ڪڏهن ڪڏهن شاعر به عجيب طرح سان دل جي ڳالهه ڪري ويندا آهن ۔ هي ڏسو امداد حسيني اڄ منهنجي من جي ڳالهه ڪئين الائي آ، مٿان وري دوست سليمان وساڻ ڪيئن سجائي آ ۔۔۔
جواب: اڄ مڙئي سور سوايو آ ها سائين سور مڙئي سرس آهن۔۔۔۔ رات ٺري لوڪ سُتو سُتا ڪين سُور پل پل ماروئڙن جا مونکي پون پُور پو سوُرن مٿان سُور وئي وهامي راتڙي۔۔۔۔
جواب: اڄ مڙئي سور سوايو آ ڄامشورو شهر جي اهڙي بهترين شاعر جي چونڊ شاعري سا به هڪ دلڪش تصوير سان گڏ ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔ مهرباني ادا۔
جواب: اڄ مڙئي سور سوايو آ واهه واهه ٿي وئي ۔۔۔۔۔۔ اڄ امداد حسيني جو جنم ڏينهن آهي ، سندس ساڳيو ئي غزل تعمير حسين جي آواز ۾ مون جـــڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ زور ڪيـــڏو هَــــوا لــڳايو آ توکي چاهيون ٿا، توکي چاهيون ٿا بَــحث ان تــي ڪـرڻ اجـــايو آ هڪڙو ماڻهو ئي آهي اچڻو پر مون سڄو گهر کڻي ســجايو آ حال امـداد جو پُـڇو ڇا ٿا اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ
جواب: اڄ مڙئي سور سوايو آ هي ونڊ مون ڪيو هو ۔۔۔ پڪ سان هاڻ ڪراڙا ٿي ويا آهيون، خئير امدا حسيني، سنڌ جو حسيني شاعر آهي، کيس اسانجو سلام هجي ۔۔۔ اهو نظم جيتوڻيڪ ڪيترن دوستن رنگ ڏئي پيش ڪيو هوندو پر سليمان جا رنگ چٽا هوندا آهن ۔۔۔ واه واه ۔۔۔ گيت منهنجي من جو آواز دوسن جا ٿورا جن پسند فرمايو ۔۔۔
جواب: اڄ مڙئي سور سوايو آ سائين بلڪل هي ونڊ اوهان جو ئي ڪيل آهي۔ تڏهن مان سنڌ سلامت جو حصو ڪونه هيس ۽ اوهان شايد فيسبوڪ تان اها تصوير کڻي ونڊ ڪئي هئي۔ جنهن جو اوهان ذڪر به ڪيو هو۔ امداد حسيني نرالو شاعر ۔۔۔ شال سدائين خوش هجي۔