• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيپلز پارٽي جو سچو ورڪر پير خادم حسين شاه آف درگاھ ٻائل شريف (ٽنڊوالهيار)

عبد الله جروار

جونيئر رڪن
(وري يادگيرين ورايو اسان کي )
پير خادم حسين شاه آف درگاھ ٻائل شريف (ٽنڊوالهيار)
تحرير : عبدالله جروار

نیرنگیِ سیاست دوراں تو دیکھیے
منزل انہیں ملی جو شریک سفر نہ تھے.!

ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ پيپلز پارٽي ۾ جيتوڻيڪ وڏيرن جي اڪثريت هئي. هڪ ڳالھ عام هئي جو عام ورڪر کي به رڳو ٻڌو ويندو هو. پر سندن مسئلا ٻڌي حل ڪرڻ لاء ڪوششون به ورتيون وينديون. خاص طور ان زماني کليل ڪچهرين جو گهڻو رواج هوندو هو کليل ڪچهري ۾ جن مسئلن جي حل ٿيڻ لاء آواز اٿاريو ويندو هو. اهي مسئلا فوري حل ٿيندا به هئا. ان دور جي بي اهم ڳالھ ڀٽي صاحب طرفان گهرايل پارٽي ڪنوينشن هوندا هئا. جن ۾ ڀٽو صاحب پاڻ پنهنجن وزيرن سميت شريڪ ٿيندا هئا. ڪارڪنن جي شڪايتن جو موقعي تي ازالو ڪيو ويندو هو. ان زماني ۾ پيپلز پارٽي ۾ ڪارڪن ڪيڊر جي وڏي اهميت هئي. ان جو سبب ان زماني جا ذاتي مفادن بجاء اجتمائي مفادن کي اهميت ڏيندا هئا. ڪارڪنن جي ان ڪيڊر ۾ اسان جي علائقي جا ڪيترائي ورڪر شامل هئا. جن م مجيري حاجي پريل جروار ، چاچا محمد صالح ڪاتيار، محمد سليمان ڪاتيار، ياسين خان جروار، محمود خان جروار، سائين پير خادم حسين شاه صاحب، حاڪم خان جروار جن سميت ڪافي نالا شامل هئا. اڄ اسان جنهن شخصيت جي پيپلز پارٿي لاء ڏنل قربانين ۽ جمهوريت جي بحالي لاء جاکوڙ ڪندڙ شخصيت سائين پير خادم حسين شاه صاحب جن جو ذڪر ڪنداسين.
سائين پير خادم حسين شاه صاحب جو جنم ڳوٺ پير علي بخش شاه درگاھ ٻائل شريف تعلقي چمبڙ ضلع ٽنڊي الهيار ۾ سال 1936 ع سندن والد صاحب جو نالو پير علي بخش شاه صاحب هو. سائين جي پرائمري ۽ انگريزي تعليم بابت گهڻي معلومات نه ملي سگهي آهي پر سائين جن توڙي هن علائقي ۾ کوکر ڳوٺ ۾ اسڪول هو. ان ڪري خيال ڪيو وڃي ٿو سائين جن کوکر ڳوٺ م پڙهيا. سائين جن جو تعلق وچولي طبقي سان هو. پيپلز پارتي جي قائم ٿيڻ واري زماني کان ئي پيپلز پارٽي م شامل ٿيا. جون اڻ زماني هن علائقي جون وڏيون ناليواريون شخصيتون جن رئيس دوست علي خان کوکر ، رئيس نصير خان مندواڻي صاحب جن پنهنجي دوستن سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا هئا. 1970ع جي اليڪشن م پيپلز پارٽي جي حمايت ڪيائون پر بعد م ڇڏي به ويا. پر سائين خادم حسين شاه، مجيري حاجي پريل جروار، چاچو هاشم جروار، وڏيرو خالق ڏنو ڪاتيار جن پيپلزپارٽي ۾ شموليت بعد پوئتي نه ڏٺو. پارٽي سان هر طرح جو ساٿ نباهيائون. ويتر 1977 ع ڀٽي صاحب خلاف هلايل تحريڪ جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ٿي وئي. ملڪ تي مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. فوجي عدالتون قائم ٿيون جمهوريت ختم ڪئي وئي. اهڙي ئي ڏکئي ماحول ۾ اڪثر وڏيرا لڪڻ پورا هئا. ان وقت سائين پير خادم حسين شاه صاحب، مجيري حاجي پريل جر، عبداللطيف مڱريو، چاچا صالح ڪاتيار جهڙا ڪارڪن مارشل لا حڪومت اڳيان جمهوريت جي بحالي لاء سينا سپر ٿي بيٺا آهن. پيپلز پارتي جي اڳواڻ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي قيد ڪري ڪوڙا ڪيس هلائڻ سميت هزارين ڪارڪنن کي جيل م بند ڪيو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پهرائين بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ بعد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه سنڀالي. هنن جانثار ڪارڪنن مٿان ملندڙ هر حڪم تي عمل ڪيو. سائين خادم حسين شاه هر ڳوٺ واهن وستي ۾ ڀٽي صاحب جو پيغام پهچائي سرخرو رهيو.
