عبدالرحمان اوٺو ٿرپارڪر
جونيئر رڪن
اوٺن جو ڪوٽ ,واپار، علم ۽ محبت جو گم ٿيل شهر
( تحرير : عبدالرحمان اوٺو )
اوٺن جو ڪوٽ
جي نالي سان ماضي جو خوبصورت شهر هو
جيڪو هن وقت مٽيءَ ۾ دفن ٿيل تهذيب جي ڪهاڻي آهي ۽ ھاڻي کيس اوٺن جو دڙو يا موئن جو دڙو سڏيو وڃي ٿو,
اوٺن جي دڙي جو ذڪر لاڙجي مشهور ليکڪ محمد سومار شيخ صاحب پنهنجي ڪتاب ,لاڙ جا ماڳ ۽ مڪان,
۾ پڻ ڪيو آهي
بدين شهر کان حيدرآباد ويندڙ روڊ تي،
موجوده پيرو لاشاريءَ جي اتر-اولھ طرف سڏ پنڌ تي، وقت جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيل هڪ ماڳ سڏ جي ٿو
”اوٺن جو دڙو“
اڄ جو رستو، جيڪو بدين کان حيدرآباد وڃي ٿو
ساڳئي دڙي جي وچ مان آهستي آهستي لنگهي ٿو،
ڄڻ ته انساني تاريخ جي ڇاتيءَ تان گذري رهيو هجي۔
ڪڏهن هتي اوٺا برادريءَ جو وڏو ڳوٺ هو
اوٺا برادري جن جي همت , عزت ۽ دولت جو آواز پري پري تائين ويندو هو۔
آهستي آهستي اهو ڳوٺ واپار ۽ خوشحاليءَ جي خوشبو سان شهر ۾ بدلجي ويو۔
هن شهر جي ڀرسان وهندڙ ڳٺي جي ڍوري سبب وڏي ترقي ملي, ڍوري جي پيٽ مان مختلف ولايتن کان ايندڙ ٻيڙيون املهه ۽ قيمتي شيون کڻي اينديون هيون۔
هتي جا واپاري نه صرف نيرون ڪوٽ
( موجوده حيدرآباد ) سان لاڳاپيل هئا پر عربي سمنڊ جي رستي کان ايندڙ عرب سوداگرن سان به سندن واپاري تعلقات مضبوط هئا۔
اهو شهر رڳو واپار جي ڪري مشهور نه هو بلڪي علم ۽ روشنيءَ جو به ماڳ هو۔ هتي مدرسا جام هئا
جن مان هڪ مدرسو ته پنهنجي شان ۽ علمي عظمت ۾ يونيورسٽيءَ جي حيثيت تائين پهتل هو۔
پري پري کان شاگرد هتي ايندا هئا ۽ علم جي زيور سان پنهنجو روح سينگاريندا هئا۔
هي مڪتب شاهي جامع مسجد ۾ قائم هو
هتي رات جو به مسجد کي روشن رکيو ويندو هو ته جيئن ٻالڪ پنهنجا سبق چمڪندڙ ڏيئن جي روشنيءَ ۾
ياد ڪري سگهن۔
جيڪي شاگرد ٻاهران ايندا هئا
تن جي گذر سفر لاءِ، سڀ مقامي شاگرد گڏجي شهر مان هر خميس تي حال سارو مدد وٺندا هئا۔
شهر وارا محبت ۽ سخاوت سان پنهنجي مال مان
ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيندا هئا۔ ائين ڦڙي ڦڙي گڏ ٿيندو هو ۽ هڪ تلاءُ جيان ڀرجي ويندو هو ته
جيئن پرديسي شاگرد بنا ڪنهن فڪر جي علم جي مشعل کي روشن رکي سگهن۔
ان وقت علم کي پئسن ۾ نه پر محبت ۽ سهڪار ۾ ماپيو ويندو هو, شاگردن کان ڪا به فيس نه ورتي ويندي هئي
بلڪه سندن علمي سفر ۾ ڀرپور مدد ڪئي ويندي هئي۔
پر رب جي قدرت ڏسو
هڪ ڏينهن اهو شهر جيڪو واپار، علم ۽ خوشحاليءَ ۾ مثال هو
اهڙي زلزلي سان لوڏي ويو جو چند لمحن ۾ ئي مٽيءَ جي دڙي ۾ بدلجي زمين دوز ٿي ويو۔
هي ئي ”اوٺن جو ڪوٽ“
اڄ اوٺن جو دڙو“ يا ”موئن جو دڙو“ سڏجي ٿو۔
هن دڙي جي ڀر ۾ اڄ به ڪجهه اوٺا برادري جا ڳوٺ آباد آهن ۽ ٽالپر، ملاح، شيخ ۽ ٻيون برادريون به هتي آباد آهن۔
هي دڙو اڄ به لڳ ڀڳ ڇٽيهه ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي پکڙيل آهي
(پر هاڻي شايد ان زمين تي ڪافي ماڻھن قبضا ڪري
آباد ڪري ڇڏي آهي )
قديم دور ۾ هن شهر کي”اوٺن جو ڪوٽ“ چيو ويندو هو، جيڪو ڳٺي جي ڍوري جي ڀر تي ٺهيل هو۔
ڳٺو ڍورو هن ڪوٽ جي اوڀر ۽ ڏکڻ طرف کان وهندو هو
جيڪو ”دلن جي ڪوٽ“ کان گذري، هتان اچي پنهنجي سفر کي جاري رکندو هو۔
( تحرير: عبدالرحمان اوٺو )
ماخوذ: ڪتاب "لاڙ جا ماڳ ۽ مڪان"