• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي الهيار جي جهوني سياستدان عبدالستار بچاڻي جو وڇوڙو

عبد الله جروار

جونيئر رڪن
اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو سياست کي ڏيندڙ بچاڻي صاحب جي مرتيي جو تڏو پراڻي بنگلي جي ننڍي پارڪ ۾ وڇايو ويو.
عبدالله جروار

ڪنهن به شخصيت بابت ڪا به حتمي راء قائم نٿي ڪري سگهجي. پر سامهون نظر ايندڙ ڪجھ حقيقتن کي ڏسي ان جي ڪردار ۽ عمل بابت ڪي قدر اندازو ضرور لڳائي سگهجي ٿو. عبدالستار بچاڻي جي شخصيت بابت شناسائي 1974 ع ڌاري ٿي. جنهن وقت آئون نائين ڪلاس ۾ پراونشلائيزڊ هاء اسڪول ۾ پڙهندو هئس. ان وقت اسڪول حيدرآباد ويندڙ روڊ تي شهر کان ٿورو پربرو ٺهيل نئين بلڊنگ ۾ شفٽ ٿي چڪو هو. ان وقت ٽنڊي الهيار شهر ايتري واڌ ويجھ به نه هئي دارالعلوم مدرسي هاڻوڪي ڊسڪو هوٽل کان اسڪول تائين خالي پوٺو هو جنهن ۾ ديوين جان ٻوٽا پاڻمرادو ڦٽا هئا. اسڪول ويندڙ استاد ۽ شاگرد سائيڪلن تي يا پيرين پنڌ ويندا هئاسين. هڪ ڏينهن اسڪول کان موڪل ٿي اسان شهر ۾ آياسين بچاڻي پئٽرول پمپ اڳيان ماڻهن جو ڪجھ هجوم گڏ ٿيل نظر آيو ڪجھ پوليس وارا هڪ ماڻهو کي بنا سبب پڪڙي ٿاڻي تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ۾ هئا. هڪ نوجوان ان همراه کي پوليس وارن کان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ هو. ماڻهن جي هجوم ۽ ان نوجوان جي ڪوشش سان ان همراه کي پوليس کان آزادي ملي. ان وقت معلوم ٿيو پوليس کان همراه ڇڏائڻ وارو نوجوان عبدالستار بچاڻي صاحب هو. ان کان پوء اسڪول ايندي ويندي پيپلز پارٽي جي آفيس اچڻ وڃڻ هوندو هو. بچاڻي صاحب پيپلز پارٽي کي ٽنڊي الهيار ۾ نئين تنظيم سازي سان مضبوط ڪيو.
بهرحال اچون ٿا اصل موضوع تي بچاڻي صاحب پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان ڀرپور جدوجهد ڪئي. پيپلز پارٽي سيڪريٽريٽ لاء آفيس فراهم ڪري ڪارڪنن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. 1988 ع ۾ بچاڻي صاحب ٻيو دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ته بينظير ڀٽو صاحبه کيس روينيو کاتي جي وزارت ڏني. ان کان سواء ٽي دفعا صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ ايترائي دفعا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به منتخب ٿيو. بچاڻي صاحب سوين نوجوان کي نوڪريون ڏنيون. اهڙي طرح ڪيترن ئي شخصيتن کي پيپلز پارٽي ۾ آندائين. سچ پچ هن هفتي سندس وفات کان پوء سندس مرتيي جو تڏو شادي هال لڳ پارڪ ۾ وڃايو ويو. پاڻ وٽ ايڏو وڏو بنگلو يا هائوس نه هئس. جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عذرخواهي لاء آيل ماڻهن کي ويهاري سگهجن ها . سياست توڙي نوڪرين مان ماڻهن پنهنجا محلات نما بنگلا ٺهرايا اتي بچاڻي صاحب جهڙي اڌ صدي سياست کي ڏيندڙ شخصيت وٽ اهوئي پراڻو مائٽاڻو بنگلو هو. هي سندس شخصيت جي شفافيت جو اعلي ا مثال آهي. گذريل اڌ صدي کان اسان جي اکين آڏو جن وٽ ڪجھ نه هو انهن جون محلات نما فارم هائوس ۽ سندن ملڪيت ۽ گاڏيون ڏسي حيرت ٿئي ٿي. اتي هن صوفي مزاج سياستدان جنهن وٽ آخري ڪجھ سالن ۾ ايندڙ ويندڙ سان ڪچهريون ڪرڻ، مزي سان سگريٽ پي گذريل دور کي ياد ڪرڻ کان سواء ڪجھ نه هو. . جتي اڄ جي سياست هڪ ڪاروبار بڻجي وئي آهي. پراڻي دور جي پرائمري ڪتاب جي ان سبق وانگر رهيو.
آئون ڪافي عرصي کان عملي سياست کان پري رهيو آهيان. گهر ۽ ڳوٺ تائين محدود آهيان وڏي عرصي کان منهجو بچاڻي هائوس وڃڻ نه هو. تنهن هوندي به بچاڻي صاحب جي شخصيت علائقي واسين لاءِ ڏڍ ضرور بڻيل رهي. سچ پچ بچاڻي صاحب وٽ اهڙين برادرين کي حاضري ڀريندي سندس فيصلا مڃائيندي ڏٺم. جيڪي برادريون عام طور ڪنهن چڱي ڀلي جي ڳالھ به نه مڇينديون هيون. بچاڻي صاحب سحر انگيز شخصيت جا مالڪ هئا. شاھ صاحب جي هن شعر سان مضمون جي پڄاڻي ڪنداسين.

"ڪاڇين ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تنهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
 
Back
Top