• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي الهيار ضلع جي سياسي تاريخ جو ورق (1)

عبد الله جروار

جونيئر رڪن
(ٽنڊي الهيار ضلع جي سياسي تاريخ جو ورق (1)

1977 ع واري اليڪشن ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو.
ڌانڌلين جا الزام ۽ ڀٽو مخالف تحريڪ
عبدالله جروار

1977 جي جنرل اليڪشن اين اي 170 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار سيد اميد علي شاھ رضوي ۽ مير علي احمد خان ٽالپر صاحب مدمقابل هئا. جڏهن صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 39 تي سيد محمد حسن المعروف سيد ڀورل شاھ بنا مقابلي ڪامياب ٿيو هو. ، پي ايس 40 پيپلز پارٽي جو اميدوار حاجي عبدالستار بچاڻي ۽ آزاد اميدوار رئيس نصير خان مندواڻي ۾ مقابلو ٿيو هو. هي اليڪشن مارچ 1977 ع ۾ ٿيا هئا. هي پيپلز پارٽي جي حڪومت جي زير نگراني ٿيا هئا. ٻي خاص ڳالھ اها بغير سڃاڻپ ڪارڊ جي ٿيا هئا. جنهن ڪري ئي مخالف ڌر هن اليڪشن کي ڌانڌلي زده قرار ڏئي پيپلز پارٽي جي حڪومت هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو. پيپلز پارٽي خلاف مخالف ڌر جو قومي اتحاد 9 پارٽين تي مشتمل هو. هن مخالف ڌر اتحاد جي جهنڊي ۾ 9 تارا شامل ڪيا ويا هئا. جيڪي 9 پارٽين جي نشاندهي ڪري رهيا هئا. اچو ته پهرين مارچ ۾ ٿيل اليڪشن ۾ اميدوارن جي ووٽن جو جائزو پيش ڪريون.

قومي اسيمبلي تڪ نمبر 170 حيدرآباد v ضلع حيدرآباد جو هي تڪ ٽنڊي الهيار تعلقي تي مشتمل هو. هن تڪ جي اميدوارن جي کنيل ووٽن جو وچور :

سيد اميد علي شاھ پ پ پ 80018 ووٽ
مير علي احمد ٽالپر آزاد اميدوار. 14537 ووٽ
سيد علي نواز شاه آزاد اميدوار 1256 ووٽ کنيا

صوبائي اسيمبلي تڪ پي ايس 39
سيد محمد حسن شاھ پ پ پ کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو.

صوبائي اسيمبلي تڪ پي ايس 40
عبدالستار بچاڻي پ پ پ 30558 ووٽ
رئيس نصير خان مندواڻي آزاد اميدوار 5343
حاجي محمد ابراهيم ننڌو آزاد اميدوار 285

هن اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف ملڪ گير سطح تي مخالف ڌر جو اتحاد ٺاهيو ويو. جنهن مخالف ڌر ج جون نو پارٽيون شامل هيون

جماعت اسلامي
جميعت علماء اسلام
مسلم ليگ پاڳارو گروپ
نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي
مسلم ليگ (قيوم گروپ)
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل
پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي
تحريڪ استقلال
آل جمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس
بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل)

هن تحريڪ شهرن ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت خلاف وڏو ممڻ مچائي ڇڏيو. ڀٽي صاحب جي حڪومت مخالف ڪردار ادا ڪرڻ ۾ پرنٽ ميڊيا وڏو ڪردار ڪيو. اردو اخبارون روزانو بنيادن تي هيجان انگيز خبرون شايع ڪري ٻرندي تي تيل وارو ڪم ڪيو.
سنڌ ۾ ڀٽي مخالف تحريڪ تڏهن زور ورتو جڏهن چکي جي مير فيض محمد جو قتل ٿيو. جنهن جو الزام پيپلز پارٽي تي لڳايو ويو. ٽنڊي الهيار ۾ پيپلز پارٽي مخالف اميدوار مير علي احمد ٽالپر قلع چوڪ ٽنڊي الهيار تي وڏو جلسو ڪيو هو. هن تحريڪ دوران ٽنڊي الهيار سول اسپتال جو اڪيلو سول سرجن ڊاڪٽر غلام قادر نظاماڻي نوڪري تان استعفي ا ڏئي ڇڏي. ان جو سبب مير علي احمد خان ٽالپر جو ناٺي هئڻ انتقام جو نشانو بڻيل رهيو هو. ڊاڪٽر غلام قادر نظاماڻي صاحب سرڪاري نوڪري ڇڏڻ بعد بند بازار ۾ اها اسپتال کولي جيڪا ان اليڪشن کان اڳ ڊاڪٽر محمد يوسف قائم خاني صاحب هلائيندو هو . ڊاڪٽر محمد يوسف قائم خاني ان وقت پيپلز پارٽي جي اميدوار سامهون فارم ڀرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر حڪومتي طاقت سبب اليڪشن جو فارم نه ڀرائي سگهيو هو. ڪافي عرصو ڊاڪٽر يوسف قائم خاني منظر عام تان گم هو. وڏي عرصي بعد ميرواه ناڪي تي پنهنجي اسپتال کولي هئائين.

(ايندڙ مضمون ۾ 1985 ع واري غير جماعتي اليڪشن بابت احوال لکبو)
 
Back
Top