پير خادم حسين شاه صاحب پيپلز پارٽي جي بنيادي ميمبرن مان جڏهن ميمبر شپ في چار آنا هئي. ايوب خان جي ئي دور م پيپلز پارٽي جي قائم ٿيڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي جو هڪ شاندار جلسو پنهنجي ڳوٺ پير علي بخش شاه رکايو هئاسين. جنهن ۾ ان وقت جو پيپلز پارٽي جو صدر مير رسول بخش خان ٽالپر ۽ مولوي عبدالحق رباني شريڪ ٿيا هئا. انهن ڏينهن هن علائقي مان اهو پهريون سياسي جلسو هو. جنهن وڏيرا شاهي ۽ سرمائيڪاري نظام کي للڪاريو ويو هو. ساڻن ٻانهن اس پاس جو برادريون پڻ هيون.
سائين خادم حسين شاه صاحب هميشه حق ئ سچ جي ڳالھ ڪندا هئا کين ڪوڙ ۽ ظلم زيادتي کان نفرت هوندي هئي. ان ڪري سياسي جلسن توڙي پروگرامن م سندن راء کي وڏي اهميت هوندي هئي. پاڻ غريب ماڻهن جا وڏا همدرد هئا. خاص طور پوليس جي زيادتين خلاف وڏو آواز بڻجي ويا هئا. ڪيترن ئي بيگناھ ماڻهن کي پوليس کان بنا پئسي آزاد ڪرايائون.
جنرل ضيا جي مارشل لا خلاف آواز اٿارڻ ۽ عملي جدوجهد ۾ شريڪ رهيا. وٽن پراڻي موٽر سائيڪل هوندي هئي ان تي هر هڪ ڳوٺ م پارٽي جو پيغام پهچايائون. جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد م ٻين ڪارڪنن سان جيل ڪاٽيائون.
پير خادم حسين شاھ ايترو گهڻو مالدار نه هو. پر سندن ڳوٺ واري اوطاق هر وقت مهمانن سان پريل هوندي هئي. راڄوڻي فيصلن م هميشه اڳ ڀرا رهيا. هن تر جا ماڻهو اڄ سائين خادم حسين شاھ صاحب جي ڪيل فيصلن کي ياد ڪندا آهن. پيپلز پارتي ٽنڊو الهيار ضلع حيدرآباد توڙي سنڌ ڪميٽي تائين سندن آواز کي ۽ شرڪت کي عزت ملندي هئي. اهو چاهي عبدالوحيد ڪٽپر هجي يا مخدوم خليق الزمان هجي، مير هزار خان بجاراڻي هجي يا حسين شاه بخاري يا عالم شاھ هجن. پيپلز پارتي جي شريڪ چيئرمين بيگم نصرت ڀٽو صاحبه توڙي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پڻ سائين خادم شاھ جي جمهوريت جي بحالي لاء جدوجهد جون معترف هيون. اهڙا سرٽيفيڪيٽ پڻ کين ڏنا ويا. 1988 ع جي اليڪشن م پيپلز پارٽي جي ڪاميابي تي پاڻ بيحد خوش هئا. جنهن جي ٻن سالن بعد 24 آڪٽوبر 1990 ع سندن لاڏاڻو ٿيو. سندن لاڏاڻي پيپلز پارٽي هڪ سچي ورڪر کان محروم ٿي وئي.
پير خادم حسين شاه هڪ سچو ورڪر هو پر سندن اولاد کي ڪا نوڪري وغيره نه ملي سگهي آهي. نه سندن ڪا زمينداري وغيره آهي. سندن اولاد بيروزگار آهي. سائين جو هڪ پٽ فوج مان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوء پينشن تي گذارو ڪري ٿو. باقي پٽ بيروزگار آهن. هن سلسلي م پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ عبدالستار بچاڻي صاحب جن کي ڪوشش وٺي نوڪري وغيره وٺي ڏيڻ گهرجي. سندن والده سائين خادم حسين شاه صاحب جن جي گهر واري پڻ بيمار جن جي علاج جو بندبست ڪيو وڃي.

#abdulsattarbachani
#bachaniHouse
#imdadkhanpitafi
#Pitafihouse
#pppSindh
#pppcentralcommette
Wasim Latif Mangrio Khalique U Zaman Mangrio
 
Back
Top