باغي راشد ڪوٽڙيو
فعال رڪن
کوہ ته انتھائي پراڻي زماني کان کڻڻ جي ايجاد آھي صحرائي ٿرپارڪر ۾ جنھن کي کوہ، کوھر چون يا تڙ چون ڍاٽڪي ۾ تڙھو به چون ڀٽائي وري بير به چيو آھي.
بير کنيائون بر ۾ ،پيارين پهون
سنجن ساٺيڪن تي وڏي وير وهون
پايو جر جنڊن ۾ ڪوڏان ڪن ڪهون
ڏينهون ڏينهن نئون ،مونکي وره ويڙھيچن جو .
سو ڳالھ ڪنداسين کوھن جي جيڪو پراڻي دؤر ۾ ڪيئن ۽ ڪھڙي طريقي کڻندا ھئا کوہ جنھن ھند تي کڻائڻ جو ارادو ڪندا هئا تنھن جاءِ تي ڪنھن نيڪ مرد درويش کي چوندا ھئا ته ٺپو ھڻ پاڻي مان مٺو نڪري.
کوہ کوٽيندڙ جنھن کي ٻاڌارا به چون اُھي ڪاريگر سوٽھڙ ھوندا ھئا مون ساڻ ھڪ جھونڙي بزرگ جنھن جا برف جھڙا سفيد وار ٿي ويا ھئا ٻڌايو ته گذريل ۽ شروعاتي دؤر ۾ کوہ پھرين پاڻي ٿيڻ تائين کڏ کڻندا ھئا ۽ واري ڪچي ريٽ کي روڪڻ لاءِ گانگيٽي يا کپن جا وينٽا ڏيندا ھئا پاڻي تي پھچڻ کان پوءِ ھيٺيان کان يعني تھ کان چونڊائي شروع ڪندا هئا ۽ زمين جا پڪا پٿر ڪنھن ترائي وغيره مان کڻي ڪٽائي ڪري کوہ ٻڌندا ھئا تنھن کان پوءِ چون ٿا ته مولوي عبدالحق راوتسري مٿان کان ھيٺ جنھن کي اونڌو ٻانڌو چون مثال طور پنج فوٽ کڏ کڻي اھا پڪين سرن سان چونڊي وري ھيٺ کڻن وارو طريقو ايجاد ڪيو ۽ پڪيون سرون جو سانچو ئي الڳ نموني جو ھوندو ھو ڳوٺاڻا ڪنھن ڪاريگر کي گھرائي سرون وجھائي بٺو پچائي کوہ کڻائيندا ھئا....
کوهر۔ ٿوهر۔ ٿر۔جت ساٺيڪا ۽ سٽيون۔
چارن ات چاه مان۔ پاسي ڦوڳن ڦر۔
ڪيئن لهندم ڪر۔ جيئن مارو پاڻ اپاريا۔
ٿرپارڪر ۾ زير زمين پاڻيءَ ڪٿي ڪڙو ته ڪٿي مٺو پيئڻ لائق مطلب ته ھرڪو پنھنجي علائقي جي حساب سان پاڻي تي ٺھيل آھي،، وچولو جنھن کي مٺي اسلامڪوٽ ڇاڇرو انھن حصن ۾ کوھ اونھا به آھن ته گَھڻو ڪري پاڻي به ڪڙو نڪري ٿو قسمت سان ڪنھن حصي ۾ مٺو به نڪري پوي ٿو ،، ڪي وري اھڙا به ڳوٺ آھن جتي ويھ فوٽ تائين به پاڻي ملي وڃي ٿو جنھن کي ويري چون گھڻو ڪري پارڪر واري پاسي پاڻي سنڌو نديءَ جي پاڻي جھڙو به نڪريو پوي ٿو ،، مھراڻي واري پاسي پاڻي تمام کارو نڪرندو آھي ،، سنڌو درياءَ جي سراسري پياڪن کي جيڪڏهن ٿر جي پاڻي جو ھڪڙو گلاس پيارجي ته جيسين جيئي تيسين ڪون وساري ،،،
ٿر ۾ پاڻي جر جو ڪٿي سٺ پُرھ مقامي ماڻھو چون ٽي سئو فوٽن کان ته ڪٿي ٽيھ پُرھ يعني ڏيڊ سئو فوٽن تائين ته ڪٿي سئو فوٽ ته ڪٿي چاليھ فوٽ ڪٿي ان کان گھٽ زير زمين پاڻيءَ ملي ٿو، ھيٺ تڙ جي تر ۾ ڪاٺي جا پنج يا ست چرڪ سوٽھڙ ڪاريگري سان گھڙي ھڻدو ھو.
جيئن سي کوھي نار وھن واري گاڏئان
ھينئڙو پريان ڌار نبيريانس نه نبري.
