طوفان ته نه آيو پر سنڌ ۽ سنڌين جي ويرين جا وار اُڀا ٿي ويا۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2010۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    طوفاني برسات، متاثر ماڻهون ۽ سنڌ سرڪار......!
    برسات، خداتعاليٰ جي طرفان هڪ نعمت هوندي آهي، جيڪا ڏڪاريل زمينن لاءِ رحمت کان گهٽ نه هوندي آهي، رڻ جا رهواسي ماڻهون وسڪاري جي لاءِ اکين ۾آس ڀري جڏهن اڀ ڏانهن نهارين ٿا ته تتل اُسَ پيدا ڪندڙ گرم سج کين مايوس ڪري ڇڏي ٿو. پر جڏهن آسمان ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڪو ڪڪر ڏسجي ٿو ته ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا خوشي ۾ اها دعا ڪندي نظر اچن ٿا ته “ الله سائين مينهن وساءِ”، اڃارا پکي وسڪاري جي واٽ نهاريندي جُهلَڻَ جو انتظار ڪندي نظر ٿا اچن، جڏهن ڪوئل جي ڪُوڪُو وارو ساز رڻ ۾ گونجي ٿو ته مينهن جا سڪايل ماڻهون ان ساز کي برسات جو پيغام سمجهن ٿا. انهن ننڍڙن ٻارڙن جي اها صدا پوري ٿئي ٿي ۽ ڪارا ڪڪر وسي پون ٿا، وسڪاري کانپوءِ جيڏانهن نظر وڃي رڳو ساوڪ ۽ هٻڪار وارو ماحول نظر ايندو آهي.
    هڪ طرف جتي برسات رحمتون ۽ خوشيون کڻي اچي ٿي ته ٻئي طرف ان کي قدرتي آفت تسليم ڪيو وڃي ٿو، شهرن ۾ رهندڙ ماڻهون تيز برسات کي روڪڻ لاءِ دعائون ڪندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته شهرن ۾ ڪاروباري ماڻهن پاران زمين جو سيني کي چيري وڏين وڏين عمارتون کوڙڻ لاءِ مختلف قسمن جا “سيمينٽ اسٽرڪچر” جوڙيا وڃن ٿا، جنهن سبب اتي اڃاري زمين جو ڪو وجود ئي نه هجي ٿو، برسات ٿيڻ سبب پاڻي انهن علائقن جي گهرن ڏانهن ڪاهي پوي ٿو ۽ انساني زندگي متاثر ٿئي ٿي.
    هميشه اهڙي قسم جي برساتن، طوفان ۽ قدرتي آفتن ۾ هزارين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ، سوين ماڻهن جو اجل جو شڪار ٿيڻ ۽ لاتعداد ماڻهن جي گم ٿيڻ بابت خبرون هر ماڻهونءَ لاءِ افسوس ۽ ڏک جي لهر بڻجي وڃن ٿيون. متاثر ٿيل ماڻهون بي وس ۽ بي يارو مددگار ٿي پنهنجي لڙهي ويل سامان جي سائت ۾ لڳي وڃن ٿا... پر هن دفعي ايئن نه ٿيو!
    جون جي مهيني ۾ آيل طوفان جون اڳڪٿيون ملڻ تي سنڌ سرڪار ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي انتظامن جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ وقت سر ان تي عمل پڻ ڪندي سنڌ جي سمورن اهڙن شهرن ۾ جتي سمنڊ ٽڪرائجي رهيو هو، انهن ۾ رليف ڪيمپون لڳايون ويون، ساحلي پٽي تي رهندڙ سمورن ماڻهن جي ڪيمپن ڏانهن منتقلي کي يقيني بڻايو ويو.
    گذريل حڪومتن جا سٽيل ماڻهون پنهنجي اجهن تي قبضن جي خوف کان گهر خالي ڪرڻ بدران انهن جي حفاظت لاءِ جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا، ڇو ته شايد اڳوڻين حڪومتن ۾ انهن غريبن کي برساتن جا ڊپ ڏياري سندن اجهن کي خالي ڪرائي انهن تي قبضا ڪيا ويا هئا، پر موجوده سرڪار کي زمينون نه پر انهن غريبن جون حياتيون عزيز هيون، اعلٰي اختيارين جڏهن انهن غريبن جي گهر نه ڇڏڻ واري عمل کي ڏٺو ته کين مختلف ذريعن سان انهن کي اپيلون ڪندا رهيا ته اهي سامونڊي پٽي خالي ڪن ۽ پوءِ مختلف وزيرن پڻ انهن علائقن ۾وڃي انهن غريب ماڻهن کي خاطري ڪرائي ته موجودا حڪومت کي سندن حياتيون عزيز آهن ۽ ڪنهن جي به اجهي کي وڃائڻ نه سکي آهي. اعلٰي عملدارن جون اهڙيون ڳالهون ٻڌي غريب ماهيگيرن بي خوف ريلف ڪيمپن جو رخ ڪيو.
    نيٺ طوفان آيو... حڪومت پاران جوڳا حفاظتي انتظام هئڻ ڪري ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، طوفان سبب ٿيندڙ تيز برسات سبب مختلف شهرن ۾ پاڻي جا تلاءِ ٿي پيا ۽ رابطي جو نظام پڻ متاثر ٿيو.
    عام زندگي کي معمول تي آڻڻ ۽ برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ سنڌ حڪومت جوڳا اپاٰ ورتا ۽ سمورو پاڻي صرف 48 ڪلاڪن ۾ اتان غائب ٿي ويو. رليف ڪيپمن ۾ ترسيل ماڻهون سندن جان جي حفاظت جي لاءِ حڪومتي ڪارڪردگي سبب خوش نظر اچي رهيا هئا ۽ سندن گهرن ڏانهن واپسي جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. ميڊيا پڻ حڪومتي ڪارڪردگيءَ جي مثبت انداز ۾ ساراهه ڪئي وڏي وزير پاران متاثرن لاءِ امداد جو اعلان پڻ ڪيو ويو.
    ڪنهن به قدرتي آفت کان بچاءِ لاءِ حفاظتي اپائن جي اهڙي ڪارڪردگي اڳ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آئي، اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڇا هيءِ ان حڪومت جي ڪارڪردگي آهي، جنهن تي سنڌي هجڻ جي بنياد تي تنقيد ڪرڻ کانسواءِ مخالفن جي ماني حضم نه ٿيندي آهي. پر ها... کين موجودا سنڌي حڪومت جي سنڌين جي بچاءَ ڪارڪردگي سندن ننڊون پڻ حرام ڪري ڇڏيون آهن، سنڌ ماڻهن جي وڌندڙ ساک، لساني فسادين جا خواب تباه ڪري ڇڏيا آهن



    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: طوفان ته نه آيو پر سنڌ ۽ سنڌين جي ويرين جا وار اُڀا ٿي ويا۔

    مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو