• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نرسري جي ٿڦڙ کان فيڊرل يونيورسٽي تائين" آتم ڪٿا

امن ابن سنڌ

فعال رڪن
"نرسري جي ٿڦڙ کان فيڊرل يونيورسٽي تائين"
آتم ڪٿا
امن ابن سنڌ
بابا سائين پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ NCHD استاد هو. مان اتي بابا سان گڏ اسڪول ويندو هئس، پڙهڻ لاءِ نه، بس پڙهندڙ ٻارن کي مارڻ جي لاءِ. شايد ٻالڪپڻ جي انوکن جذبن ۽ ضدن مان اهو به هڪ هو. ڪجهه وقت بعد، بابا ۽ سندس ساٿين جون پگهارون بند ٿي ويون. اين سي ايڇ ڊي جو سڄو نظام ئي ختم ٿي ويو.
، بابا منھنجي ڀاءُ کي ۽ ٻين سوٽن کي شھر ۾ ھاء اسڪول داخلا وٺي ڏني ته اُھي ھاء اسڪول ويندا هئا ، ۽ مونکي اسان جي شھر جي مشهور پراويٽ CBS اسڪول ۾ داخل وٺي ڏني.
مون اتان نرسري کان پڙهڻ شروع ڪيو. رڳو ٻه ڏينهن ٿيا ته اسڪول وڃڻ وارو ڀوت لھي ويو . ٽئين ڏينهن جڏهن بابا مون کي اسڪول ڇڏڻ آيو ته بابا کي مان روئيندي چيو
!""بس ھڻ جام پڙھ ڇوڻيم اڳتي ڪونه پڙھسان"" ! ۽ روئڻ شروع ڪيم ته بابا رکي ٿو ھڪ "ٿڦڙ" ھڻي،" ٿڦڙ " ڇا لڳو اچي ٿو اسڪول ڏانهن ڀڄان ۽ ڪلاس ۾ وڄي ساھ کيم ، ڪجهه ڏينهن بعد عرفان ۽ اعجاز (منهنجا سئوٽ) به ساڳئي اسڪول ۾ داخلا ورتي. اسان ٽئي گڏ پڙهڻ لڳاسين. بس مھينو ٻه پابندي سان وڏا اسڪول ڇڏيندا ھئا ۽ واپس وٺي ويندا ھئا ، پر پوءِ اسان جو اسڪول کان ڳوٺ ۽ ڳوٺ کان اسڪول وڃڻ جو سفر پنڌ شروع ٿيو، پوءِ رستا روڪ ڪري ڪنهن موٽرسائيڪل کي بيهاريندا هئاسين ته هو اسين ٽن مان ڪنهن نه ڪنهن کي کنيو اڳتي ڇڏي. اهو روز جو معمول ٿي ويو ھو. سي بي ايس اسڪول جا ٽي سال منهنجي شعور جي پهرين ڪوشش هئي، جتي مان سکڻ لاءِ ويو هئس، پر غربت منهنجي انھن رستي ۾ هڪ وڏو پهاڙ بڻجي آئي ھئي،
فيسون ڏيڻ هڪ عذاب بڻجي ويو هو. مهيني ۾ ٻہ-ٽہ دفعا ضرور مس واپس موڪليندي هئي، ھڪ ڏينھن مس چيو ته صباڻي فيس کڻي پوءِ اسڪول اچجانءِ ، شام جو بابا گھر آيو ته بابا کي چيم ته مس چيو آھي تہ صباڻي فيس کڻي اچي ته اسڪول اچجانءِ نه ته ناھي اچڻو، ، بابا ڪجھ سوچي چيو وڄ ڪتاب کڻي اچ ۽ مون کي سبق ٻڌائي ، ويس ڪتاب کڻي آيوس (ھي وقت مون کي صفا ايئن ياد آھي جنھن ڪلھ ٿيو ھجي) سبق ٻڌايم پر بابا کي منھنجو سبق پڙهڻ صحيح نه لڳو چيائين صباڻي يونيفارم نه پائي ھلجا مون چيو جي بابا صحيح آھي،