کوہ ۾ ڪاريگر سوٽھڙ نار ڇڏيندو آھي تنھن مان پاڻي ايندو آھي سال ۾ ھڪ دفعو کوھ ڪيڻبا ھئا چاليھ پنجاه يا مٿي ڪيڻون مطلب ته ورت وارڻ وقت جيڪا مٿان واري ويندي ھئي ۽ ڪجھ اندر واري جمع ٿي ويندي ھئي کوھ جو پاڻي گھٽ ٿي ويندو ھو ڪيڻو ڪڍڻ کان پوءِ وري اُٻيڙ ٿي ويندو ھو.
آڌِيءَ اُٿَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَ ۾؛
اسر جو يا آڌي جو اٿي مالوند ماروئڙا وارو ٻڌندا ھئا ۽ تنھن وقت ۾ ورت اٺ جي کل جي يا ڍڳي جي کل جي تمام وڏي محنت سان ھٿن سان ميڙي ايئن ٺاھيندا ھئا جيئن اڄڪلھ مشينون تي رسا وٽيل سٽيل بازران ۾ ملن ٿا ۽ ورت ٺاھن واري ڪاريگر کي ميڙھيو چوندا ھئا جنھن کي سيٽي جي ورت چون تنھن ورت جي ھڪڙي پاسي کي پوڇڙو جنھن ۾ کيلي لڳندي ھئي ۽ ٻئي کي ٻُنڀو جنھن ۾ ڪوس ڏول جيڪو ٻڪري جي کل جو يا ڍڳي جي کل جو رڱيل ڪنھن ڪاريگر مينگهواڙ کان ٺھرائيندا ھئا،، تنھن کان پوءِ وري نائلون جي ورت ۽ گاڏين جي ٽيوپ مان ڪوس ٺاھيڻ جو به دؤر آيو ،،
ڪوس جي مٿان ڪاٺي جي ڪُڙائي لڳائي ست ٻاڙيو ڪوس تنھن ۾ آک ھوندا ھئا ھڪ سنھڙي اڪ جي آنڪاري جي رسي جنھن کي ڪسڻ چون تنھن سان آکي کوہ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ واريندا ھئا کوہ جي مٿان پھرين ڪاٺي جي ڪُھڙ ٻلانگي مقامي ماڻھو ٻيڙانگي چون ٻه ٿوڻين تي بيھاري تنھن جي مٿان مڪڙا ڪاٺي جا ٻہ ٺھرائي ڪاريگر کان ڪُھڙ جي مٿان فٽ ڪري ٻنھي مڪڙن جي وچ تي ڪاٺي جو ٺھيل ڀُوڻ بيھاريو ويندو آھي ۽ ڀُوڻ جي وچ ۾ ڪاٺي جو اوڙاڪ لڳندو ھو جيئن چرخي ڦرندي آھي پھرين ڀُوڻ جي ٻنھي پاسن کان لوہ جو آڻيون تنھن کان پوءِ گاڏين جا بيئرنگ لڳايا ويندا ھئا جيئن ڇڪڻ وارن جانورن کي آسانيءَ ٿئي ڀُوڻ ۾ ٽوٽل چار ٻہ مٿي ٻه ھيٺ ته ڪنھن ۾ ھڪ مٿي ٻه ھيٺ ناہ يعني نشان ٺھيل ھوندا ھئا ڪاريگرن جا ۽ ھيٺ واري ناہ تي ورت وارڻ کي چوندا ھئا اوڙڪائي وارڻ جنھن سان ڀُوڻ وڌيڪ تيزيءَ سان ھلندو ورت اھڙي نه ورندي ھئي،،
ور اھا ئي وير جيئن ڌڻ تسي تڙ آئيو
سنتو سيٽ ورت يعني ورت ڪوس ۾ ٻڌي واري کوہ ۾ ورت وارڻ واري کي ڪوسيو ۽ سارڻ ۾ پاڏن جي جوڙي ھجي يا ڍڳن جي يا اٺ سان يا گڏھن سان تنھن کي کيليو چون،،،
ڍڳن پاڏن ۽ گڏھن کي ڪاٺي جي پانجاري ڪنڌ ۾ ڏيئي تنھن ۾ استعمال ٿيڻ واريون شيون جنھن کي سيرڻ چون سيرڻ سيٽي اٺ يا ڍڳي جي کل جا وٽي ٺاھيل سيرڻ جي ھڪڙي پاسي کان ننڍڙي ڪاٺي جي ٺھيل ڦنڍڪي ته ٻئي پاسي کان به ڦنڍڪي ۽ ان کان سواءِ ڳانٽا ڪاٺي جا ھڻي ۽ پانجاري جي وچ تي آڙنگو ۽ روھڙڻ به سيٽي جا ھڻي ورت جي پوڇڙي کي ڇڪي ڪوسيو کيلئي کي ڏيندو ھو کيليو