• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موجوده ڏيپلو ۽ قديم ديبل آھي

موجوده ڏيپلو ۽ قديم ديبل آهي ,

سنڌ جي تاريخ سان تاريخي سازش

( تحرير- عبدالرحمان اوٺو)

----------------------------------------------------------------

سنڌ جي قديمي رياست ديپ يا سڪاديپ جو بگڙيل نالو ڏيپلو آهي جنهن کي عرب تاريخدانن ۽ مورخين ديبل لکيو ڇو ته عربي ٻولي ۾ لفظ پ ۽ ڏ نه آھي

ان جي متبادل پ جي جاء ب ۽ ڏ جي جاء تي د لکندا آهن يعني ڏيپلو مان ديبلو يا ديبل لکجڻ لڳو

شروعات ۽ ارتقائي ترتيب سڪاديپ مان ڏيپ

ڏيپ مان ڏيپلو جنهن کي عربن ديبل انگريزن DIPLO

لکيو آهي

(هن تي منهنجو هڪ الڳ مضمون لکيل آهي )

اها هڪ افسوس ناڪ حقيقت آهي ۽ توهان کي پڙهي تعجب ٿيندو ته سنڌ جو قديم بندر جيڪو ۾ محمد بن قاسم فتح ڪيو هو جنهن جو احوال چچ نامي

يا فتح نامه ۾ تفصيلي ذڪر موجود آهي پر افسوس اسان جي محققن ۽ تاريخدانن ديبل بندرگاه کي بنا ڪنهن مضبوط دليل ۽ ثبوت جي زبردستي سنڌ جي قديمي ۽ تاريخي شهر ڀنڀور مٿان چسپان ڪري ڇڏيو پوء جيڪڏھن هي ديبل آهي ته ڀنڀور ڪٿي آهي ?جيڪڏھن هي ڀنڀور آهي ته پوء ديبل ڪٿي آهي ?

مان جڏھن 10 جون 2024 ۾ ڇوٿون دفعو ڪراچي کان نڪرندي ڌاٻيجي لڳ شهر ڀنڀور کي غور سان ڏٺم ۽ چچ نامي ۾ پڙهيل ديبل بندر جا نشان ڳولڻ لڳس ڪافي وقت دڙن تي ڏسندو ۽ سوچيندو رهيس ايندڙ ويندڙ سياحن کان ديبل ۽ ڀنڀور بابت ڳالهائيندو ۽ ٻڌائيندو رهيس ته سمورا منهنجي موقف جي حمايت ڪندي نظر آيا جنهن بعد مون کي هي ڪالم لکڻ جو شوق ٿيو

شهر ڀنڀور جا پراڻا کنڊرات ۽ موجوده عجائب گهر ڏسي رهيو هئس ته مون کي سنڌ جي قديمي تاريخ چچ نامي جي روشني ۾ ڪابه اهڙي نشاني ڏسڻ ۾ نه آئي جنهن سان يقين ڪري سگهجي ته هي سنڌ جو پراڻو تاريخي ماڳ ديبل بندر آهي

عجائب گهر جي اسٽاف سان ڪافي ڳالهه ٻولهه ۽ بحث به ٿيو پر منهنجي ڪنهن به سوال جو انهن وٽ جواب نه هو

ڪافي وقت کان مون سميت اسان جي ٿر جي ڪيترن ئي دوستن جي اها تحقيق ۽ راء آھي ته

اصل ديبل بندر گاه, موجوده علي بندر آهي

جيڪو ضلع بدين ۾ ڪڍڻ ۽ گهوني جي ڀرسان لاڙ ۽ ٿر جي ڪس تي آهي

ڇو ته چچ نامي ۾ لکيل سموريون نشانيون ان طرف ئي اشارو ڪن ٿيون مثال طور

1- ديبل بندر سنڌو ندي جي اوڀر واري نار تي ۽ اولهه ڪناري تي آھي جتان سنڌو ندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي, موجوده علي بندر به سنڌو درياه يا هاڪڙو ۽ پراڻ جي ڀر سان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو ۽ ان علي بدر جي اولهه طرف ڪيترائي قديمي پٿريلا دڙا موجود هئا جيڪي ڪنهن تباه ٿيل شهر جي نشاني هئا