صبح جو بابا سڌو اسان جي علائقي جي مشھور سرڪاري پرائمري اسڪول مغلڀين ۾ پھرين ڪلاس ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو،
منھنجا سي بي ايس ۾ ٽي سال ضايع ٿي ويا ، ايئن ٽي ڏينهن کان پوءِ عرفان بہ اچي مغلڀين ۾ مون سان گڏ پھرين ڪلاس ۾داخل ورتي. ٻين ڪلاس کان وٺي پنجين ڪلاس تائين سائين عمر ميمڻ وٺ پڙھيا سين ، ھي منھنجي زندگي جا اھڙا ڏينهن ھئا جيڪي مان لفظن ۾ ٻيان نٿو ڪري سگھان تمام بهترين دوستن مليا جنھن ۾ ظفر ، جھانزيب خاص دوست ھئا ، مغلڀين جي مٽيءَ مان جيئن ئي ٻاهر نڪتس، منهنجي هٿن ۾ هڪ نئون ايڊميشن فارم هو—مريم ماڊل (پرائيويٽ)اسڪول جو. بابا سائينءَ کي PFF NGO ۾ نوڪري ملي هئي، ته ڪجهه معاشي حالتون سڌري چڪيون هيون، ۽ مون کي وري هڪ نئين اسڪول جي دروازي تائين وٺي آندائون. مريم ۾ ڇھين ڪلاس بس پاس ڪيم ۽ سرٽيفڪيٽ وٺي اسان جي شھر جي ھاء اسڪول ۾ وڃي داخلا ورتم ڇو ته مريم اسڪول ۾ نه دوست مليا، نه جذبو، نه چاهه. مريم اسڪول جي رنگين عمارت منهنجي لاءِ ڪو قيد خانو بڻجي وئي هئي. مان روز ايندو هئس، ويهندو هئس، پر پيو اجايو لڳندو هئس، ڄڻ ڪتابن جا حرف به منهنجي اکين لاءِ اجنبي ٻولي جا نشان هئا. ٻيو وڏو مسئلو تہ اتي سڀ سبجيڪٽ انگريزي ۾ ھئا جيڪي مان پڙهي نه سگهندو ھيم .
"هڪ سال جي ٿڪل ٿڪائي سان، سرٽيفڪيٽ هٿ ۾ کڻي، مان وري نئين دروازي تي دستڪ ڏني – هاءِ اسڪول جي در تي، جتي مونکي اميدون نه، پر پراڻا چهرا، ساڳيا احساس مليا."
، ساڳيا دوست، ساڳيون شرارتون، ايئن اٺين ڪلاس جي آخر ۾ مسز مسٽر ڪرونا اچي وئي، اٺين ايئن پاس ٿي وئي، بغير امتحان جي..نائين ڪلاس ۾، اچڻ وڃڻ جو ڪو سلسلو نه رهيو.ڪڏهن مهيني ۾ هڪ هفتو اسڪول ويندا هئاسين، ته ڪڏهن ٻه هفتا غائب.ڪلاس جا استاد، بغير جوائن جي، اڪيلا ويهندا هئا ۽ اسان، موبائيلن، رستن، ۽ وقت جي ضايع ۾ مشغول رهندا هئاسين.ان وقت نه تعليم جو جذبو هو، نه مستقبل جي فڪر. بس، زندگي ڪنهن بند گهٽي ۾ ڦاٿل لڳي ٿئي، جتي اڳيان نه رستو، نه پٺيان واپسي، ھي سلسلو ميٽرڪ تائين ھليو سوچيم ته ھاڻي بس گھڻو ٿي ويو اڳتي ناھي پڙھڻو ڇو ته اسان جي شھر ۾ يارھين ۽ ٻارھين جا ڪلاس ڪونه ھلندا ھئا صرف امتحان ڏبا ھئا ٻئي شھر انھن جي ڪري وڃڻ جو شوق ڪونه ھيو ته ڇو ته مون کي نه فزڪس، نه بائيو، ۽ مئٿس ته اڳ ئي منهنجي ياداشت جي ڳاڙهي لسٽ تي لکيل