• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

__اچو ته حقيقت پسند ٿي سنڌ جو جائزو وٺون!

ڪنفيوزڊ قوم -ڪنفيوزڊ قيادت-ڪنفيوزڊ پارٽيون

اچو ته ايمانداريءَ سان حقيقت پسند ٿي سوچيون:
ان ۾ ڪا دو راء ناهي ته رياست تشدد بند نه ڪندي؛ ڇو ته رياست اگر ايئن ڪندي ته ختم ٿي ويندي ۽ مظلوم قومن جو استحصال جاري نه رکي سگهندي. ۽ اسانجي وسيلن جي ڦرلٽ جاري نه رکي سگهندي.

هاڻ اچون ٿا اصل پهلوءَ تي ته جڏھن هٿيار بند ڌر جيڪا هڪ ئي واحد ڌر هئي سا پڻ لاش به نه ڇڏائي سگهي ۽ نه ئي وري ٻن شهيدن ۽ اڌ درجن زخمين جي پلاند ۾ ڪو هڪ به دشمن ماري سگهي!

مطلب ته جنهن ڌر 24 سالن کان هٿيار بند ويڙھ جون دعوائون ڪيون ان 24 سالن ۾ دشمن جا 24 ڪبوتر به ماري نه سگهيا آهن.

۽ نيٺ هن ڀيري ته لاش جي وارثي نه ڪري سگهڻ واري واضح ناڪام صورتحال کان پوء ڄڻ ته اڻ اعلانيل هٿيار بند ويڙھ تان دستبردار ٿي چڪي آهي.
(اهو ڪيڏو نه تاريخ جو الميو آهي جو 7 ڪروڙ قوم هڪ شهيد جو لاش نه ڇڏائي سگهي! الٽو شهيد جي ڀاءُ سميت سڄو ڳوٺ گرفتار ڪري گم ڪيو ويو)

باقي ته ڪا به ڌر هٿيار بند ويڙھ جو تصور به گناھ-ڪبيرا ٿي سمجهي ۽ ان تبصري تي ئي ڪانچون آليون آهن سڄي سنگت جون.

ان حالت ۾ پاڇي زيرو آهي. اچو ته ان حقيقت کي تسليم ڪري پنهنجي قومي تاريخي المئي تي ماتم ڪريون .

جتي اديب دانشور صحافي يا مڊل ڪلاس جو هر اول دستو پڻ پنهنجن پيٽي مفادن ۾ غرق قومي تحريڪ کان مڪمل طور تي ويڳاڻو لڳو ويٺو آهي.

قومي سرمائيدار جو ڪو اتو پتو ناهي.

جاگيردار ۽ بيوروڪريٽ سڌيءَ ريت دشمن جو کليو دلال آهي.

ڪوبه ادارو اسانجو ڪونهي.
ڪابه پارٽي اسانجي ڪونهي.
ڪوبه ليڊر اسانجو ڪونهي
ڪابه مذهبي ڌر اسانجي ڪونهي.
ڪابه سول سوسائٽي اسانجي ڪونهي.
ڪو به اديب دانشور اسانجو ڪونهي. بلڪ هن حالت ۾ به اهي رياست ۽ حڪومت کان ايوارڊ وٺڻ ۾ پورا آهن.

سو مهرباني ڪري مونکي گائيڊ ڪيو ته اهڙي صورتحال ۾ زيرو پاڇيءَ واري حالت ۾ اسانجي قومي پوزيشن آهي ته آخر ڪهڙي آهي؟

نه پيٽيءَ ۾ پئسا
نه ڇٻيءَ ۾ داڻا…

نتيجو= ورهاڱي کان هن مهل تائين اسان بحيثيت هڪ غلام قوم جي هن خطي ۾ هڪ وائڙي ويڳاڻي ۽ بزدل قوم ثابت ٿيا آهيون. اسانجي بنسبت بنگالي به بهادر ۽ سچا ثابت ٿيا.

بلوچ ۽ پشتون ته تاريخي جاگرافيائي ۽ ثقافتي طور هٿيار بند هئڻ ڪري هونئن ئي اسان کان اڳتي آهن. ٻيو ته بلوچن ۽ پشتونن وٽ اسانجي دلال مڊل ڪلاس جهڙو الميو ناهي!

اسان وٽ گذريل اڌ صديءَ جي سياسي تاريخ ۾ جيڪي به تحريڪون هليون آهن انهن ڪي خاطر خواھ نتيجا ناهن ڏنا جيڪي قومي مفادن ۾ هجن. سواء ڪنهن هڪ اڌ تحريڪ جي!

جڏھن به ڪا قومي عوامي تحريڪ هلي آهي انکي خود اسانجي مڊل ڪلاس قيادت هاء جيڪ ڪيو آهي. اها پارلياماني سياسي قيادت هجي قومپرست آزادي پسند سياسي قيادت هجي علمي ادبي قيادت هجي يا وڪيل قيادت هجي.

