
1. ٽاسڪ بار لاءِ “End Task” آپشن

گهڻا ڀيرا راند يا پروگرام فريز ٿي وڃن ٿا جن کي بند ڪرڻ لاءِ “X” تي ڪلڪ ڪرڻ بي اثر ٿيو وڃي ٿو.. اهڙي صورت ۾ “Ctrl+Alt+Delete” دٻائي “Task Manager” کولڻ جي ضرورت پوندي آهي..
پر هڪ نئين آپشن سان توهان سڌو “ٽاسڪ بار” تان ئي ان فريز ٿيل پروگرام کي بند ڪري سگهو ٿا..
اِهو ڪرڻ لاءِ وڃو: Settings > System > For Developers ۽ “End Task” آپشن کي آن ڪيو.. هاڻ جيڪڏهن ڪو پروگرام Hang ٿئي ته ان جي آئڪن تي Right Click ڪري "End Task" چونڊيو..
2. سسٽم ري اسٽور (System Restore)

ڪڏهن ڪڏهن Windows Update خراب اثر وجهي سگهي ٿو.. ان کان بچڻ لاءِ System Restore پوائنٽ ٺاهڻ ڪارائتو آهي..
هي پراڻي ونڊوز جي سهولت آهي جيڪا توهان جي سسٽم ۽ رجسٽري سيٽنگز کي محفوظ ڪري ٿي..
ان کي آن ڪرڻ لاءِ: Windows Search ۾ "Create a restore point" ڳوليو.. اُتان توهان ڊرائيو چونڊي سسٽم ري اسٽور پوائنٽ ٺاهي سگهو ٿا.. “Configure” تي ڪلڪ ڪري پراڻا پوائنٽس ختم به ڪري سگهو ٿا..
3. فائل ايڪسٽينشن ڏيکارڻ (View File Extensions)

جيڪڏهن توهان روز مره ۾ مختلف فائلن سان ڪم ڪندا آهيو (جهڙوڪ JPEG، PNG، PDF)، ته فائلن جي قسم ڏسڻ لاءِ ايڪسٽينشن ڏيکارڻ تمام مفيد آهي..
اهو ڪرڻ لاءِ: File Explorer > View > Show > File Extensions تي وڃو..
ان سان توهان کي هر فائل جي نالي پٺيان ان جو قسم (مثلاً .jpg, .pdf) ڏسڻ ۾ ايندو.. جيڪو خاص ڪري پروفيشنل يوزرن لاءِ انتهائي ضروري آهي..
4. ڪليپ بورڊ تاريخ (Clipboard History)

جيڪڏهن توهان ڏينهن ۾ مختلف ٽيڪسٽ يا لنڪ ڪاپي ڪندا آهيو، ته ڪليپ بورڊ جي هسٽري واري سهولت انهن سڀني کي ياد رکندي آهي..
ان کي آن ڪرڻ لاءِ وڃو: Settings > System > Clipboard > Clipboard History يا Windows + V دٻائي آن ڪيو..
هاڻ هر ڪاپي ڪيل شيءِ محفوظ ٿيندي.. ان مان ڪا به شيءِ وري ڪاپي يا پيسٽ ڪري سگهو ٿا.. هسٽري کي صاف ڪرڻ لاءِ "Clear All" تي ڪلڪ ڪريو..
5. ٽاسڪ بار پاڻمرادو لڪايو (Auto-Hide Taskbar)

جيڪڏهن توهان QD-OLED اسڪرين استعمال ڪندا آهيو ته ٽاسڪ بار جي Burn-in کان بچڻ لاءِ ان کي خودڪار طور لڪايو وڃي ته بهتر آهي..
ان کي آن ڪرڻ لاءِ وڃو: Settings > Personalization > Taskbar behaviors > Automatically hide the taskbar
هاڻ ٽاسڪ بار صرف تڏهن ظاهر ٿيندي جڏهن توهان ونڊوز بٽڻ دٻائيندؤ يا اسڪرين جي هيٺيان حصي تي ڪرسر کڻندؤ..
اضافي طور، جيڪڏهن توهان ٽاسڪ بار کي کاٻي پاسي منتقل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ساڳي اسڪرين مان “Taskbar alignment” کي “Left” چونڊيو..
اهي پنج سهولتون Windows 11 کي وڌيڪ طاقتور ۽ سولو بڻائين ٿيون.. توهان به انهن کي آزمائي ڏسو!