نالو هئي ۽ نه ئي سمجھ ۾ ايندي ھئي . ھاڻي سوچيم جيستائين انٽر ايئن امتحان ڏئي پاس ڪيان تيستائين رڳو شرارتون ڪبيون انھن وچ ۾ ٿورو ع** جي چڪر ۾ اچي ويس ، بابا کي خبر پئجي وئي ، انھن ڪري بابا سائين ھڪ مائيٽ سان صلاح ڪري مون کي مڪليءَ ٺٽو ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ڊي آء ٽي ۾ داخلا وٺي ڏني اتي پهچڻ سان، منهنجا پراڻا ساٿي نور محمد، شڪيل، جيڪي جاتي ۾ ڪلاس ميٽ هئا، اڳ ئي مڪلي ۾ رهيا پيا ھئا .تنهن ڪري نئون شهر، نئون ماحول به ڄاڻايل لڳڻ لڳو.هڪ هفتي کانپوءِ، ڳوٺ موٽيس ته زبير کي وٺي آيس.اسين ٻيهر گڏ ٿي وياسين.پوءِ جيئن ته جهانزيب به اچي ويو، سو ڄڻ ساڳيا سنگتي، پر نئون سفر.هاڻ شرارتن بدران ڪتابن جي گڏجاڻيون، يارن جي چوڪن بدران ڪاليج جي ڪئنٽين، ۽ اڌ راتين جون بحثون، خوابن، مستقبل، ۽ ڪيريئر تي .ڊي آءِ ٽي (DIT) ۾ داخل ٿيس ته دل ۾ خيال آيو ته "ته هتي ڪو نئون ڪيريئر ٺاهجي.جيڪڏهن پڙهڻو ئي آهي ته هاڻ ڪجهه نئون، ڪجهه اڳتي وڌڻ جهڙو پڙهجي. ھاڻي مون ڪيريئر IT ۾ ٺاھڻ جو سوچي رھي ھيس"، ڪلاسس، ليب، ڪمپيوٽر سان چاهه ٿئي ويو ھيو ، جيئن ئي ٻيو سيميسٽر شروع ٿيو، ته ڪوڊنگ جا حيرتناڪ مسئلا، رياضيءَ جو زور، وري منهنجي صبر جو امتحان وٺڻ لڳو.دل اندر، خاموشيءَ سان چيو ته: "بابا پڙهڻ لاءِ موڪليو، پر هي رياضي وري منهنجي سامهون ڀت وانگر اچي بيٺي آهي!" پر پوءِ هڪ نئين تبديلي منهنجي ڪاليج جي زندگيءَ کي رنگ ڏنا – سائين مهتاب، جيڪو استاد ته هو، پر ساڳئي عمارت ۾ ويجهو ئي رهندو هو.هو رڳو استاد نه، منهنجو حوصلا ڏيندڙ، منهنجو رهنما بڻجي ويو. ساڻس گڏ، سائين نياز ڀٽي سان به دوستي ٿي.هو اسان جو روم مالڪ هو، پر گڏ ئي رهي، گڏ ئي کلندو، ۽ گڏ ئي سکيائين.هو ٺٽي جي مشهور نيويگيٽر اسڪول ۾ انگريزي جو ليڪچرار هو، مونکي پڙهائيءَ جي دنيا سان ٻيهر پيار سيکاريائين. اِهو ئي مڪلي هو – جتي مان نه صرف ڊپلوما حاصل ڪيم، پر خود اعتمادي، زندگيءَ جو نئون رخ، ۽ مستقبل جو رستو به. دوستي جي حوالي سان نور سان اھڙي دوست ٿي وئي جو جيڪڏهن موڪلن ۾ ڳوٺ به ويندا ھئاسين تہ شام جو شھر ۾ ڇا به ٿي پئي ڪلاڪ ٻه ضرور ملندا ھئاسين ھي سلسلو اڃان بہ جاري آھي۽ جيئن ئي ڊي آءِ ٽي ختم ٿي ، ان ئي دوران يارهن جا امتحان به ڏئي ڇڏيم.