عبد الله جروار
جونيئر رڪن
"ٻري جن ٻاري"
ٽنڊي الهيار جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر
زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام جي اوائلي دور جو گريجوئيٽ استاد ، سائنسدان ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي صاحب مرحوم
تحرير : لياقت علي سنجراڻي
اڄ مون کي منهنجي فيس بوڪ پيج تي ٽنڊي الهيار جي ان ناليواري شخصيت ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي صاحب بابت پوسٽ رکڻ جو موقعو مليو آهي. ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين شخصيت ۽ هر ڪنهن جو خير خواہ انسان ہو. وڏي عهدي تي رهڻ باوجود وڏائي ۽ ڏيکاء نه هئڻ. شاندار ڪردار ۽ وڏي منصب تي رهڻ باوجود هر ڪنهن کي محبتون ۽ عزت ڏيڻ وارا پرهيزگار انسان هئا. ڊاڪٽر صاحب جي فرزند لياقت علي سنجراڻي صاحب جن ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت متعلق احوال موڪليو آهي. ان کي شامل ڪجي ٿو.
بک وڌائون بگرئين جو ڳي ڪندا جُڄ
طلب نه رکن تماعُ جي اوتيو پيئن اڃ
لاهوتين لطيف چئي من ماري ڪيو جن مڃ
سامي جهاڳي سڃ وڃي وسين ويجها ٿيا
شاھ سائين.
پروفيسر ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي هڪ سنڌ ڌرتي جي بزرگ هستي وتائي فقير جي شهر ضلع ٽنڊوالهيار جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ (غلام خان سنجراڻي) ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي جي غريب هاري مزدور رهاڪو اُسته ڪمال خان جي پٽ حاجي لکاڏنو خان سنجراڻي جي گهر ۾ صبح صادق سيد الشهداء حضرت امام حسين رضه جي جي مهيني محرم الحرام ۾ سرٽيفڪيٽ تاريخ مطابق 1942-12_31 تي هن فاني دنيا ۾ اک کولي ۽ سندن نالو ڊاڪٽر صاحب جي ڏاڏي استه ڪمال خان محرم علي رکيو.
ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي جن ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي هئا پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ذميوار ماٺيڻا، مذهبي لاڙو رکندڙ ۽ هر هڪ جي مدد ڪندڙ شخصيت جا مالڪ هئا. ڊاڪٽر صاحب شروعاتي تعليم گورنمينٽ مين سنڌي پرائمري اسڪول مڇي مارڪيٽ ٽنڊوالهيار مان هڪ ديني شخصيت محترم سائين محمد عمر سومرو کان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم گورنمينٽ ايس ايم هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ محترم سائين علي محمد دائودپوٽو وٽان حاصل ڪيائين. سنڌي فائنل کانپوءِ اعليٰ تعليم لاءِ سنڌ زرعي (ڪاليج) يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتائون.
