فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
ڪتاب "بستان تارڪ" هڪ فڪري ۽ ادبي اثاثو...!
فقير محمد سنڌي
بلند سڀن کان اعلي صفتن ۾،
۽ نہ ٿو سجدو ڪري جيڪو هٺيلو آهي. (بستان تارڪ)
"بستان تارڪ" علامہ محمد هدايت علي نجفي تارڪ جي فڪري گلشن مان چونڊيل گلن جو اهڙو خوشبودار گلدستو آهي جيڪو سنڌ جي فڪري ۽ ادبي ورثي ۾ هڪ يادگار اضافو آهي. هي ڪتاب جنهن جي اصل عربي ڪلام جو ترجمو مولانا جوهر بروهي،" عرفان سالڪ" جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ جي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جي محنت ۽ ادبي شعور سان مرتب ٿيل علامہ تارڪ اڪيڊمي، جوڻاڻي شريف وارھ 2023ع پاران شايع ٿيو ڪيو آهي . ڪتاب جي ارپنا علامہ محمد هدايت نجفي تارڪ ۽ فقير قادر بخش المعروف قادن فقير لاءِ آهي جيڪي پنهنجي وقت جا علمي ۽ روحاني ستارا رهيا.
علامہ هدايت علي نجفي تارڪ جنم هنڌ لعلو رائنڪ تعلقو وارھ ضلعو لاڙڪاڻو 29 جولائي 1894ع وفات جي تاريخ 9 مارچ 1939ع، 17محرم الحرام 1358هجري آهي. پنهنجي دور ۾ سنڌ جي انهن عالمن مان هو جن علم ۽ روحانيت کي گڏجي هڪ اهڙو فڪري نظام ڏنو جنهن ۾ ديني بصيرت، عربي ادب جي لطافت ۽ سنڌي مزاج جي نزاڪت موجود هئي. هو نہ رڳو هڪ فقيه ۽ محدث هو پر عربي شاعريءَ ۾ بہ ذوق رکندو هو. عربي ڪلام ۾ قرآني استدلال، حديثي اشارت ۽ صوفيانہ رمزيت جو امتزاج نظر اچي ٿو. "بستان تارڪ" ۾ شامل قلمي نسخو فڪري ورثي جو هڪ اهم حوالو آهي جيڪو هاڻي تحقيق ۽ مطالعي لاءِ دستياب پڻ ٿيو آهي.
ڪتاب ۾ شامل ترجمو صرف لفظي منتقلي نہ آهي پر فڪر ۽ احساس جي ترجماني جو حسن پڻ آهي . مولانا جوهر بروهي جي عربي زبان تي عبور ۽ سنڌي اظهار تي گرفت ترجمي کي اهڙو رنگ ڏنو آهي جو پڙهندڙ کي لڳي ٿو ڄڻ هي ڪلام اصل کان ئي سنڌيءَ ۾ چيو ويو آهي . "عرفان سالڪ" کي ادبي ذوق ۽ مترجمي واري سنجيدگي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت کي وڌائي ڇڏيو آهي.
اي ﷲ منھنجا! ڏي مونکي علم ڀلائي وارو،
پو ثنا ڪيان اُن جي لاڳيتو. (بستان تارڪ)
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي مقدمي ۾ علامہ هدايت علي نجفي تارڪ جي شخصيت، فڪري پسمنظر ۽ ڪلام جي علمي حيثيت کي تاريخي حوالن سان واضح ڪيو آهي. مقدمو نہ صرف ڪتاب جي تشريح آهي پر هڪ علمي مقالو بہ آهي جنھن ۾ سنڌ جي ديني فڪري تحريڪن، عربي ادب جو مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ اچڻ ۽ ان جي مقامي اظهار بابت اهم معلومات ڏني وئي آهي.
"بستان تارڪ" ۾ شامل علامہ هدايت علي نجفي تارڪ جو قلمي نسخو نہ صرف متن جي سند آهي پر سنڌ جي عربي ادبي ورثي جي حفاظت ۾ هڪ اهم قدم آهي. هي نسخو لڳ ڀڳ 20هين صديءَ جي وچ ڌاري جو آهي ۽ رواجي نسخ خط ۾ لکيل آهي جيڪو عربي ۽ فارسي مخطوطات ۾ رائج هو.
لکت جو اسلوب: لکت نرم، وهندڙ ۽ بغير نقطن جي خطي غلطين کان پاڪ آهي جيڪو ظاهر ڪري ٿو تہ ڪاتب عربي ادب ۽ ديني متن جي تحرير ۾ ماهر هو.
هن قلمي نسخي کي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ سان پڙهندڙ کي اصل متن ڏسڻ، ان جي (خطاطي) خصوصيتن کي پرکڻ ۽ متن جي تصحيح لاءِ مدد ملي ٿي. هي ڪم سنڌ جي مخطوطاتي ورثي جي تحفظ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي.
سنڌ ۾ عربي شاعريءَ جي تاريخ عباسي دور کان وٺي جديد دور تائين پکڙيل آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات: 1174هه) کان وٺي شيخ عبدالمجيد امجد تائين ڪيترائي عالم سنڌ مان عربي شاعري ڪندا رهيا، پر علامہ هدايت علي نجفي تارڪ جو ڪلام پنهنجي فڪري گهرائي ۽ صوفيانہ اسلوب سبب منفرد آهي. سندس دور ۾، خصوصاً20هين صدي جي وچ ڌاري، سنڌ ۾ ديني درسگاهن ۾ عربي ادب جي تدريس جو رواج زور تي هو جنهن جو اثر فني ۽ فڪري تعمير تي بہ پيو.
علامہ جوهر بروهي جي مهاڳ ۾ نہ صرف ترجمي جي اصولن تي روشني وڌي وئي آهي پر علامہ هدايت علي نجفي تارڪ جي ڪلام جي معنوي دروازن کي بہ کوليو ويو آهي. بروهي صاحب پنهنجي مهاڳ ۾ عربي ڪلام جي صوفيانہ علامتن، فڪري تناسب ۽ ديني رنگ تي عالمانہ گفتگو ڪئي آهي.
ڊاڪٽر اسير قريشي جو مقدمو پنهنجي تحقيق ۽ تاريخي شعور سبب، ڪتاب کي هڪ دستاويزي حيثيت ڏئي ٿو. مقدمو پڙهندڙ کي علامہ تارڪ جي فڪر کان وٺي سنڌ جي علمي فضا تائين هڪ سفر ڪرائي ٿو.
"بستان تارڪ" رڳو هڪ ادبي ترجمو نہ آهي پر سنڌ جي عربي ادبي ورثي کي محفوظ ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي. هي ڪتاب نہ صرف ديني درسگاهن لاءِ حوالو بڻجي سگهي ٿو پر ادبي محققن، تاريخدانن ۽ سنڌي عربي ادب جي شاگردن لاءِ بہ هڪ اهم ماخذ آهي.
قلمي نسخي جو شامل ٿيڻ ان ڪتاب کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو ڇو تہ اهو پڙهندڙ کي علامہ هدايت علي نجفي تارڪ جي فڪر جو اصل ذريعو مهيا ڪري ٿو. هي بستان، فڪر جا گل، تاريخ جا حوالا ۽ ادب جي خوشبوءَ سان هڪ هميشہ زنده گلشن بڻجي رهندو. آخر ۾ "بستان تارڪ" ڪجھ سٽون :
اکين ڏٺو منھنجيءَ، جمالِ مصطفي،
نور چمڪندڙ ڪمالِ مصطفي.
رب! پھچي روح منھنجو تنھنجي در،
روح لئہ راحت آ حالِ مصطفي.
روزاني هلال پاڪستان ڪراچي 22 آگسٽ 2025ع