• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثري نظم. لاوارث؟

امن ابن سنڌ

فعال رڪن
نثري نظم "لاوارث؟"
امن لغاري

اڄ…
پوليس هڪ لاش دفن ڪيو
ماڙي ٻگھيو جي خاموش مٽيءَ هيٺ،
چئي ڇڏيو
"هي لاوارث آهي."

پر مٽي ڄاڻي ٿي
هي عرفان آهي،
جنهن جي رت ۾ وطن وسندو هو،
جنهن جي خوابن ۾ آزادي ڳالهائيندي هئي.

سندس جسم کي مٽيءَ ۾ ملائي ويا ،
پر قرباني کي نه.

هو دفن ٿيو،
پر وسرندو نه ،
ڇاڪاڻ⁠ ته
*شهيد ڪڏهن لاوارث ناهن ٿيندا*
 
Back
Top