻ بيرڻ ٺاھ ڪرائي صلح ڪرائي ڇڏي. ھاڻي اھا ڀيڻ بيرڻ ندي جي صورت ۾ کيرٿر ۽ ڪانڀو جي نالي وارن انهن پھاڙي سلسلن جي وچ ۾ وھندي ٿاڻي بولا خان جي طرف روان دوان آھي جتان اوڀر پاسي مڙندي آخر ۾ ڪوٽڙي کان چار ميل ھيٺ وڃي پنھنجو پاڻ سنڌوندي کي ارپن ڪري ٿي. ان ندي جي ڪل ڊيگهه 90 ميل آھي. ڪوھستان جي مقامي ماڻهن جو عقيدو آھي تہ کيرٿر جو اھو سمورو خاندان ڪجھه نامعلوم سببن ڪري پنڊ پھڻ ٿي ڪوھستان جي پھاڙن، چشمن، ٽڪرين ۽ ندين وغيرھ جي صورت اختيار ڪري ويو ھيو.
اھڙي ريت ئي کيرٿر جي پھاڙي چوٽين تي جنم وٺندڙ لازوال ڪھاڻي آھي ھڪ ڪتي ۽ ان جي مالڪ جي جيڪا ھن ريت آھي تہ ڪنھن دور ۾ کيرٿر جي قمبر واري چوٽين جي لڪن لاڙن ۾ سنڌ بلوچستان جي سرحدي حصن ۾ موجود ھزارين ڳوٺن مان ھڪڙي پھاڙي وسندي ۾ ذات جي ھڪ بروھي ھمراھ رهندو ھيو جنھن وٽ ھڪ خوبصورت، بهادر ۽ وفادار ڪتو پاليل ھوندو ھيو. پھاڙي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو ھن وقت بہ پنھنجي گهر، پاڙي، مال، متاع جي ڪنھن رڇ، مرون، بلا، چراخ، بگهڙ وغيرھ جي تحفظ لاءِ يا چوري چڪاري وغيرھ لاءِ عمدي نسلن جا ڪتا پاليندا رهندا آھن ڇوتہ پھاڙي علائقن ۾ رهندڙ انساني جيون ھر قدم تي خطري سان دوچار رهندو آھي. اھڙن علائقن ۾ ڪنھن وٽ ڪو وفادار ڪتو ھئڻ خوشقسمتي جو باعث سمجهيو ويندو آھي.
ڪجھه روايتن ۾ ٻڌو ويو آھي تہ ان بروھي ھمراھ کي واٽ ويندي ڪتي جو ھڪ ننڍڙو گلر پھاڙن يا ڪنھن ڳوٺ يا ڪنھن شھر جي گهٽين ۾ رلندي مليو ھيو، ان ميرڙي، بکايل ۽ بي واھي ساسي کي ھو ھمراھ پنھنجي ڪکائين گهر کڻي آيو ۽ ان کي پالڻ شروع ڪيائين. وقت سان گڏ جيئن جيئن گلر وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن انسان ۽ جانور ۾ پالڻ پوسڻ جي محبت پروان چڙهندي رهي جو اھو ھمراھ پنھنجي ساٿي جانور کي اوکي پوکي، محنت مزدوري، گهمڻ گهتڻ مطلب تہ ھر وقت ساڻ کڻندو ھيو تنھن ڪري انهن جي دوستي، ياري ۽ ساعٿ علائقي جي ھر ڳوٺ ۾ مشھور ھئڻ سبب ساراھي ويندي ھئي. دنيا ڀر ۾ سيٺ ۽ قرضي جو رشتو بہ تمام قديم آھي جو واھڻن، ڳوٺن، پھاڙن ۽ جنگن جا غريب، اٻوجهه ۽ بي پھچ واسي پنھنجي ضرورتن آھر وياجي سيٺين ۽ شاھوڪارن کان بيماري بڙي، ھوند اڻهوند وغيرھ ۾ وياج تي ٽڪا، پيسا، روپيا وٺندا رهندا آھن جنھن کان پوءِ ھو غريب سموري ڄمار وياج جي چڪي ۾ پسبا رهندا ھيا جو غريب وقت تي پيسا ڏئي ڪونہ سگهندا ھيا تنھن ڪري وياج مٿان وياج کين وڻ ويڙھي جيان وڪوڙيندو رهندو ھيو. ڪتي جي ان بروھي مالڪ بہ ھڪ بنيي کان ڪجھه پيسا وياج تي ورتا ھيا جيڪي ڏيندي بہ ترڻ جو نالو ئي ڪونہ پيا وٺن جو وياج جي رفتار ڏيڻ واري جي سگهه کان سرس ھئي. جيئن ئي ڏاھي وياج خور کي بروھي جي وفادار ڪتي جي خبر پئي تہ ھن پنھنجي قرضي کي (جيڪو خالي ھٿين ڪجھه وقت وٺڻ لاءِ آيو ھيو) چيو تہ “ميان تون جيسيتائين قرض چڪائڻ جھڙو ٿئين تيسيتائين پنھنجوڪتو منھنجي حوالي ڪري وڃ نہ تہ تون قرض چڪائيندين ئي ڪونه”. غريب قرضي وٽ ڪا ٻي واھر يا آھر ھئي ڪونہ ان لاءِ پنھنجي ساٿي کي ان آسري تي سيٺئي جي حوالي ڪيائين تہ ترت ورتل قرض ڪو بندوبست ڪري ڪتي کي واپس وٺي ويندس. ھن بوجهل دل سان دوڪان اڳيان پيل کٽ جي تانگهه واري جاءِ وٽ بيٺل پنھنجي وفادار ساٿي جي اڳيان اوڪڙو ويھي سندس مٿي تي پيار مان ھٿ لائي پوءِ ڀاڪر پائي سندس ڪن ۾ ڪا سس پس ڪئي شايد مالڪ ھن کي مدعا سمجهائي نئين مالڪ سان وفادار رهڻ جي تاڪيد ڪئي ھجي. ڪتي جي ھوشيار اکين جي بيچيني ٻڌائي رهي ھئي تہ ھوسندس مالڪ ۽ ھٽ واڻئي جي ڳالھين ۽ پوءِ سندس مالڪ جي تنبيھه کي بہ سمجهي رهيو ھيو.
بروھي ھمراھ ڪتي کي قرض ۾ ڏئي روانوماڳئين ٿيو تہ واڻئي ڪتي کي ان خيال کان تہ ساسي آ ڀڄي نہ وڃي سندس ڳچيءَ ۾ پٽو ٻڌي کٽ جي پائي سان ٻڌي ڇڏيو. تنھن کان پوءِ ڪتو نئين مالڪ جو اھڙي ريت خيال ڪرڻ لڳو جھڙو سندس اھو ئي مالڪ ھجي. وقت گذرندو رهيو، بروھي پنھنجي وس ۽ وت آھر پيسا ڪٺا ڪندو رهيو تہ پنھنجي وفادار ساٿيءَ کي واپس آڻي سگهي. ھيڏانھن واڻيو خوش ھيو تہ ٻڏل پيسن ۾ کيس گهر لاءِ ھوشيار چوڪيدار ملي ويو ھيو تہ ڪتي وري پنھنجي قسمت جي لکئي سان نباھي رهيو ھيو پر کيرٿر جي پراسرار دنيا ڪنھن اڻ ٿيڻي جا سانباھا ڪري رهي ھئي.