هن وقت ڪافي دڙا قبضي ۾ اچي آباد ٿي ويا آهن پر ڪجهه اڄ به موجود آهن ۽ اسان جي خيال ۾ اهوئي ديبل هو ڇو ته سنڌو يا مهراڻ دريا جو سڀ کان پراڻو اهوئي سمنڊ ۾ ڇوڙ ھو

2-چچ نامي ۾ ديبل سنڌو درياه جي اولهه ڪناري تي هو علي بندر به سنڌو دريا يا هاڪڙي سان لڳو لڳ اولھ ڪناري تي آهي

3- چچ نامي ۾ ڪڇ جو تمام گهڻون ذڪر ٿيل آهيجيڪو پڻ علي بندر کان بلڪل قريب آهي

4- چچ نامي ۾ جن ماڻهن ۽ قومن جو ذڪر ٿيل آهي جن سان محمد بن قاسم جلد رابطو ڪري صلح ڪئي اهي به سڀ ڪڇ ۽ ٿر جا ئي آھن خاص طور تي راسل موڪو پسايو يا ٺڪر ۽ راجپوت وغيره

5- چچ نامي ۾ جنهن علائقي جو ذڪر وجورته ياوگورته جي نالي سان آهي اهو به علي بندر کان اوت ۽ اوڀر شادي لارج لڳ موجوده ونگو پتڻ آهي جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب به چچ نامي جي حاشئي ۾ ڪيو آھي

6- چچ نامي ۾ جنهن ٻيٽ واري قلعي جو ذڪر ٿيل آهي اهو به موجوده ونگو پتڻ کان اوڀر طرف موجوده ڪلوئي شهر آهي پراڻو ٻيٺ وارو قلعو, هاڻي ڪلوئي هتان هاڪڙو درياه گذرندو هو ان جا جا نشان اڄ به موجود آهن ۽ هتي ئي مهراڻ ڊنڍ هئي ۽ آهي

7- چچ نامي ۾ ذڪر ٿيل ڌڌاواه يا هڏياري جو ذڪر ٿيل آهي

جيڪو ڪلوئي کان اوتر ۽ اوڀر طرف موجوده نئوڪوٽ قلعو ۽ پسگردائي وارو علائقو آهي جنهن کي اڇي مٽي يا ڪاري مٽي چيو ويندو هو

8- چچ نامي مطابق راوڙ جو قلعو جتي راجا ڏاهر قتل ٿيو هو

اهو به نئوڪوٽ جي موجوده قلعي کان اوتر ۽ اوڀر طرف 12ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي نبي سرٿر لڳ موجوده نهٽو آهي جيڪو بلڪل هاڪڙي دريا جي ڪناري تي آهي

9- هاڻي ڏسو ۽ سوچيو ته

سنڌو درياه جو قديم ڇوڙ ۽ سمنڊ به هتي

پراڻي شهر جا نشان به هتي

پراڻ به هتي

ونگو به هتي

هاڪڙو به هتي

مهراڻ ندي به هتي

مهراڻ ڊنڍ يا مهرانڊ ڊنڍ به هتي

راوڙ قلعو, نهوٽو به هتي

ڪڇ گجرات به هتي

چچ نامي جون سموريون نشانيون هتي آهن

ته پوء ديبل بندر ڪراچي لڳ ڀنڀور ۾ ڪئين ٿيو ?

10- دراصل سموري تاريخ جو رخ بدلائيو ويو آهي

مڪمل تحقيق نه ٿي آهي

چچ نامي ۾ ذڪر ٿيل آھي ته محمد بن قاسم ديبل جي فتح کان پوء جڏهن نيرون قلعي ڏانهن روانا ٿيا ته ان دريا جو اصل نالو * سانڪره نار * هو

جيڪو موجوده * سانگرو نار * آهي

جنهن کي اسان جي تاريخدانن بدلائي موجوده ٺٽي طرف *ميرپور ساڪرو نار * ڪيو ويو آهي

جنهن سان سموري تحقيق جو سمورو رخ بدلجي ويو

ان ڪري اسان اعلي اختيارين کان پرزور گهر ڪريون ٿا ته علي بندر جي کنڊرات جي کوٽائي ڪرائي وڃي ۽ هنن سمورن نشانن جي نئي سر سان تحقيق ڪئي وڃي ته جئين اصل حقيقت سامهون اچي سگهي ۽ گم ٿيل سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي ماڳن جي درست شناخت به ٿي سگهي

تحرير عبدالرحمان اوٺو ڏيپلو ٿرپارڪر
 
Back
Top