• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪتاب "ريڊيو روح رهاڻ" مرتب (راهب لاڙڪ) جو سرسري جائزو...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
ڪتاب، "ريڊيو روح رهاڻ " مرتب (راهب لاڙڪ) جو سرسري جائزو...!
فقير محمد سنڌي
سنڌي معاشري ۾ ميڊيا جي تاريخ ۽ ادبي اثر تي تحقيق ۾ ھڪ بنيادي ماخذ.
ريڊيو ۽ ساڳي صنف جا تجربات ۽ ڪوششن کي اجاگر ڪري بهتر روايات سان سکي سگهجن ٿيون.نحوي تعارف، راڄ ۾ نالا، ريڊيو جو ابتدائي دور ۽ سماجي ماحول جو ذڪر ريڊيو صرف آواز نہ روح جي راحت ۽ اڪلائي جو دوست پڻ آهي. ناليواري براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو ڪتاب جو مهاڳ لکندي ريڊيو ميڊيا جي اجتماعي ڪوششن ۽ ثقافتي حيثيت تي روشني وڌي آهي.
ڪتاب جو مقصد پروڊيوسرز، ڪمپيئرز، لسنرز ۽ فنڪارن سان ٿيندڙ وقت بہ وقت انٽرويوز گڏ ڪري ترتيب ڏئڻ آهي ۽ اهو زندگيءَ ۾ ڏکيو ڪم آهي جيڪو راهب لاڙڪ پڙهندڙن جي آڏو آسان ڪري پيش ڪيو آهي.
ڪتاب علمي ۽ جذباتي مرڪب آهي جيڪو ريڊيو جي اخلاق، فن ۽ اثر کي هٿون هٿ پيش ڪيو ويو آهي.
پروڊيوسر انتهائي ذميواري وارو شعبو آهي جتي سوچ پيدا ٿئي ٿي، پروگرامَ ٺاهڻ جي فلسفي ۽ سامعين سان رابطن جا تجربا ميسر ڪرڻ ڌيان طلب ڪم آهي.
ڪمپيئر جي اهميت جو هڪ الڳ نمونو ۽ شعبو آهي جيڪو نثر توڙي نظم ۾ معيار رکڻ، پيشہ ورانہ لطافت، آواز جي چونڊ، گفتگو جون ٽيڪنيڪس ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش، هدايتون شامل رهنديون آهن.
لسنر، عام ماڻهن جا تاثرات، ريڊيو ٻڌڻ واري عادت، پسنديده شيون،سماجي پيغام جو اثر، سکڻ جو بهترين موقعو، معلومات حاصل ڪرڻ،ذهن نشين ڪرڻ، ريڊيو ٻڌڻ ۽ سمجهڻ عوام لاءِ ڪارائتو آهي. فنڪار، ليکڪ، شاعر، ڳائڪ، اسٽار، اينڪر، فن جي دنيا کي آواز، لفظ ۽ موسيقي جو حسن بخشين ٿا.اهڙو مواد ريڊيو روح رهاڻ ۾ موجود آهي جنھن کي اڄ جو لسنر پڙهي سگهي ۽ هاڻي ريڊيو ۾ اها جدت متعارف ڪرائي وئي آهي تہ لسنر هر آواز کي ٻڌي ۽ ڏسي سگهي ٿو.
ڪتاب اندر ڪجھ زندگيءَ جا تجربا، مشاهدا ۽ تاريخي جملا پڙهڻ لاءِ ترو تازا ۽ دلڪش آهن. ريڊيو کي جيڪو سمجهي. ريڊيو آواز جي وسيلي رهبريءَ جو ڌڳ مهيا ڪري ٿو.
“ريڊيو صرف آواز نہ، هڪ زنده روح آهي جيڪو دلين ۾ راڄ ڪري ٿو .”
ريڊيو جو آواز نہ صرف اميد ۽ جدوجهد سيکاري ٿو بلڪہ ريڊيو جي کليل آراهنَ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪري ٿو. هي ڪتاب تاريخي ۽ ثقافتي تناظر ۾ ريڊيو جي ابتدائي دور کان وٺي جديد ٽيڪنالوجي تائين سفر سان لاڳاپيل يادگيرين جا پل مھيا ڪري ٿو. ثقافتي اثر سنڌي سماج، ٻولي، مقامي روايتون، ۽ سماجي مسئلن تي ريڊيوءَ جو اثر واضح نظر اچي ٿو. ٽيڪنالوجي ۽ سماجي تبديليون ڪيئن ريڊيو، موبائل، انٽرنيٽ ۽ پوڊ ڪاسٽس دور ۾ پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي . اهڙي نموني راهب لاڙڪ دوستن کي هڪ هنڌ ڪتابي صورت ۾ تاريخ جو امر حصو بڻايو آهي. منھنجي نظر ۾ انٽرويوز جو مجموعو هڪ اهم دستاويزي ماخذ آهي. جائزي ۾ معياري حوالا (quotes) ادبي ۽ تحقيقاتي مقصد لاءِ ڪارآمد آهن. ثقافتي ۽ تاريخي بصيرت سان گڏ پيش ٿيل آهي جنهن سان ڪتاب دلچسپ ۽ علمي ٺهيل محسوس ٿئي ٿو.مختصر پر معنيٰ خيز مهاڳ، سڌي گفتگو سان تحريري متن پڻ حسناڪي جو ڏيل ڏئي ٿو. انٽرويوز مان چونڊيل سوال ۽ جواب ترتيب سان معمولي پڙهندڙ لاءِ آسان آهن. 143فردن جا انٽرويوز ۽ تعارف ڪتاب جي حسناڪي ۾ ويتر حسن بخشي رهيا آهن.
ريڊيو فن، نشريات، ثقافتي مطالعي، ۽ ڏسڻ واري ٽي وي جي بجاءِ آڊيو ميڊيا پسند ڪندڙن لاءِ هڪ اهم وسيلو پڻ آهي.
"ريڊيو روح رهاڻ" هڪ معنوي، ادبي ۽ تحقيقي لحاظ سان جوڙيل ڪتاب آهي جنهن ۾ راهب لاڙڪ جديد ريڊيو ثقافت تي انٽرويوز ذريعي نيون ڪوششون ڪيون آهن. اقتباس ۽ چوڻيون، تاريخي حوالا، ۽ ثقافتي بصيرت ان کي پنهنجي ميدان ۾ اهم مقام تي بيهاري ٿو.
ڪتاب "ريڊيو روح رهاڻ" ريڊيو جي دنيا جو هڪ اهڙو مهڪندڙ گلشن آهي جتي هر انٽرويو هڪ خوشبوءِ ڀري گلدان وانگر پنهنجو رنگ، خوشبو ۽ سُر ڏئي ٿو. ان ۾ شامل تعارف ۽ ڳالھ ٻولھ صرف لفظن جو سلسلو نہ پر وقت جي اُن لهر وانگر آهن جيڪا ماضيءَ جي يادگيرين کي نرم سُر ۾ ساڻ کڻي اچي ٿي. هر صفحو ريڊيو جي روشن ڏينهن، سونهري آواز ۽ انھن شخصيتن جي محبت سان ڀرپور آهي جن پنهنجي فڪر، فن ۽ جذبي سان سنڌي ثقافت کي سجايو. ڪتاب ۾ موجود هر انٽرويو ڄڻ هڪ ريڊيو لهر جي صورت ۾ ڪنن کان دل تائين سفر ڪري ٿو جتي پڙهندڙ کي لفظن ۾ سُر، احساس ۾ آواز ۽ خاموشيءَ ۾ بہ ڳالهائڻ جو هنر محسوس ٿئي ٿو. "ريڊيو روح رهاڻ" نہ رڳو ريڊيو جي تاريخ جو حسين گلدستو آهي پر اهو سنڌي فن، ادب ۽ فڪر جي اهڃاڻن کي امر ڪرڻ جو هڪ خوبصورت ادبي وٿ بہ آهي. هي ڪتاب، پڙهندڙ لاءِ، ريڊيو جي اُن دور ڏانهن ويندڙ هڪ محبت ڀري لڙهي آهي جتان لهجن ۾ مٺاس ۽ لفظن ۾ روشني هئي.
 
Back
Top