عبد الله جروار
جونيئر رڪن
اڌ صدي تائين ٽنڊي الهيار جي سياست جو بيتاج بادشاہ رهندڙ عبدالستار بچاڻي صاحب (1)
عبدالله جروار
ٽنڊوالهيار سنڌ جو هڪ تاريخي ۽ قديم شهر آهي. هن شهر جي قديم رهواسين ۾ پاٽولي ميمڻ به شامل آهن جيڪي پٽ ريشم جو ڪاروبار ڪندا هئا. مخدوم محمد اسماعيل اگھاماڻي واري جا مريد هئا. ٽنڊي الهيار جا پاٽولي ٻن پاڙن تي مشتمل آهن. پاٽولي پاڙو ٽنڊي الهيار جي وچ شهر ۾ گانڌي چوڪ سان منسلڪ اڄ قائم آهي. پاٽولين جي پاڙي مان هڪ بچاڻي ۽ ٻيا يوسفاڻي آهن. پاڻ مٽ مائٽ ۽ ويجها عزيز به آهن. . ٽنڊي الهيار جا پاٽولي ٽنڊي الهيار شهر ۾ وڏا ڪاروباري ۽ واپاري رهيا آهن. جن ۾ خانصاحب حاجي محمد سومار بچاڻي، حاجي لال محمد، حاجي محمد يعقوب بچاڻي، حاجي عبدالعزيز وغيره شامل آهن. جن جا ڪنهن زماني وڏا ڦٽين جا ڪارخانا ۽ شهر اندر دڪان ۽ پيڍيون هيون. ڪاروبار تي ڇانئيل هئا. ان سان گڏ شهر جي ترقي ۾ هن خاندان جو وڏو حصو رهيو آهي. ٽنڊي الهيار جي وڏي ديني اداري دارالعلوم مدرسو قائم ڪرڻ لاء وڏي ايراضي تي مشتمل زمين ۽ تاريخي جامع مسجد هن خاندان جي قربانين جو مثال آهي. ان سان گڏ 400 ايڪڙن تي مشتمل زمين پڻ فلاح ۽ ڀلائي لاء مختص ڪيائون. جيڪا اڄ اوقاف کاتي جي حوالي آهي. ٽنڊي الهيار جي سياست ۾ هن خاندان جو ڪردار نمايان رهيو آهي. صدر ايوب خان جي دور ٿيل اليڪشن حاجي محمد يعقوب بچاڻي صاحب ۽ رئيس نصير خان مندواڻي ۾ ٿيل اليڪشن مقابلو اڄ به ماڻهو ياد ڪن ٿا. جنهن ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيو. 1967 ع ۾ ون يونٽ جي هلچل ۽ پيپلز پارٽي جو قائم ٿيڻ، سنڌ جي س سياست جا اهم واقعا آهن. ان شاگرد يونين سياست عروج تي هئي. ان وقت عبدالستار بچاڻي اڃا شاگرد هو. جو دوستن سان گڏجي سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو هو. 1970 جي اليڪشن ۾ ٽنڊي الهيار مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي مخدوم محمد زمان طالب المولى ا ۽ صوبائي اسيمبلي تي سيد محمد حسن شاھ (ڀورل شاھ) ڪامياب ٿيا هئا. ان دور ۾ عبدالستار بچاڻي صاحب سائين خليل الرحمان لغاري، عبداللطيف دائود پوٽو، عاشق لغاري، رازق ڏنو سونارو، عبدالمالڪ ميمڻ، ڪامريڊ صديق جروار، عبداللطيف مڱريو سان گڏجي عملي سياست ۾ پير پاتو هو. 1972 ۾ ٻولي جي فسادن دوران سندس شخصيت هڪ همدرد ۽ امن پسند انسان طور اڳيان آئي. جيئن سندن پراڻو ڪاروبار پئٽرول پمپ جو هو. ان پئٽرول پمپ تي ئي پنهنجي آفيس کوليائون. ان موقعي عام ماڻهو جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجا دروازا هميشه کليل رکيائون. پراڻي ورڪر لڏي کي پاڻ سان کنيائون. پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشنس ۾ ڀرپور شرڪت سان سندس شخصيت نکري نروار ٿي. سندس شخصيت جي هاڪ سبب 1977 ع جي اليڪشن ڀٽي صاحب کيس صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 40 تي پيپلز پارٽي جو اميدوار نامزد ڪيو. جيڪا بچاڻي صاحب جي پهرين ڪاميابي هئي. ان سلسلي ۾ ئي پاڪستان جو وزير اعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جن 12 فيبروري 1977 ع تي ٽنڊي الهيار ۾ بچاڻي صاحب جي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ تاريخي جلسي کي خطاب ڪيائون. اهڙو هلال پاڪستان اخبار ۾ شايع ٿيل اشتهار جي ڪاپي منسلڪ ڪجي ٿي. .
(هلندڙ)
Wasim Latif Mangrio
Hanif Laghari
#bachanihouse
Ghulam Muhammad Kumbhar