دراصل اسان هٿيارن ۽ ويڙھ کان پري رهڻ ۽ گهڻو تڻو صوفي فڪر جي عدم تشدد واري گاري ۾ گچي هاڻ صفا بزدل ٿي چڪا آهيون. انڪري اسان وٽ بهادر سچي ۽ ويڙهاڪ قيادت ئي پيدا نٿي ٿئي. 99 سيڪڙو عوام پڻ سهل پسند موقعي پرست غلام ذهنيت وارو بزدل ۽ لالچي بڻجي چڪو آهي.

رڳو ڪو جاگيردار طبقو-بيوروڪريٽ ئي نه بلڪ اڳواڻ-وڪيل-اديب دانشور-صحافي-پروفيسر-استاد- ڊاڪٽر- انجينئر-ڪلارڪ -ٺيڪيدار-دڪاندار-واپاري سڀ جو سڀ ان دائري جي اندر آهن. ڪنهن وٽ به غلاميءَ کان حقيقي نفرت ۽ آزاديءَ جو حقيقي ادراڪ ۽ ول ئي ڪونهي.

ٻين لفظن ۾ اسان هڪ ڪنفيوزڊ قوم آهيون جنهن وٽ ڪوبه واضح قومي تصور ڪونهي-اسان جي قيادت ڪنفيوزڊ آهي جنهن وٽ ڪوبه واضح روڊ-ميپ ئي ڪونهي ته منزل ڪهڙي آهي ۽ انجو رستو ڪهڙو آهي؟
اسانجون پارٽيون ڪنفيوزڊ آهن ته آيا هنن جو حل عدم تشدد ۾ آهي يا مزاحمت ۾؟

اسان جو اديب دانشور ڪنفيوزڊ آهي ته آخر هنجي قوم ڪهڙي آهي؟ سنڌي يا پاڪستاني؟؟؟

اسانجو عوام ڪنفيوزڊ آهي ته آيا هن لاء قوم اهم آهي يا مذهب يا مورڳو ذات پات؟؟؟؟

سو ڪنفيزڊ قومون آزاديءَ جي جنگ نه وڙهي سگهنديون آهن. اهي سطحي ۽ ثقافتي انداز ۾ رڳو ثوپيون اجرڪ پائي جهمريون ڪري سگهنديون آهن.
جنهن کي پاڻ آسان ۽ نقلي قومپرستي سمجهون ٿا ڇو ته اصلي يا حقيقي قومپرستي وسيلن سميت پوري وطن جي آزادي جي ويڙھ ۽ مالڪيءَ جو نالو آهي جيڪا هن وقت بلوچن وٽ آهي ۽ ڪالھ بنگالين وٽ هئي!

اسان ڪالھ به وائڙا هيا سين اڄ به وائڙا آهيون.
اهوئي سبب آهي جو عالمي قوتون اسان کي کنگهن ئي ڪانه ٿيون- جڏھن ته وچ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تاريخي تهذيبي توڙي جاگرافيائي اهميت ۽ حيثيت اسانجي ئي آهي. پر پنهنجي قومي تاريخي المئي کي ڪاڏي ڪيون؟

قومي آزاديءَ لاء جن شين جي ضرورت آهي
ان مان ڪا هڪ به اسان وٽ يا اسان سان ناهي:
جهڙوڪ:

1 قومي سرمائيدار
2 عالمي قوتن جي سپورٽ
3 پاڙيسري قومن يا ملڪن جي سياسي ۽ سفارتي همدردي
4 آزادي پسند تنظيمن جو اتحاد
5 اردو آباديءَ ۽ آغاخانين جي حمايت
6 ديوان برادريءَ جي اخلاقي ۽ مالي سپورٽ
7 پنهنجي علمي ادبي انٽيليجنشيا جو ساٿ

بهرطور وائڙيون ويڳاڻيون ۽ پر امن يا عدم تشدد واريون صوفي مزاج امن پسند سُست ۽ بزدل قومون بقول سائين دلشاد سينئر جي پرامن طريقي سان ئي صفحه هستيءَ تان ميسارجي وينديون آهن.

دنيا مان ڪيتريون ئي قومون ۽ ڪيترائي حياتياتي نسلَ هميشه لئه ختم ٿي ويا آهن. سنڌي قوم فطرت ۽ تاريخ جي قانونن کان ماورا ته ناهي. سنڌ جيڪا سنڏو تهذيب جي اوسر واري زماني ۾ 10 لک اسڪوائر ڪلوميٽرس تي مشتمل هئي سا هاڻي وڃي ڪل 140915 اسڪوائر ڪلوميٽر بچي آهي.

دراصل هي ڪائنات هي فطرت هي دنيا
SURVIVAL OF THE FITTEST
جي ازلي ابدلي قانون تي دارومدار رکي ٿي؛

جيئن لطيف سائينءَ فرمايو:

جان وَڍين تان وَيھُ نه ته وٺيو واٽَ ونئون تون…
هي تنين جو ڏَيھُ ؛ ڪات جنين جي هٿ ۾…شاھ
 
Back
Top