پر هاڻ اندر ۾ هڪ نئون خيال، نئون شوق جنم وٺي چڪو هو – نرسنگ. مان، جيڪو تعليم کان ڀڄندو هيس، هاڻ نئين نئين داخلا ڳولهي رهيو هيو.جتي ڪا به نرسنگ جي جا داخلا کلي، اتي مان حاضري ڀريندو هئس، پر بدقسمتيءَ سان ٽيسٽن ۾ فيل ٿي ويندو هئس.سو نرسنگ جو به ڀوت لهي ويو. ڪڏهن ڪڏهن زندگي اسان کي اُنهن واٽن ڏانهن وٺي وڃي ٿي، جتي وڃڻ جو تصور به نه ڪيو هوندو آهي.اِهو سفر، انتظار، ۽ آخري لمحن تي ڪيل فيصلي جو نتيجو هجي ٿو.
انٽر ڪليئر ٿيڻ کان پوءِ، دل ۾ بس هڪڙو ئي خواب هيو سنڌ يونيورسٽي، ۽ ان ۾ سنڌي شعبي ۾ داخلا
(ادب سان خانداني تعلقات ھئا بابا سائين جون مختلف رسالن ۾ 150 کان وڌيڪ ڪھاڻيون ڇپيل آهن ۽ منھنجي ذاتي طور به شوق ھيو ) . جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي۾ داخلائون اوپن ٿيو . مون زبير سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي داخلا ٽيسٽ ڏني. پاس ته ٿي ويس، پر جڏهن ميرٽ لسٽ سامهون آئي ته اميدن جي جاءِ تي "سوشل ورڪ" لکيل ڏٺو.دل چيو ته، "شوشل ورڪر ته اڳ ۾ ئي آھيان، هاڻ ته سنڌي ادب پڙهڻو آھي!"مان واعدو ڪيو ته داخلا وٺندس ته رڳو سنڌي ادب ۾. انھن دوران فيس بڪ تي هڪ پوسٽ نظر آئي – "فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادب ۾ بي ايس پروگرام جي داخلا اوپن ميرٽ تي جاري آهي." منهنجي لاءِ ايئن ھيو ڄڻ ريگستان ۾ درياءَ جو وجود اچي وڄڻ ھيو، زبير سان رابطو ڪيم. چيومانس: "اڄ نه ته سڀاڻي ڪراچي هلڻو آهي." ۽ پوءِ... اسان روانا ٿي وياسين. ڪراچي – اُهو شهر، جتي هر لهجو، هر زبان، هر خواب ڪنهن نئين ڪھاڻي جو عنوان هوندو آهي. اسان اردو يونيورسٽي پهتاسين. ڏسڻ ۾ عام يونيورسٽي، سنڌي شعبي ۾ داخل ٿيس، اڄ، مان فيڊرل اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي لائبريريءَ ۾ ويٺو آهيان، جتي منهنجي آڱرين هيٺان ليپ ٽاپ جي ڪيبورڊ جا ڪلڪ، ۽ ٻاهران هلڪي هلڪي هير، مونکي ياد ڏياري رهي آهي ته مان ڪيترو سفر ڪري هتي پهتو آهيان. هي فقط داخلا نه هئي.هي هڪ وعدو هيو،پنهنجي ذات سان، بابا سان، انهن ڏينهن سان، جيڪي مڪلي، جاتيءَ، ۽ ڳوٺ جي ڀٽن تي لکيا هئا. هاڻ هڪڙو ئي خواب آهي ، بي ايس مڪمل ڪري، ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، سنڌي جو ليڪچرار بڻجڻ. نه رڳو پڙهائڻ لاءِ، پر انهن ٻارن لاءِ اُميد بڻجڻ لاءِ،
جيڪي ڪڏهن "بس ھڻ پڙھ ڇوڻيم" چون ٿا،
 