کيلي ھڻي اوڪا ڪندو ھو اٺ تي ٽنگڙي ٻڌبي ھئي اٺ مھار تاڻي ھلائبو ھو ڍڳا پاڏا گڏھن پويان کيليو لٺ کڻي ھڪليندو ھو جڏھن سارڻ جي ڇيڙي تي پھچندو ھو ته ڪوسيو وڏي آواز سان ھئو پھان او ھئو پھان يا ھئو پڇو ھئو پڇو جنھن کي ھئوڪارو چوندا آھن تڏھن کيليو وھٽن کي چوندو هو وري آءُ وھٽ پاھون اوٿلو ھڻندا ھئا ۽ ڪي ڪي گڏھيون يا ڍڳا يا اڌ سارڻ مان ورڻ جا عادي ھئا ته ڪنھن سارڻ جي ڇيڙي تان پوءِ جيڪڏهن چار ڄڻا تڙ تي موجود ھوندا ھئا ته ٺيڪ نه ته ورت وئي تڙ ۾ خطرناڪ مرحلو ھوندو ھو وڏا ڪوس جنھن ۾ چار گھڙا پاڻي اچي ته ڪنھن ۾ ست گھڙا ست ٻاڙيا ڪوس اڪثر وھايا ويندا ھئا عورتون کوھن تان پاڻي جا گھڙا ڀرينديون ھيون جنھن کي پاڻياري چيو ويندو ھو ،،
پاڻياري سر ٻيلھڙو جر تي پکي جيئن
پاڻياريون پنھنجي مٿي تي اڳڙين جي وٽيل سينھين يا سينھوڙي رکي ھڪڙو گھڙو ڪڇ تي ٻيو مٿي تي رکنديون ھيون ته ٻيلھڙو يعني مٿي تي گھڙي مٿي ٻيو گھڙو رکي پاڻي ڀرينديون ھيون..
اسر کان جوٽيل تڙ سج لٿي تائين پيو وھندو ھو ھڪڙي جو وارو ھلندڙ ھُوندو ھو ته ٻيو ورت ڪوس جوٽي ويھندو ھو ته ھن کان پوءِ منھنجو ڪُڻ آھي ھلڪا سلڪا جھيڙا جهٽا به ٿيندا ھئا ،،
سوڀاري شاہ اولڊ وارو سائين علي محمد شاہ چون ٿا ته ست ٻاڙيو ڪوس پير سان جھلي وٺندو ھو.
تڙ جي چوطرف اواڙا يا آنھن چون ٽڪنڍا ڪچا مٽي جا ٺھيل ھوندا ھئا کوہ جي مھندان حوضي جنھن کي ڪپوريو به چوندا ھئا تنھن مان نِڪون اواڙن ڏانھن اينديون ھيون جنھن مان پاڻي اواڙن تائين رسندو ھو پھرين ڪوس کي ڌرم جو ڪوس چئي ڪپوريئي ۾ ھاريندا ھئا گھڙو ڪون ڀريندا ھئا ڌرم جا ڌايا... اواڙا ڪچا مٽي جا ٺھيل ھوندا ھئا انھن کي ھر روز ھٿ ھڻندا ھئا ۽ سدائين ڀريل ھوندا ھئا تڙن تي تنوارون ھونديون ھيون ڌنارن جون....
پھرين مالوند ماروئڙا پنھجي چوپائي مال لاءِ اواڙي ۾ پاڻي ڪڍي پياريندا ھئا تنھن کان پوءِ گھڙا ڀريندا ھئا...
کوہ گھڻو ڪري گھرن کان پرڀرو کڻائيندا ھئا چوندا ھئا ته کوہ تي ديسي پرديسي گھورو وغيره ايندو کوہ گھرن کان پري ھجي....
دؤر بدليو حالتون ڪيتريون ڏسندي ئي ڏسندي بدلجي ويون جتي بجلي آئي کوھن ۾ موٽرون لڳيون سمر پمپ لڳا کوھن تي ڍنگھريون پئجي ويون گھرن اندر نلڪا لڳي ويا اڳي ھڪ ڳوٺ ۾ ھڪ کوہ پوءِ ھر پاڙي ۾ کوہ تنھن کان پوءِ ھاڻي ته ھڪڙي پاڙي ۾ پنج نلڪا لڳا پيا بجلي جي وڃي ھلي ته اڃون پيا مرن مجال آھي جو ڪير وارو ٻڌي ماڻھن مان مڙسي ھمت ختم ٿي وئي شڪر گذار گھٽ ناشڪري وڌي وئي، اڳي رٻ پٽڙي جي وٽي پي شڪر ڪندا هئا ھاڻي طرحين طرحين جا طعام کائي به پيٽ نٿا ڀرجن.
راشد ڪوٽڙيو