قضا جو قصو ائين ٿيو جو واڻئي جي گهر ۾ ڪنھن رات چورن اچي راتاھہو ھنيو. ڪتو پنھنجي وس آھر گهڻو ئي ڀوڪندو رهيو پر ڳلي ۾ ٻڌل پٽي سبب ڪجھه ڪري ڪونہ پئي سگهيو پر ھن انهن جي بوءِ نڪ ۾ ويھاري ڇڏي ھئي. چور پنھنجي ڪاروائي ڪري ويا پر ڪتي جي باھوڙ تي نيٺ ڀاڳيا بہ جاڳيا تہ گهر ڀينگ لڳو پيو ھيو. ٿورڙي جهٽ ۾ ڳوٺ واسي بہ ڪٺا ٿا. ڪنھن ڏاھي جي چوڻ تي ڪتي جو پٽو ڇوڙيو ويو تہ ھو چورن جي بوءِ پٺيان ڊوڙڻ لڳو تہ پٺيان ڀاڳيا، ڳوٺاڻا ۽ پيري بہ ھلڻ لڳا. نيٺ انهن ڪتي جي سربراھي ۾ ھڪ پھاڙي لڪ ۾ وڃي چورن کي سڳ سميت ھٿيڪو ڪيو. واڻيو ڪتي جي ھوشياري ۽ وفاداري تي تمام گهڻو خوش ٿيو تنھن ڪري کيس قرض جي قيد مان آزاد ڪري کيس اشاري سان سمجهايائين تہ پنھنجي مالڪ ڏي موٽي وڃ. ڪتو سندس زبان سمجهندي خوشي وچان انگڙ ونگڙ پھاڙي رستن، چوٽين، درن ۽ نالن مان ڊڪون ڀريندو پنھنجي مالڪ جي ڳوٺ ڏانھن راھي ٿيو. اتفاق سان سندس مالڪ سان رستي ۾ ئي ملاقات ٿي پيس جيڪو واڻئي جا پيسا پورا ڪري کانئس پنھنجو ڪتو واپس وٺڻ لاءِ وڃي رهيو ھيو. ڪتو مالڪ کي ڏسي پڇ لوڏي پيار مان ملڻ جي خوشي جو اظھار ڪري رهيو ھيو تہ سندس مالڪ وري ان انومان ۾ ڪروڌ ۾ اچي ويو تہ سندس ڪتو بي وفائي ڪندي واڻئي وٽان ڀڄي آيو آھي جيڪو بروھيءَ لاءِ شرم واري ڳالهہ ھئي. اھو ڪتي لاءِ زندگيءَ جو خوشقسمتي وارو ڏينھن ھيو تہ سندس مالڪ لاءِ شرم آميز گهڙي ھئي تہ سندس پاليل جانور ساڻس غداري ڪئي آھي. غصي ۾ آيل ڪروڌي مالڪ ڪتي گاريون ڏيندي کيس اکين اڳيان ٽري وڃڻ لاءِ چيو پر پوءِ بہ وفادار ڪتو سندس پويان ھلڻ لڳو. آخرڪار مالڪ ان کي پٿر ھڻي ڀڄائڻ جي ڪندي کيس بجو بہ ورائي ڪڍيو جنھن تي ڏک مان چور وفادار جانور پوئتي ڀرڪندي ڀرڪندي ان پھاڙي تان ترڪي ھيٺ ڪري چچرجي مري ويو. ڪتي جي ڪري مرڻ تي مالڪ جو بہ غصو ڍروٿيو ۽ لهي وڃي پنھنجي پياري ساٿيءِ جي چچريل بي جان وجود پنھنجي ٻانھن ۾ کنيائين پر ھاڻي دير ٿي چڪي ھئي. ايتري ۾ ڪتي جي ڳچيءَ ۾ پيل واڻئي جي چٺي بہ مليس جنھن ۾ سندس ڪتي جي بهادري واري واقعي جي تفصيل سان گڏ سندس قرض جي معافي بہ لکيل ھيس. مالڪ پنھنجي اٻہرائي تي سخت پشيمان ٿيو پر ھاڻي ڇا ٿيڻو ھيو جو تير ڪمان مان نڪري چڪو ھيو. مالڪ بحرحال پنھنجي وفادار ساٿيءَ جي مڙهه کي کيرٿر جي ان علائقي جي سڀ کان مٿاھين چڙهائي تي کڻي ويو ۽ کيس اتي دفن ڪري مٿان پٿر ڪٺا ڪري تربت مٿان سٿي ڇڏيا. زندگيءَ جو گهڻو حصو اھو بروھي جوان پنھنجي وفادار سنگتي جي قبر تي ايندو رهندو ھيو. ان واقعي کي اڄ صديون گذرڻ جي باوجود چنڊ جي چوڏهين رات جو کيرٿر جي افقي چوٽيءَ تي ڪتي ۽ ان جي مالڪ جو پاڇولو ظاھر ٿيندو آھي.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: