• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صحافي ليکڪ ۽ عالم دين عبدالرحمان اوٺو ڏيپلائي

🌾 ليکڪ اديب ,خطيب ۽ ٿر جو علمي، ديني ۽ سماجي آواز سائين عبدالرحمان اوٺو ڏيپلائي صاحب
جو مختصر تعارف هن ريت آهي
{ تحرير گل محمد اوٺو }🕊️
پورو نالو: عبدالرحمان اوٺو
ذات ۽ تعلق: ولهاري اوٺا
ولهاري اوٺا برادري جي عزتدار ۽ علمي شاخ آهي
پيدائش: 1976ع، ڳوٺ عثمان لنجو، تعلقي ڪلوئي، ضلعو ٿرپارڪر سنڌ
📚 تعليمي ۽ ديني پس منظر
ابتدائي ۽ ديني تعليم
بنيادي ۽ ديني تعليم
جامعه بحر العلوم السلفيه، ميرپورخاص ۽ ڏيپلو مان حاصل ڪئي۔
مولوي عالم ۽ فاضل سنڌ يونيورسٽي مان
درس نظامي جي سند الفراغت 1995ع ۾
مدرسه دارالحديث والقرآن، ڏيپلو مان حاصل ڪئي۔
بعد ۾ شهادت العالميه ۽ شهادت العاليه ۽ ڪمپيوٽر ڊپلومه مڪمل ڪيو،
جيڪو سندن علمي وسيع نظر ۽
جديد رجحان جي علامت آهي۔
📰 صحافت ۽ علمي خدمت
1998ع کان وٺي سنڌي ۽ اردو ميڊيا ۾ بطور جنرلسٽ مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي ڪم ڪيو۔
قلم جي ذريعي ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ سماج ۾ سچائي جي واٽ کي عام ڪرڻ ۾ سرگرم رهيا۔ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف بهادري سان مهاڏو اٽڪايو
2003ع ۾ گرين ڪرينسٽ ٽرسٽ ڪراچي جي تعاون ۽ ماتحت هلال پبلڪ هاءِ اسڪول جو ڏيپلو ۾ بنياد رکيو جتي کين پرنسپال مقرر ڪيوويو جنهنجو بنيادي مقصد هو ته اهڙا مستقبل جامعمار تيار ڪجن جيڪي الله ۽ رسول ص جا فرمانبردار ۽ جديد دور جي چيلينجن جو مقابلو ڪري سگهن
🏛️ سماجي قيادت ۽ ڪردار
پريس ڪلب ڏيپلو جا ٽي دفعا صدر منتخب ٿيا،
جتي صحافت جي آزادي ۽ اخلاقيات جو علم بلند رکيو۔
پاڻ وقت جي جيد محقق علامه سيد بديع الدين شاه راشدي رحمه الله جي صحبت ۾ به رهيا ۽ ٿرپارڪر جي تبليغي دورن ۾ گڏ به رهيا ۽ سندن مايا ناز تصنيف قرآن جو تفسير بنام بديع التفاسير جلد 8 جو مقدمون عبدالرحمان اوٺو صاحب لکيو
پاڻ ڏيپلو مان سلسلي وار ماروي ميگزين پڻ ڪڍيو
ان کان سواء ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ مختلف موضوعن تي سنڌي اردو مضامين ۽ ڪالم لکندا رهيا آهن
الخدمت فائونڊيشن ٿرپارڪر ۽ دعا فائونڊيشن ڪراچي جي سهڪار سان تعلقي ڏيپلو جي مختلف ڳوٺن ۾ کوه ۽ ثمر پئمپ ڏنا ۽ ڪيترن ئي خاندانن کي ريليف جو سامان ڏياريو
پاڻ شھر جي معززين جي اسرار تي شهري اتحاد ڏيپلو جا صدر چونڊيا ويا ، جتي سماجي ڀلائي، شهري مسئلن جي حل ۽ شهر جي ترقيءَ لاءِ سرگرم رهيا آهن
ان کان سواء ڪيترين ئي ادبي سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان جڙيل رهندا اچن
پاڻ مقامي سطح تي ڀرپور ديني ۽ سماجي خدمتن سان گڏ تربيت تعليمي شعوري رهنمائي ڪندا رهيا آهن
سندن سوين شاگرد مختلف منصبن تي فائز آهن
سندن علمي، ديني بصيرت، ۽ سماجي خدمت جي ميدان ۾ تمام وڏو نالو آهي
سندن زندگي جو مقصد ئي
الله جي وحدانيت جي دعوت ڏيڻ
شرڪ ۽ جاهليت خلاف جهاد سان گڏ حقيقي علم پکيڙڻ، سچ ڳالهائڻ، ۽ بي آواز ماڻهن لاءِ آواز بڻجڻ آهي
دعا آهي ته الله پاڪ اسان جي محترم استاد ۽ مربي سائين عبدالرحمان اوٺو صاحب جو شفقت ڀريو سايو
شال هميشه اسان تي قائم ۽ دائم رهي آمين
حقير بنده گل محمد اوٺو
 
Back
Top