• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ونڊوز 11 تي فائلون ڳولڻ لاءِ ونڊوز سرچ جا متبادل مفت ٽولز

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
onecommander-and-everything-jpg.jpg

فائلون جلدي ۽ مؤثر نموني ڳولڻ لاءِ Windows Search ھميشه ڪارائتي ثابت نه ٿي ٿئي ٿي.. خوشقسمتيءَ سان اهڙا ڪيترائي ٽولز موجود آهن، جيڪي رفتار، خاصيتن ۽ استعمال جي سهولت ۾ Windows Search کان تمام بھتر آھن.. ھتي مان ڪجهه پنهنجي پسند جا ونڊ ڪري رھيو آھيان..


1. Everything

everything-advanced-3.png

Everything (Voidtools پاران) تمام تيز ۽ مؤثر فائل ڳولا لاءِ معياري ٽول آھي.. هي وزن ۾ هلڪو وزن آھي جيڪو سيڪنڊن ۾ توھانجي فائلن جو Index ٺاهي ٿو.. جنهن سان بعد ۾ توھان فوري نموني ڪنهن به فائل کي ڳولي سگهو ٿا..
ان ۾ Real-Time اپڊيٽس جي مدد سان نيون يا تبديلي ٿيل فائلون فوري طور تي ڳولڻ لائق ٿين ٿيون.. ان جو سادو انٽرفيس سڀني لاءِ موزون آھي.. پاور يوزرن لاءِ ھي اوزار Advanced Search Syntax به پيش ڪري ٿو..

خاصيتون:
انتهائي تيز
گھٽ سسٽم وسيلن جو استعمال
فائل ٽائپ، سائيز ۽ تاريخ جي بنياد تي ڳولا


2. Listary

listary-quick-switch-2.png

Listary توھانجي فائل برائوزنگ کي سمجھداريءَ سان تيز بڻائي ٿو ۽ فائل ايڪسپلورر ۾ ضم ٿيندي فقط ٽائيپ ڪرڻ سان فائيلون فوري ظاهر ڪندو آھي..
Wildcard سرچ، ڪسٽم ڪمانڊس ۽ Quick Switch خاصيت سان ھي ٽول خاص طور تي مفيد آھي..

اضافي خاصيتون:
فائيلون کولڻ، فولڊر يا ايپس کي لانچ ڪرڻ
فوري ڳولا
آسان انٽرفيس


3. DocFetcher

docfetcher-search-results.jpg

DocFetcher ھڪ اوپن سورس ٽول آھي جيڪو PDFs، Word ۽ Text فائيلن جي مواد جي گهرائي تائين سرچ ڪري سگهي ٿو..
توهان کي Index ٺاهڻو پوندو، جنهن کان پوءِ هي گھڻو تيز نتيجا ڏئي ٿو..

نوٽ: وڏين فائيلن لاءِ Indexing وقت وٺي سگهي ٿي، پر پوءِ نتيجا فوري ملن ٿا..


4. SearchMyFiles

searchmyfiles-main-window.jpg

SearchMyFiles انتهائي Customizable آھي.. ان ۾ فائيل جون تاريخون، سائيز، اندروني ٽيڪسٽ ۽ ٻيا گھڻا فلٽر موجود آھن..

خاص خاصيت:
ڊپليڪيٽ فائيل ڳولڻ
انسٽال ڪرڻ جي ضرورت ناهي (Portable)
سادو ۽ صاف انٽرفيس


5. FileSeek

fileseek-main-window.png

FileSeek نالا ۽ فائيلن جي اندروني مواد ٻنهي جي ڳولا ڪري ٿو.. Coders ۽ Text فائيل استعمال ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي..
ان ۾ Advanced Filters، Search Profiles ۽ مخصوص فائيل ٽائپ کي خارج ڪرڻ جا آپشنز آھن..

نوٽ: انسٽاليشن وقت 30 ڏينھن لاءِ ٽرائل ورزن اچي ٿو، پوءِ فري ورزن تي منتقل ٿي وڃي ٿو..



هي ٽول Windows Search کان ڇو بھتر آھن؟

Windows Search جي محدود صلاحيت، سست رفتار ۽ گھٽ ترتيب جا اختيار ڪڏهن ڪڏهن ڪم کي ڏکيائيءَ ۾ وجهي ڇڏين ٿا..
مٿيان اوزار تيزي، ترقي يافته ڳولا، فائيل مواد جي Indexing، ۽ گھٽ وسيلن جي استعمال سان توهانجي ڪم جي ڪارڪردگيءَ کي وڌائين ٿا..
جيڪڏهن توھان Windows Search مان مايوس آھيو ته ھنن مان ڪنهن ھڪ اوزار کي ضرور آزمائي ڏسو.. توھان کي واقعي فرق محسوس ٿيندو..!
 
آخري ترميم:
Back
Top