پروفيشنل پروفائل:
1967ع ۾ ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي M.Sc (Agri) Agronomy ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائون ۽ ان ئي اداري ۾ سنڌ زرعي (ڪاليج ) يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ليڪچرار جي حيثيت ۾ پروفيشنل زندگي ڪيائون. استاد جي حيثيت ۾ 3 سال گذارڻ کانپوءِ سال 1970ع ۾ SCARP Khairpur Mirs Sindh (World Bank Project) ۾ زرعي ماهر Agronomist جوائن ڪيائون جتان وري سال 1972ع ۾ سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊوڄام جي پرنسپال محترم سائين جناب پروفيسر نور محمد سيال جن جي اسرار تي واپس سنڌ ايگري ڪلچر (ڪاليج) يونيورسٽي جوائن ڪيائين. ڪاليج جي Academic Faculty لاءِ محنتي استادن کي ڪاليج جوائن ڪرايائون. جن اڳتي هلي سنڌ زرعي ڪاليج کي هڪ عظيم درسگاهه يونيورسٽي جو درجو ڏياريو جن ۾ ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي، ڊاڪٽر احمد علي رند، عبدالحق چنڙ، ڊاڪٽر نظير حسين لغاري، ڊاڪٽر بشر احمد چانڊيو، ڊاڪٽر محمد روشن وڳڻ، پروفيسر امير علي قادري، ڊاڪٽر محمد قاسم رند، ڊاڪٽر عبدالرشيد بروهي (پروفيسر انقرا يونيورسٽي ترڪي) ۽ ٻيا انيڪ استاد سنڌ زرعي ڪاليج ۾ آندا جن يونيورسٽي ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي ڏينهن رات محنت ۽ جاکوڙيو. پاڻ ان وقت ريڊيو پاڪستان تان زرعي ماهر جي حيثيت ۾ پروگرام ڪرڻ، زرعي تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ اخبارن ۾ لکڻ، ٽيليوزن پروگرام ڪرڻ، ننڍا وڏا پروگرام نمائش ڪرڻ جنهن سان زرعي تعليم جي واڌ ويجهه ڪندا رهيا.
سال 1973ع آڪٽوبر ۾ ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي صاحب گورنمينٽ اسڪالرشپ تي Ph.D تعليم حاصل ڪرڻ ايسٽ يورپين ملڪ رومانيه جي دارالحڪومت بخاريسٽ Bucharest Institute of Agriculture Romania ۾ داخلا ورتي. 1974ع ۾ وزير اعظم پاڪستان محترم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن رومانيه جو سرڪاري دورو ڪيو ته اتي موجود پاڪستاني شاگردن سان ملاقات پڻ ڪئي. ان دوري ۾ محترم نصرت ڀٽو صاحبه به شهيد ڀٽو سان گڏ هئي. ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي پڻ شهيد ڀٽو سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي کي سلوار قميض ۽ سنڌي ٽوپي ۾ ڏسي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي چيو “اڙي تون هتي رومانيه ۾ ڇا پيو ڪرين” ته اتي موجود سمورن پاڪستاني شاگردن يڪ آواز ۾ جواب ڏنو ته ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي هتي Ph.D ڪرڻ لاءِ آيا آهن. ان گڏجاڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هتي توهان جنهن ڪم (پڙهائي) لاءِ آيا آهيو اهو مڪمل ڪري اچڻ وارن لاءِ مون وٽ نوڪريون آهن اگر اوهان مان ڪوبه پنهنجو ڪم (پڙهائي) مڪمل ڪرڻ کانسواءِ واپس ملڪ آيو ته ان کي سڌو جيل ۾ وڌو ويندو آخر ۾ ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي جو هٿ ڀٽي صاحب پنهنجي هٿن ۾ جهلي چيو “سنجراڻي تون مونسان پاڪستان ۾ ضرور ملجان تيستائين خدا حافظ” ڊاڪٽر صاحب Ph.D ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڏينهن رات هڪ ڪري هڪ ڪميونسٽ ملڪ ۾ رهندي ڊاڪٽر صاحب روزا، نماز قائم رکيا. پاڻ اتي رهندي پنهنجي لاءِ کاڌو پاڻ تيار ڪندا هئا ان لاءِ اسپيشل اجازت انسٽيٽيوٽ کان ورتائون. اتي رهندي پاڻ نه صرف پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي پر انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر اسڪالرشپ اسٽوڊنٽس (فارئين) محترمه ماريانه سان ملي ڪري سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊوڄام جي اڪثر (استاد)شاگردن لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ Ph.D جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ رومانيا گهرايا. جنهن مان اڪثر استاد هاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان ريٽائرمينٽ ڪري چڪا آهن. جهڙوڪ پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد شاهاڻي، ڊاڪٽر نظير حسين لغاري، ڊاڪٽر محمد قاسم رند، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سهاڳ، محترم محمد انور ڀٽو، ڊاڪٽر قاضي سليمان ميمڻ وغيره.
ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي Ph.D ڊگري مئي 1976ع ۾ مڪمل ڪئي. جنهن بعد
Eng: Dr. Muharram Ali Sanjrani جي نالي جو خطاب ايوارڊ ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب جن جون ٿيسز ٽاپڪ Irrigation Systems: Farrow, Sprinklar and Trickle Grade A-1 Study ofاڍائي سالن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪئي. جڏهن ته ڊگري Ph.D پنج سال گهربل هوندا آهن Ph.D ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسٽيٽيوٽ طرفان پيشڪش ڪرڻ تي پاڻ
Post Doctorate پڻ حاصل ڪئي. اها به صرف ڇهن مهينن جي رڪارڊ عرصي ۾ جڏهن ته ان لاءِ هڪ سال جو عرصو گهربل هوندو آهي.
Post Doctorate جي ٿيسيس ٽاپڪ Study of Irrigation Management and Land Reclamation ساڳي سال مئي کان آڪٽوبر 1976ع ۾ مڪمل ڪري وطن واپس آيا. ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي 27 رمضان 1976ع صبح 5:00 وڳي ڪراچي ايئرپورٽ پهتا. اتان سڌو پنهنجي اباڻي ڳوٺ (غلام خان سنجراڻي) ڊاڪٽر محرم سنجراڻي ٽنڊوالهيار پهتا. ڊاڪٽر صاحب جي واپس پهچڻ جي 40 ڏينهن اندر سندن ڏاڏو جيڪو پڻ الله تعاليٰ جو پيارو بندو ۽ هڪ شفيق انسان ۽ هڪ سٺو ڪاريگر (رازو) پڻ هو. استه ڪمال خان سنجراڻي
1976-11-28 آچر جي ڏينهن صبح جو 10 وڳي جي ٽائيم رضاءِ الاهي سان وصال فرمايو. استه ڪمال خان سنجراڻي کي دم جي تڪليف هئي جڏهن تڪليف وڌندي هئي ته پاڻ “الله تعاليٰ جي درٻار ۾ هٿ کڻي التجاع ڪندا هئا ته اي منهنجا رب هي ساهه تنهنجي امانت آهي جنهن به وقت چاهين ته واپس وٺي سگهين ٿو. التجاع صرف اها آهي ته مون پنهنجي ٻچي مالو سان واعدو ڪيو آهي ته وري ملنداسين. اهو واعدو پورو ڪرائي پوءِ تنهنجي مرضي.”
ڊاڪٽر صاحب واپس زرعي ڪاليج جوائن ڪيو ۽ Assistant Professor استاد جو فرض ادا ڪرڻ شروع ڪيو ان وقت زرعي ڪاليج ڪيمپس جو درجو ڏنو ويو هو ان ڪري ڊاڪٽر صاحب به پنهنجي ترقي لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ Associate Professor Agronomy Department. ڪيمپس جي اندورني سياست جي ڪري ڊاڪٽر صاحب لاءِ ڪافي مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون. ان درميان ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي جن سپارڪو (SUPARCO) Pakistan Space & Upper Atmosphere Research Commission ۾ Principle Scientific Officer (PSO) ۽ هيڊ آف ايگريڪلچر اسٽڊيز (ميرٽ) گريڊ 20 تي سليڪٽ ٿيا ۽ ننڍو ترين سائنسدان پاڪستاني جي حيثيت سان سال 1979-05-28 جوائن ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ مطابق ان وقت پهريون سنڌي هو جنهن سپارڪو جوائن ڪيو. ڊاڪٽر صاحب کان پهرين ڪو Peon به سنڌي نه هو. ڊاڪٽر صاحب جلد سليڪشن بورڊ سپارڪو جا ميمبر ٿيا ۽ سنڌين شاگردن لاءِ سپارڪو جا دروازا کوليا. اهو ڊاڪٽر صاحب جي محنت جو نتيجو آهي ته اڄ سپارڪو ۾ 20 گريڊ جا آفيسر سائينسدان سنڌي ملازم آهن. سال 1989-1979ع تائينPSO/ Head of Agriculture Studies رهيا. مئي 1993-1989ع تائين ڊاڪٽر صاحب Director Space Remote Sensing (SRS) Geographic Information Systems (GIS) ۽ Director Agriculture Landuse Application Division (SUPARCENT) رهيا.
نومبر 2002-1993ع تائين Director Training Division SUPARCO H.Qs رهيا. ٽريننگ ڊويزن ۾ ڊاڪٽر صاحب جو اچڻ سان ان مردا گهوڙي ۾ ڄڻ جان پئجي ويئي ڊاڪٽر صاحب مختلف ٽرينگ ڪورسز مطارف ڪرايا ۽ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ سان ويجهڙائپ رکندي سنڌ جي نون انجنيئرس لاءِ اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا دروازا کوليا ويا. سنڌ جي عظيم درسگاهه مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جا گريجوئيٽ ۽ ماسٽر ڊگري هولڊرن جي لاءِ آمريڪا U.K آسٽريليا ۽ سائوٿ ايسٽ ايشيا جون نالي واريون درسگاهون اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ تيار هيون ۽ ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي پنهنجي قدرت جي طرفان ڏنل صلاحيتن جو ڀرپور استعمال سان سنڌ ۽ پاڪستان جي غريب باصلاحيت شاگردن کي اعليٰ تعليم جي حاصلات لاءِ موڪليو. هڪ جيئي سنڌ اڳواڻ طارق ڀٽي مهراڻ يونيورسٽي مان B.E Electrical کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ ڊاڪٽر صاحب ان شاگرد ليڊر کي نه صرف سپارڪو جوائن ڪرايو پر Ph.D ڊگري لاءِ آمريڪا موڪليو جنهن ڊاڪٽر طارق ڀٽي جي حيثيت ۾ واپس اچي سپارڪو جوائن ڪيائون. هن وقت به هو هڪ ماهر سائنسدان جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. به قول ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي صاحب جي ته “جيئي سنڌ جي نعري هڻڻ سان سنڌ ڌرتي نه جيئندي پر پڙهي لکي اعليٰ تعليم سان سنڌ جيئندي” ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي جي محنتن جو ذڪر هنن هڪ ٻن پنن لکڻ سان نه ٿو ماپي سگهجي. ان لاءِ ته ڪتابن جا جلد به ٿورا آهن. ڇو ته ڊاڪٽر صاحب جا هزارين شاگرد اڄ به ملڪ پاڪستان ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجون خدمتون بني نو انسان جي لاءِ ارپي رهيا آهن.
ڊاڪٽر صاحب ۱۰ ربيع الثاني ۱۴۳۷ هجري بمطابق 19 فيبروري 2016ع جعمي جي ڏينهن 01:45 رضاءِ الاهي سان پنهنجي فرزند ذوالفقار علي سنجراڻي جي هنجهه ۾ ڌم ڌڻي حوالي ڪري هميشه لاءِ هي فاني جهان ڇڏي ويا. اِنالِلّٰهِ وَاِنَّا اِلَيهِ رَاجِعُوۡن ڊاڪٽر صاحب جي آخري آرامگاهه ڪنڊا وسيءُ قبرستان ۾ آهي. الله تعالي کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي (آمين)
ڊاڪٽر صاحب پنهنجن وارثن ۾:
هڪ بيواهه، چار پٽ لياقت علي، ذوالفقار علي، آفتاب علي، اعجاز علي ۽ ڇهه نياڻيون ڇڏي ويا آهن. سندن ڳوٺ (غلام خان سنجراڻي) ڊاڪٽر محرم علي سنجراڻي يونين ڪائونسل غلام خان سنجراڻي بڪيرا شريف روڊ ٽنڊوالهيار.
#SAUTandojam
#personalitiesoftandoallahyar