پيارا امن،
توھان جي آتم ڪٿا پڙهي، ڄڻ لفظن جو ڪو قافلو دل جي ڌڙڪن سان هم قدم ٿيو. هي هڪ اهڙي ڪهاڻي، جتي غربت به تعليم جي خوابن کي لٽائي نه سگهيا.

"بس ھڻ، پڙھ ڇوڻيم" جي بغاوت مان "سنڌي جو ليڪچرار بڻجڻ" جي آرزو تائين، هر موڙ، هر پيچ، هر پنڌ پويان هڪ دنيا لڪل آهي، جتي بابا جي ٿڦڙ فقط سزا نه، پر قسمت جي سجاڳي بڻجي بيٺي.

توهان جي بيان ۾ مڪليءَ جي ڪنڌن کان وٺي، جاتيءَ جي پڪين رستن تائين، نه فقط سفر آهي پر هڪ روح جو سُڏڪو، جيڪو هر پڙهندڙ جي دل ۾ گونجي ٿو..

سائين مهتاب، نياز ڀٽي، نور، ۽ زبير جهڙا ڪردار ڪنهن ناول جا پنهل نه، پر زندگيءَ جا اُهي سنگتي آهن، جيڪي سچ جي ڪنارن تي ساٿ ڏين ٿا، جڏهن تقدير پنهنجا در بند ڪري ڇڏيندي آهي.

اڄ توھان فيڊرل اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ نه رڳو تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو، پر هزارين اميدن کي لفظن جي صورت ڏئي رهيا آهيو. اوهان جو قلم، رڳو لکڻ جو اوزار نه پر ان نسل لاءِ آواز آهي، جيڪا اڃا به ڀٽن، رستن، ۽ موڪليل فيسن جي وچ ۾ لٽجي ٿي.

اميد ته اوهان جي هيءَ راهه نه فقط اوهان کي ڪاميابيءَ جي چوٽ تي وٺي ويندي، پر اوهان انهن ٻارن لاءِ به روشني بڻجندو، جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن ٿڦڙ کان پوءِ جاڳندا آهن.

اوهان جي هيءَ ڪٿا، ڪنهن ادبي ناول جي ابتدائي باب وانگر لڳي ٿي، جنهن جا باقي صفحا سنڌ جي ايندڙ نسل لکندو.

سنڌ سلامت تي ڀليڪار.. اميد ته پنهنجيون لکڻيون جاري رکندا.. 🤝
 
پيارا امن،
توھان جي آتم ڪٿا پڙهي، ڄڻ لفظن جو ڪو قافلو دل جي ڌڙڪن سان هم قدم ٿيو. هي هڪ اهڙي ڪهاڻي، جتي غربت به تعليم جي خوابن کي لٽائي نه سگهيا.

"بس ھڻ، پڙھ ڇوڻيم" جي بغاوت مان "سنڌي جو ليڪچرار بڻجڻ" جي آرزو تائين، هر موڙ، هر پيچ، هر پنڌ پويان هڪ دنيا لڪل آهي، جتي بابا جي ٿڦڙ فقط سزا نه، پر قسمت جي سجاڳي بڻجي بيٺي.

توهان جي بيان ۾ مڪليءَ جي ڪنڌن کان وٺي، جاتيءَ جي پڪين رستن تائين، نه فقط سفر آهي پر هڪ روح جو سُڏڪو، جيڪو هر پڙهندڙ جي دل ۾ گونجي ٿو..

سائين مهتاب، نياز ڀٽي، نور، ۽ زبير جهڙا ڪردار ڪنهن ناول جا پنهل نه، پر زندگيءَ جا اُهي سنگتي آهن، جيڪي سچ جي ڪنارن تي ساٿ ڏين ٿا، جڏهن تقدير پنهنجا در بند ڪري ڇڏيندي آهي.

اڄ توھان فيڊرل اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ نه رڳو تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو، پر هزارين اميدن کي لفظن جي صورت ڏئي رهيا آهيو. اوهان جو قلم، رڳو لکڻ جو اوزار نه پر ان نسل لاءِ آواز آهي، جيڪا اڃا به ڀٽن، رستن، ۽ موڪليل فيسن جي وچ ۾ لٽجي ٿي.

اميد ته اوهان جي هيءَ راهه نه فقط اوهان کي ڪاميابيءَ جي چوٽ تي وٺي ويندي، پر اوهان انهن ٻارن لاءِ به روشني بڻجندو، جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن ٿڦڙ کان پوءِ جاڳندا آهن.

اوهان جي هيءَ ڪٿا، ڪنهن ادبي ناول جي ابتدائي باب وانگر لڳي ٿي، جنهن جا باقي صفحا سنڌ جي ايندڙ نسل لکندو.

سنڌ سلامت تي ڀليڪار.. اميد ته پنهنجيون لکڻيون جاري رکندا.. 🤝
مھربانيون 🙏
 
Back
Top