• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آئيس سميت تمام منشيات، انسانيت لاءِ زهرِ قاتل آهن

آئيس سميت تمام منشيات، انسانيت لاءِ زهرِ قاتل آهن
( تحرير عبدالرحمان اوٺو )
اها افسوسناڪ حقيقت آهي
اسان جا ذهين، باشعور ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان ڀرپور نوجوان جو نشي جي لعنت جو شڪار ٿي وڃڻ رڳو انفرادي نقصان ناهي، پر سڄي سماج لاءِ هڪ وڏو الميو ۽ ڳڻتي جوڳي حالت آهي. اھڙا واقعا صرف ھڪ شخص يا خاندان تائين محدود نه آھن
پر ان جا اثر پوري سماج، خاص طور نوجوان نسل تي پون ٿا، جيڪي هر قوم جو مستقبل هوندا آهن.
آئيس Methamphetamine هڪ اهڙو خطرناڪ نشو آهي، جيڪو نه رڳو انسان جي جسماني ۽ ذهني صحت کي تباھ ڪري ٿو، پر انسان جي سماجي، خانداني ۽ پيشورانه زندگي کي پڻ تباهه ڪري ڇڏي ٿو. ڪيترائي نوجوان شاگرد بااخلاق ۽ تعليم يافته ان عفريت جو شڪار ٿين ٿا اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته
نشو ڪنهن به طبقي، عمر يا سطح کي نه ٿو ڏسي.
ٿرپارڪر جهڙي پسمانده علائقي ۾ آئيس جهڙي نشي جي موجودگي انتهائي افسوسناڪ ۽ تشويشناڪ ڳالهه آهي. اها نه رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناڪامي آهي پر سماجي بي حسي جو به مظاهرو آهي. نشي خلاف جنگ صرف پوليس جو ڪم ناهي، پر سڄي معاشري، والدين، استادن، علمن، صحافين ۽ نوجوانن جو گڏيل فرض آهي ته اُهو هن جنگ ۾ اڳڀرو حصو وٺن.
اسان ڏيپلو ۾ عوامي سطح تي ڪيترن ئي سالن کان منشيات خلاف قلم، زبان ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي مسلسل جدوجهد ڪندا رهيا آهيون. اسڪولن، محلن ,بازارن ,عوامي فورمز ۽ ميڊيا تي بار بار ان خطرناڪ رجحان بابت خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن منشيات، خاص ڪري آئيس جهڙي خطرناڪ نشي کي روڪڻ لاءِ مؤثر قدم نه کنيا ويا، ته اسان جي نوجوان نسل ذهني، جسماني بيمارين ۽ سماجي تباهيءَ جو شڪار ٿي ويندو ـ
اسان آءِ جي سنڌ، سمورن ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز، ۽ منشيات جي روڪٿام ڪندڙ ادارن کان هي پرزور مطالبو ڪيون ٿا ته
آئيس ,شراب ۽ ٻين منشيات جي واپار ڪندڙ نيٽ ورڪن کي جلد کان جلد وائکو ڪري قانوني گرفت ۾ آندو وڃي
ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ هاسٽلن ۾ موجود منشيات جي واپار جي نشاندهي ڪري سخت نگراني ڪئي وڃي
هڪ جامع عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي، جتي نشي جي تباهين بابت انکن اکرن سان عوام کي آگاهي ڏيئي سمجهايو وڃي.
نوجوانن کي بچائڻ رڳو انهن جي خاندان جي ذميواري نه آهي بلڪي اسان سڀني جي اجتماعي ذميواري آهي.
نشو هڪ خاموش زهر قاتل آهي، جيڪو اسان جي ايندڙ نسل کي انڌيرن ۾ ڌڪيليندو آهي، جيڪڏهن اسان هينئر به خاموش رهياسين. ته
اسان کي ايندڙ انساني تاريخ معاف نه ڪندي
اچو ته گڏجي پنهنجي آواز کي بلند ڪريون،
پنهنجن ٻارن جي اخلاقي ۽ سماجي ذميداري سان نگراني ڪريون، ۽ منشيات خلاف قومي شعور بيدار ڪريون.
هي وقت تماشائي بڻجڻ جو نه آهي
پر عملي ڪردار ادا ڪرڻ جو آهي.
 
Back
Top