عبدالرحمان اوٺو ٿرپارڪر
جونيئر رڪن
دُنِيا سڀ درياهه،
ڪو ڪو تارو تنهن ۾،
هڪڙي لهر توبهه جي،
ٻيو آتش جو آڙاھه،
جن رِينجهايو الله،
سي تري ويا هن تار مان۔
مطلب ته هي دنيا سڀ درياهه آهي،
يعني هي ساري دنيا خطرناڪ، اونهي پاڻيءَ وانگر آهي.
هتي سڀ نه پر ڪو ڪو ئي تارو آهي،
جيڪو ان درياهه مان پار لنگهڻ جو رستو ڏيکاري ٿو.
هڪ لهر توبهه جي،
يعني جيڪڏھن ڪنهن انسان شرڪ ظلم ۽ ڏوهن کان توبهه ڪئي ته اها لهر پار وٺي ويندي،
ٻيو آتش جو آڙاھه،
يعني ٻي لهر باهه وانگر آهي،
جيڪا انسان کي سڙائي ڇڏيندي.
جن الله کي راضي ڪيو، يعني جن نيڪ ڪم ڪيا
صرف هڪ الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاء،
سي ان تار (رستي) مان تري ويا،
يعني محفوظ طريقي سان پار لنگهي ويا.
ڪو ڪو تارو تنهن ۾،
هڪڙي لهر توبهه جي،
ٻيو آتش جو آڙاھه،
جن رِينجهايو الله،
سي تري ويا هن تار مان۔
مطلب ته هي دنيا سڀ درياهه آهي،
يعني هي ساري دنيا خطرناڪ، اونهي پاڻيءَ وانگر آهي.
هتي سڀ نه پر ڪو ڪو ئي تارو آهي،
جيڪو ان درياهه مان پار لنگهڻ جو رستو ڏيکاري ٿو.
هڪ لهر توبهه جي،
يعني جيڪڏھن ڪنهن انسان شرڪ ظلم ۽ ڏوهن کان توبهه ڪئي ته اها لهر پار وٺي ويندي،
ٻيو آتش جو آڙاھه،
يعني ٻي لهر باهه وانگر آهي،
جيڪا انسان کي سڙائي ڇڏيندي.
جن الله کي راضي ڪيو، يعني جن نيڪ ڪم ڪيا
صرف هڪ الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاء،
سي ان تار (رستي) مان تري ويا،
يعني محفوظ طريقي سان پار لنگهي ويا.