عبدالرحمان اوٺو ٿرپارڪر
جونيئر رڪن
1980ع واري ڏهاڪي کانپوءِ سماجي خدمت جو سفر غير سرڪاري ادارن اين جي اوز جي قيام سان نئين دور ۾ داخل ٿيو، جنهن کي سول سوسائٽي جي نالي سان سڃاتو ويو. هن دور کي خدمت، ترقي ۽ شعور لاءِ نئي اميد جو دور سمجهيو ويو
خاص ڪري ڳوٺاڻن علائقن لاءِ، جتي رياست جي رسائي محدود هئي. پر 45 سالن کانپوءِ جڏهن اسان پوئتي ڏسون ٿا ته اسان کي ڪافي واضح منفي حقيقتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي هن تحريڪ جي نيت ۽ نتيجن تي سوال اُٿارين ٿيون۔
نمبر هڪ , ته گهڻا اين جي اوز مقامي ضرورتن بدران ڊونر ادارن جي طئي ڪيل اجينڊن تي عمل پيرا رهيا۔ انساني حقن کان وٺي صحت يا ماحوليات تائين موضوع ته چڱا هئا، پر انهن جي نفاذ جو طريقو غير فطري ۽ مٿان مڙهيل رهيو۔ اهڙي ترقي کي نه ڳوٺاڻن مالڪ سمجهيو،
نه ئي ان مان حقيقي تبديلي آئي۔
نمبر ٻه ,سول سوسائٽي جي نالي تي هزارين تنظيمون ٺهيون، جن مان ڪيترين لاءِ سماجي خدمت بدران اهو روزگار، فنڊ ۽ حيثيت جو ذريعو بڻجي ويو۔ ڳوٺاڻا ويچارا بيس لائن ۾ ڏسڻ لاءِ، ۽ آفيس وارا لگژري گاڏين ۾ گھمڻ لاءِ
نمبر ٽي ,ترقي کي پروجيڪٽ جي حد تائين محدود ڪيو ويو۔جيئن ته هڪ اسڪول ٺاهيو، تصوير وٺو، رپورٽ موڪليو ۽ بس, باقي ايندڙ پروجيڪٽ جو انتظار ڪريو
ائين محسوس ٿيو ته ترقي هڪ رياستي ذميواري نه پر اين جي او مارڪيٽنگ ٿي وئي آهي۔
نمبر چار ,سماج سڌارڪ، جي بدران ڳوٺاڻن کي بااختيار بڻائڻ جي، کين هر دفعي مدد لاءِ ڪنڌ کڻڻ جو عادي بڻايو۔ ڏن مڇي، نه ڏنو ڄار
واري صورتحال پيدا ٿي۔ گهڻا ماڻهو سوچڻ لڳا ته تبديلين جو ذريعو پاڻ نه پر ٻاهر کان ايندڙ ادارا آهن۔
نمبر پنج , بدقسمتي سان گهڻا ادارا نه ته مقامي ماڻهن کي جوابده آهن، نه ئي انهن وٽ اندروني احتساب جو نظام آهي جيڪي فنڊ خرچ ٿيا، جيڪي سرگرميون ٿيون، انهن جي اثرپذيري بابت ڳوٺاڻن جي راءِ کي اهميت گهٽ نه ڏني وئي۔
آئون سمجهان ٿو ته نيت جي تطهير جي ضرورت آهي
سول سوسائٽي جي ابتدائي نيت خدمت، ڀلايي ۽ شعور جي اُجاگر ڪرڻ جي هئي،
جيڪا وقت سان پيشواريت، نمائشي سرگرمين ۽ عالمي اجينڊائن جي پيرويءَ ۾ بدلجي وئي۔
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته
سماج سڌارڪ پاڻ کان سوال ڪن ته
ڇا اسين تبديلي آڻي رهيا آهيون؟
يا رڳو تبديليءَ جو ڏيک ڏئي رهيا آهيون؟