• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

1971 جي جنگ جي صورتحال ٿرپارڪر

1971ع واري جنگ جنھن کي ٿر جا ماڻھو ڀاڄڙ چوندا آهن ھي ڏرڙ اسان جي ڳوٺ کان ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي ڀاڄڙ واري ڏرڙ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو جنگ جي ڏھاڙن ۾ ڳوٺ مان ماڻھو ڀڄي اچي ھن ڏرڙ ۾ پناه ورتي هئي ڪيترائي ڏينهن اتي رھيا کاڌو پيتو ہاڻي وغيره اتي ئي ٻه چار ڄڻا لڪي رات جي پيٽ ۾ آڻيندا ھئا ۽ ڳوٺ ڀوپي تڙ جا ٺڪر رنجيت سنگهه ۽ سندس پٽ کينراج ۽ ھيرجي ۽ ٽيلات راڻسنگھ راجپوت ڳوٺ مئو اکيراج وارو به دل کولي ھر طرح جي مدد ڪندا هئا ھڪ دؤر ھو....
نه سي ووڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون..

ڳوٺ جو طالب ڪوٽڙيو ھڪ ڏينھن جانچ ڪرڻ آيو گھرن جي ۽ ويچارو انڊيا جي فوج جھلي ورتو ۽ مٿي شديد تشدد ڪيو ظالمن ۽ چيائون ته ٻيا ڳوٺاڻا ڪٿي آھن ظالم فوج جو نشانو عام ڳوٺاڻا ھئا ۽ انھن جا سھولتڪار ڳالهه ٿا ڪن ته ڪي مقامي ماڻھو ھئا جيڪي ھٿ ڏسي مارائيندا ھئا ۽ وڏي پئماني ناحق قتل ڪيا ويا پوءِ طالب کي چيائون ته وٺي ھل انھن وٽ فوج ڪجھ سائيڊ تي ٿي ٻئي گھرن جي تلاش ڪئي ڳوٺ جي ھڪ ڀيل ويچاري طالب جا ھٿ پير کوليا ۽ چيائين ته ڀڄ توکي به ماريندا ۽ سڄو ڳوٺ جا ماڻهو ماري ڇڏيندا ۽ تنھن جنگ ۾ ھندو ڪميونٽي جا ماڻهو پنهنجي گھرن ۾ ويٺا هئا تنين جو انڊيا جي فوج نالو نه پئي ورتو ۽ ھندن وٽ ڪي راڄ جا ماڻهو به پنهنجي گھرن جي جانچ لاءِ ترسيل ھئا چون ٿا حالتون ڏاڍيون خراب ٿيل ھيون ۽ ٿرپارڪر جي ماڻهن جو مالي توڙي جاني وڏي پئماني تي نقصان ٿيو انڊيا جي سفاڪ فوج بي قصور عام ماڻھن کي قطارن ۾ بيھاري گوليون هڻي شهيد ڪيا ۽ معصوم عورتن جي ڪنن مان نڪن مان سونا زيور ڇڪيون ڏئي ڇنيا ظلمت جو راڄ ھو وڏي انڌونڪار ڇانيل هئي صحرائي ٿر جي سيمن تي راڪاسن جو راڄ هو ڄڻ ننڌڻڪو ھو ديس لٽجي رھيو ھو ڦورن ھٿان ٿر جي سرحد تي ٻه چار سپاهي بيٺل ھئا اھي ڪي ماريا ويا ته ڪي پيادل مختلف ڳوٺن کان ٿيندا ڀڄندا ويا اسان جي ڳوٺان لڏپلاڻ کان اڳ ڪي پيادل سپاھي ھڪ رات رھي روانا ٿيا ،، پوءِ ڳوٺ وارا اڳتي روانا ٿيا پيادل ڳوٺ ٻگھار پھتا جتان ڪجھ ڏينهن رھيا خانصاحب عبدالرحمان پلي صاحب ڪيڪڙو گاڏي وٺي آيو ڪوٺڻ پنهنجي ڳوٺ ۽ پوءِ ڪو وقت ٻوکلي ۾ رھيا کاڌو پيتو وغيره سڀ پھچائي ويندو هو....
۽ پوءِ ٿرپارڪر ۾ ايتري قدر افراتفري برپا ٿي وئي جو چون ٿا ته ڪي لٽيرا موقعي جو فائدو وٺندي گهرن ۾ ڪاهي پيا لٽ مار ڌاڙا ڦرون شروع ٿيون ھندو مسلم فساد شروع ٿي ويو ھندن انڊيا طرف ڀڄڻ شروع ڪيو سڪن سان گڏ آلا به سڙندا آهن ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ۽ خالي ٿي ويا صحرائي ٿر رڻ پٽ ٿي ويو،، خاندان وڇڙي ويا ھڪڙا ھڪ طرف رھيا ٻيا ٻئي طرف الفراق اشد من الموت جدائي موت کان به ڏکي آهي سرحدون ڇڪجي ويون ورھاڳي جا وڍ جيئري ڀاءُ ڀاءُ کان وڇڙي ويا ڀينرون ڀائرن لاء تڙپنديون رھيون،،
جنھن ۾ وڌ کان وڌ راجپوت ٺڪرن جا راڄ ھئا انھن جون زمينون سندن ھئڻ جي گواهي ڏئي رھيون آھن جيڪي ڪجھ انڊيا کان ھڪ رلي ۾ آيا مھاجر قابض ٿيا ته ڪي راجپوتن وڏي مشڪل سان بچايون آھن،، ٻين برادرين جا به نقصان ٿيا پر وڌ کان وڌ نقصان ٺڪرن جو ٿيو.
تاريخ جي جھروڪن مان
لکندڙ باغي راشد ڪوٽڙيو
 
Back
Top