نالو: حفظ الله ڪاڪا ”ڪيف“ تعليم: ماسٽرس (جرنلزم) ڄم جي تاريخ: پهرين مئي اوڻيهه سئو پنجاسي ايڊريس: عبدالله سينٽر مين قاسم آباد روڊ حيدرآباد سنڌ تخلص: ڪيف سرگرميون: ڪهاڻيون، آرٽيڪل لکڻ، شاعري ڪرڻ صحافت پروفيشنل ڪم آهي۔ سنڌ لا دعاگو۔۔۔۔
جواب: ح ف ظ ا ل ل ه ڪ ا ڪ اج و ت ع ا رف سائين ڀلي ڪري آيا۔ اوهان جهڙن دوستن جي هن فورم کي ضرورت آهي اسان کي اوهان جي قيمتي لکڻين جو انتظار رهندو۔ جيئي سنڌ۔
جواب: ح ف ظ ا ل ل ه ڪ ا ڪ اج و ت ع ا رف سائين اوهان جي خدمت ۾ ڪجهه نماڻيون تحريرون پيش ڪري چڪا آهيون۔۔۔ انهن تي نظر رکي همت افزائي ڪندا۔ مهربانيون حفظ الله ڪاڪا
جواب: ح ف ظ ا ل ل ه ڪ ا ڪ اج و ت ع ا رف حفظ الله ڪاڪا، عرف “ ڪيف” هن اڱڻ جو سونهون به آهي ته ڪافي ليک به ڏنل اٿس، جيتوڻيڪ اسين کيس لکڻين مان ئي سڃاڻي ورتو آهي پر تنهن هوندي به سندس شخصي تعرف پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي ۔۔۔ پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل انسان آهي “ڪيف” ۔۔۔ سيني ۾ سنڌيت جو سور رکندڙ انسان آهي، کيس عوام ۽ غربت جو غم سندس دل ۾ موجود درياهه جيئان اٿل پٿل ڪري رهيو آهي ۽ هي دوست ان سور، غم ۽ ڏک کي پنهنجي قلم ذريعي ظاهر ڪري جهاد ڪرڻ جو حامي آهي ۔۔۔ اسانجي دعا آهي ته سندس قلم مان سچ ۽ حق جي ڳالهه نڪرندي رهي ۽ هو قومي ترقي جي راهه ۾ پاڻ ملهائيندو رهي ۔۔۔ ادا “ ڪيف ” اسانجو دعائون اوهان سان گڏ آهن ۔۔۔ ۽ اميد ته اوهانجي حق ۽ سچ واري آواز ۾ اسانجو آواز به ڪنهن ڪنڊ کان ضرور شامل هوندو ۔۔۔ اميدن تي جهان قائم آهي ۔۔۔ والسلام
جواب: ح ف ظ ا ل ل ه ڪ ا ڪ اج و ت ع ا رف نثار سائين اوهان جون آڇون ته اندر ۾ اڻ تڻ پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ جي سورن مٿان مرهم بدران ساڙ جا شعلا پيدا ڪندڙن خلاف سگهارو آواز اٿارڻ جو درس ڏين ٿيون۔۔۔ سائين ويل ته نه آهي ويهڻجي پر اسان صرف ”پر“ واري پردي پٺيان لڪل آواز اٿارڻ ۾ مصروف آهيون۔۔ جيڪڏهن اسان محترم زاهد شيخ واري ٻول مطابق ته" آواز اســــان جــــي کــــــي ديوار ڇا روڪينـــــدي، تو ”سنڌ“ لا مان ڳائيندس طوفان سان گولين ۾۔ واري آواز سان هم ڪلام ٿي اڳڀرائي ڪريون ته ڏکن جا ڏنڀ ضرور هڪ ڏينهن اجهڻ تي مجبور ٿيندا ۽ اهڙي تيز هوا لڳندي جو ڏيئن مان اڏندڙ دونهون ته پري جي ڳالهه آهي سنڌ کي ڏک ڏيندڙ ڏيئا به ڀڄي ڀور ٿي ويندا۔۔۔ نماڻو عرضدار حفظ الله ڪاڪا
جواب: ح ف ظ ا ل ل ه ڪ ا ڪ اج و ت ع ا رف واه قبلا واه ۔۔۔۔۔ اوهان جي اندر جا اُڌما سچ پُڇو ته اصل هينئو ٺاري وڌوئي۔۔۔۔ سائين معاف ڪجو جو اوهان جي تعارف تي دير سان نظر پئي۔۔۔ پهريان اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ ڀليڪار لکان هان پر اوهان جي گرم جوشي ڏسي هاڻي سوچيم ته اوهان کي هن اڱڻ تي اچڻ جون واڌايون ڏجن۔۔۔۔۔ لک قرب جو اوهان هن محبتي اڱڻ تي ڪهي آيا آهيو۔۔۔ اوهان جهڙا قابل دوست هن اڱڻ تي ڪافي موجود آهن انشاءُالله اوهان جي تحريرن جو وقتائتو جواب ڏيندا رهندا۔۔۔۔
جواب: ح ف ظ ا ل ل ه ڪ ا ڪ اج و ت ع ا رف ادا حفظ الله ڪاڪا ”ڪيف“ توهان جي لکڻين جا ديوانا ته اڳ ۾ ئي آهيون، توهان جو تفصيلي تعارف پڙهيوسين۔۔ ڄاڻي ڏاڍي خوشي ٿي ته اوهان جهڙا سنڌي اديب سنڌ جي دردن تي اندر جي ضمير جي آواز تي قلم کڻن ٿا۔۔۔۔ مهرباني ادا ۔۔ توهان جي ٻين نون ليکن جو انتظار رهندو۔۔
جواب: ح ف ظ ا ل ل ه ڪ ا ڪ اج و ت ع ا رف سنڌ امڙ جي نيڪ اڱڻ تي ۔۔۔۔۔۔ واه واه جا ڪيم واڪا سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوست اچي ويو ڪاڪا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سلام ادا اوهان جون لکڻيون تمام زبردست آهن ۽ هاڻي اوهان جو مڪمل تعارف پڙهڻ کانپو ڏاڍي خوشي ٿي۔۔ سدائين گڌ۔۔۔
جواب: ح ف ظ ا ل ل ه ڪ ا ڪ اج و ت ع ا رف اسان پنهنجي نئين آيل مهمان کي ڀلي ڪار چئون ٿا اميد ته سندن ساٿ سان اسان جي علم ۾ اضافو ٿيندو۔