• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسرائلي جاسوس جي زندگي تي ٻڌل فلم The Spy

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
The Spy

IMG-20250525-WA0003.jpg

هي ڪهاڻي آهي هڪ اسرائيلي جاسوس ايلي ڪوهن جي جاسوسي زندگيءَ تي ٻڌل فلم جي، جنهن ۾ بنيادي ڪردار سچا بورن ڪوهن ادا ڪيو آهي، جيڪو ان کان اڳ فلم The Dictator ۾ به نظر آيو هو.

هي فلم ايلي ڪوهن جي 1961 کان 1965 تائين جي چار سالن جي عرصي کي ڏيکاري ٿي.
ان ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن ايلي وڏي مهارت ۽ تيزي سان شام جي حڪومت سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪري ٿو.
هو سفير کان شروعات ڪري شام جي سڄي حڪومت جي ڍانچي کي ختم ڪري، نئين حڪومت قائم ڪرڻ ۾ شامي سفير امين الحافظ جي مدد ڪري ٿو.

ايلي، انهن ئي چار سالن ۾، شام جي دفاعي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تائين پهچي وڃي ٿو.
پوءِ 1965 ۾، روسي ريڊيو سگنلن ۾ ڪجهه خرابي پيدا ٿئي ٿي، ۽ اها ڄاڻ شامي حڪومت تائين پهچائي وڃي ٿي ته توهان جي علائقي مان مخصوص وقت تي سگنل نشر ٿين ٿا.

جڏهن ان جي جانچ ڪئي وڃي ٿي ته شامي سيڪيورٽي فورسز ايلي ڪوهن جي گهر تائين پهچي وڃي ٿي، ۽ جڏهن هو سگنلز ٽرانسميٽ ڪري رهيو هوندو آهي، تڏهن کيس گرفتار ڪيو وڃي ٿو.

شامي صدر کيس موت جي سزا ڏئي ٿو، ۽ دمشق ۾ 18 مئي 1965 تي کيس سرعام ڦاسي ڏني وڃي ٿي.

اسين اڪثر James Bond سيريز ۾ ڏسون ٿا ته ايجنٽ سهڻو سوٽ پائي، ايڪشن ڪري، بي حساب پئسو خرچ ڪري، ۽ ضرورت پوڻ تي جسماني تعلق به رکي ٿو.
پر هن ظاهري چمڪ دمڪ جي پويان، هڪ جاسوس کي اهڙا ڏکيا حالتون ڀوڳڻا پون ٿا، جيڪي هڪ عام ماڻهو جي سمجهه کان ٻاهر آهن.

رڳو هو نه، پر سندس گهر وارا زال، ٻار، ماءُ پيءُ به ساڳئي اذيت مان گذرن ٿا.
جاسوس کي پنهنجي ذات، ذاتي زندگي، گهر وارن، بلڪه مذهبي سڃاڻپ ۽ ملڪ کي به ترڪ ڪري، هڪ نئين فرضي سڃاڻپ ۾ پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوي ٿو.

دشمن ملڪ ۾ رهندي، هر پل اهو خطرو هوندو آهي ته ڪا معمولي غلطي به کيس دشمن جي اذيتناڪ ٽارچر سيلن تائين وٺي وڃي ٿي.

هن مختصر سيريز ۾، مون لاءِ سڀ کان وڌيڪ دل ڏکائيندڙ ڪردار ايلي جي زال ناديا ڪوهن جو هو.
هڪ 8 کان 5 واري نوڪري ڪندڙ مڙس اوچتو اسرائيلي موساد جو ايجنٽ بڻجي، بغير اطلاع جي هليو وڃي ٿو، ۽ کيس اهو به نٿو ٻڌائي ته ڪڏهن واپس ايندو.

ڪجھ ڏينهن پوءِ ناديا محسوس ڪري ٿي ته هوءَ حامله آهي، ۽ کيس ايلي جي ياد ستائڻ لڳي ٿي. اتان ايلي به ناديا کي ياد ڪندي خط لکي پاڻ وٽ رکندو وڃي ٿو، جنهن تي سندس سينيئر کيس دڙڪا ڏين ٿا ته هي حرڪت تنهنجي زندگي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته تو جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيو آهين ان حرڪت سان موت کي دعوت ڏئي رهيو آهين.

ٻئي پاسي ناديا، حامله هجڻ دوران اداسي ۽ پريشانيءَ ۾ رهي ٿي، ته ڪٿي آهي ايلي، ڇا ڪري رهيو آهي، ۽ هو ڇو مهينن تائين گهر نه ٿو موٽي.

هڪ جاسوس جي زندگي راز ڀري هوندي آهي، ۽ جيڪڏهن بدقسمتي سان پڪڙجي وڃي، ته اها ئي زندگي موت کان به بدتر بڻجي سگهي ٿي.

انهيءَ کي زميني ٽارچر سيلن ۾ نفسياتي ۽ جسماني اذيتن مان گذاريو وڃي ٿو:

سمهڻ نه ٿو ڏنو وڃي
گندي ۽ اڪيلائي واري جاءِ تي رکيو وڃي
عزيزن کي مارڻ يا تذليل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون
مذهبي جذبات کي مجروح ڪيو وڃي ٿو
جسماني اذيت، نرم عضون تي مار
اجتماعي جنسي زيادتي
ڪرنٽ ڏيڻ
نَخَنَ ۽ ڏَند ڪڍڻ
جسم تي جهير لڳائي ساڙيندڙ ڪيميڪل وجهڻ

يعني، جيڪڏهن ڪو ماڻهو زنده بچي به وڃي، ته به لاش وانگر لڳندو.

هي مووي نهايت شاندار آهي، ضرور ڏسڻ گهرجي.
سپاهي، ڀلي ڪنهن به ملڪ جو هجي، سپاهي ئي هوندو آهي ان جي به هڪ فيملي هوندي آهي، جيڪا سندس واپسيءَ جو انتظار ڪندي آهي.
 
آخري ترميم:
Back
Top