فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
سرمد عباسيءَ جو ناول: "سنڌ يار" جو اڀياس..!
فقير محمد سنڌي
ٻارن جو ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو اهم حصو آهي، جيڪو نہ صرف ٻارن جي تفريح جو ذريعو بڻجي ٿو پر انهن جي شخصيت سازي، فڪري واڌاري ۽ جذباتي تربيت لاءِ پڻ انتهائي ضروري آهي. سرمد عباسيءَ جو ناول "سنڌ يار" بہ انهيءَ تسلسل جو اهم ۽ مثالي ڪتاب آهي، جيڪو ٻارن جي دنيا سان مخاطب ٿيندي، انهن کي درياھ ، ماحول، ابي جيوت، جانورن، بهادري، همدردي، ۽ شهرت جي نون پاسن کان آگاهي ڏئي ٿو.
ناول جي زبان سادي، روان، ۽ ٻارن جي سطح جي مطابق آهي، جڏهن تہ واقعا، ڪردار ۽ ماحول اهڙيءَ مهارت سان بيان ڪيا ويا آهن، جو پڙهندڙ پاڻ کي انهن منظرن جو حصو محسوس ڪري ٿو.
. سنڌو درياهه، سنڌ يار ۽ ڪاشي: احساس ۽ همدردي جي علامت طور منظر تي آهن.
ناول جو مرڪزي ڪردار "سنڌ يار" هڪ بهادر ۽ حساس ٻار آهي، جيڪو پنهنجي ساٿي ڪاشي سان گڏ درياھ، آبي جيوت، ۽ فطري ماحول سان محبت جو جذبو رکي ٿو. هن حصي ۾ سرمد عباسي سنڌو درياھ کي صرف هڪ پاڻيءَ جو وهڪرو نہ، پر هڪ ثقافتي، روحاني، ۽ حياتياتي نظام طور پيش ڪيو آهي. سنڌ يار ۽ ڪاشي جي همدردي ۽ احساس جا منظر ٻارن لاءِ اخلاقي تربيت جو ذريعو بڻجن ٿا.
واڳون سان ويڙھ : بهادري جي علامت آهي جيڪا سنڌ سماج جي خمير ۾ شامل آهي. اهڙو ئي ڪردار مورڙي مير بحر جو تاريخ ۾ امر آهي.
ناول ۾ "واڳون" (مگر مڇ) سان مقابلي کي بهادري، دليري ۽ حفاظتي شعور جي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي. سنڌ يار، پنهنجي دوستن جي مدد سان، واڳون سان ويڙھ ڪري فطري توازن کي بچائي ٿو . هيءَ تمثيل ٻارن کي سيکاري ٿي تہ خطرن جي باوجود حق ۽ سچ لاءِ بيهڻ بهادري آهي.
ٻلھڻ ۽ حادثو: ماحولياتي بچاءُ،ٻلھڻ سنڌوءَ جي آبي جيوت ۽ ناياب نسل طور اسان وٽ باقي بچي آهي.
ڪهاڻيءَ جو هي حصو ماحولياتي تباهيءَ جي علامتن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جتي ٻلھڻ ممڪن آهي تہ درياھ ۾ اچانڪ ٿيندڙ وهڪرو لاٿ ۾ هجڻ اهو حادثو پيش اچي ٿو. هي واقعو ٻارن کي فطرت جي طاقت، ان جي احترام ۽ ماحول جي تحفظ بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ماحولياتي شعور اڄ جي دور جي ٻارن لاءِ انتهائي اهم آهي، ۽ سرمد عباسي هن موضوع کي خوبصورتيءَ سان پيش ڪيو آهي.پائولو فريئر جو ٻارن جي حوصلي لاءِ ذهني خاڪو ڪجھ هن ريت آهي.
"ٻار ڪو خالي ٿانوءُ ناهي، جيڪو ڀرڻو آهي پر هڪ ڏيئو آهي، جنھن کي روشن ڪرڻو آهي."
سنڌ يار ۽ ڪاشيءَ جي ناماچاري: ميڊيا ڪوريج جو داد بہ انسان لاءِ ڪنھن حوصلا افزائي کان گهٽ ڪونھي.
ناول جو هي حصو ٻارن کي ميڊيا جي اثرن بابت آگاهي ڏئي ٿو. سنڌ يار ۽ ڪاشي جي ماحولياتي بهادري، جڏهن ميڊيا جي ذريعي عام ٿئي ٿي، تہ سماجي سطح تي انهن جي ڪوششن کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. هن حصي ۾ سرمد عباسي غيرسڌي نموني ٻارن کي اهو سمجهايو آهي تہ ميڊيا صرف خبرون نہ ، پر مثبت ڪردار بہ معاشري ۾ اجاگر ڪري سگهي ٿي.
ٻلھڻ ۽ ارڙ نانگ: ٻيهر بهادريءَ جو اظھار
هتي "ارڙ نانگ" هڪ دشمن طور سامهون اچي ٿو، جنهن سان مقابلو ڪندي سنڌ يار پنهنجي بهادريءَ جو ٻيهر مظاهرو ڪري ٿو. ناول جو هي باب ٻارن جي حوصلي، ارادي جي مضبوطي، ۽ مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل جدوجهد جو پيغام ڏئي ٿو. نانگ جي تمثيل انساني خوفن ۽ خطري جي علامت آهي، جنهن کي سنڌ يار بهادريءَ سان منهن ڏئي ٿو. ناول ۾ ٻارن جي نفسيات کي ڌيان ۾ رکي سادي ۽ پراثر زبان استعمال ڪئي وئي آهي. هر باب ۾ هڪ اخلاقي سبق شامل آهي، جيڪو ٻارن لاءِ ذهني ترقي جو ذريعو بڻجي ٿو. منظرنگاري اهڙي تہ حياتي سان ڀرپور آهي، جو پڙهندڙ فطري منظرن کي پنهنجي اکين اڳيان ڏسي ٿو. فطرت، ماحول، ۽ مقامي ثقافت کي ناول جي ڇانيل خيال طور استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل:
برڪت ﷲ برق پاران لکيل، بيڪ ٽائيٽل ناول جي تخليقي اهميت کي بيان ڪري ٿو. برق، سرمد عباسيءَ جي انداز، موضوعن جي چونڊ، ۽ ٻارن لاءِ لکڻ جي فڪر کي ساراهيو آهي. هي بيڪ ٽائيٽل نہ صرف ناول جي پس منظر کي واضح ڪري ٿو پر پڙهندڙن لاءِ هڪ بصيرت افزا پيش لفظ پڻ آهي.
"سنڌ يار" سرمد عباسيءَ جي ٻارن لاءِ لکيل ادبي خدمت آهي، جيڪا نہ صرف تفريحي آهي، پر تعليم، ماحوليات، اخلاق، بهادري، ۽ ثقافتي شعور جو خزانو پڻ آهي. هي ناول سنڌي ادب ۾ ٻارن جي لاءِ لکيل شاهڪار ناول طور سڃاڻپ جي حيثيت طور جاءِ والاري سگهي ٿو. سرمد عباسيءَ جو هي ڪتاب ٻارن جي ذهني، اخلاقي ۽ فڪري تربيت لاءِ لازمي پڙهڻ گهرجي. آخر۾ لطيف سرڪار جو بيت عزم، همت ۽ حوصلي جو مضبوط مٿال آهي.
سسيءَ سيج نہ سورهيي، جيھين جوڳي تنـي،
اٿي ويئي اُڀ تي، ڏني تنين ڏَني،
وڙهي واءُ وني، سپرين لاءِ سر ڏنو